منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجـو وجود
تنهنجي نيڻن تي نثار آهن غزال
مور جهڙي موهڻي ها تنهنجي چال
ڪيترا مڌ مست ڪيا تنهنجي جمال
نرم و نازڪ ريشم و ڪم خواب جيان
مان بدن تنهنجي جو ڪهڙو ڏيان مثال
تنهنجي چهري مان ڇڻي ٿي چاندني
تنهنجي لفظن ۾ لڪل ڪا راڳڻي.
تنهنجي زلفن ۾ آ جيڪو خم پرين
منهنجي دل جي ڌڙڪنن کان ڪو پڇي
ڪيئن ٿو مونکي ڪري بي دم پرين.
منهنجي دل جي ڌڙڪنن کان ڪو پڇي
تنهنجي قدمن جون سموريون آهٽون
توسان گڏ گھاريل سموريون ساعتون
ذهن جي پاتال ۾ پيهيون اٿم.
تنهنجي مرڪڻ سان ڇڙيا ڪي ساز هن
روح ۾ جاڳيا ڪيئي آواز هن
اي پرين،منهنجا مٺا، ويجھو ته آ
تنهنجي نيڻن کي چمڻ ٿو چاهيان
تنهنجي نيڻن ۾ ٻڏڻ ٿو چاهيان
پنهنجي نيڻن جا تون دروازا ته کول
مان چمين جون دستڪون پيو ٿو ڏيان.
۽ حيا جي ماڪ تنهنجي لب مٿان
پيار جو پوپٽ پيئي ٿو ۽ جيئي ٿو.
وهم سارا ويا وماسي من منجھان
دل جا سارا دڳ روشن ٿي ويا
عاشقي جا سڀ منارا جرڪيا.
تنهنجي نالي جي نوا اي دلربا
ڄڻ ته خوشبو چوڏسا وئي پکڙجي
دل کي بي پاڙيءَ جيان وئي جڪڙجي.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
جيئن خلائن ۾ ٻکيل آ ڪائنات.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
ايئن آ ضم ٿي ويو جيئن ريت ۾
مينهن جا قطرا وڃائن ٿا وجود.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
جيئن اٺي کان پوءِ جي پياري سڳنـڌ
ها وڃي ٻکجي هوائن سان پئي.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
سانوڻيءَ جي پهرين بارش وانگيان
جنهن سان دل جو ٿر وڃي ٿو واسجي
جنهن سان خوشبو جو سفر ٿئي ٿو شروع
جنهن سان ٿي هر سو وڃي جل ٿل پيو
جنهن جي لئه پٿرائجي اکڙيون وڃن.
منهنجي جيون ۾ پرين تنهنجو وجود
جيئن سِپيءَ جي من ۾ ڪا بوندڙي.
توکي سانڍيان ۽ لڪايان لوڪ کان
توکي دل جي درسني ۾ پيو ڏسان
پنهنجي نيڻن کي جڏهن مان ٻوٽيان
تنهنجي ئي تصوير کي سامهون پَسان
پنهنجي بس تقدير کي سامهون پَسان