هائيڪي تي راءِ
هائيڪو جاپاني صنف آهي پر اها سنڌي ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو، اڄ ڪلھ ڌاري ئي نه ٿي لڳي.
- ڊاڪٽر تنوير عباسي
احسان دانش نئين ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي. هن پنهنجي شاعريءَ جو سفر سندس ئي ٽهيءَ جي ٻن خوبصورت شاعرن سعيد ميمڻ ۽ جواد جعفريءَ سان گڏ شروع ڪيو. ٽنهي جو پنهنجو پنهنجو رنگ آهي، هڪ ٻي کان مختلف ۽ ساڳي وقت منفرد. احسان دانش هر صنف تي قابليت ۽ پختگيءَ سان لکي پنهنجي هم عصرن ۾ پنهنجي جاءَ جوڙي ورتي آهي. هن ٻين صنفن سان گڏ هائيڪو ۽ ٽيڙو جي صنف تي به لکيو آهي.
عام طور هائيڪي ۽ ٽيڙو کي لکڻ آسان سمجھيو ويندو آهي ۽ هر نئون شاعر ان تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر هائيڪو ۽ ٽيڙو لکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھ نه آهي. هائيڪو اصل ۾ جاپاني شاعريءَ جي هڪ خوبصورت صنف آهي، جيڪا ظاهري طرح ته ٽن سٽن تي مشتمل ۽ لکڻ ۾ آسان لڳي ٿي پر منهنجي نظر ۾ جنهن شاعر کي هن صنف جو اصل پس منظر معلوم آهي ان لاءِ لکڻ ايترو آسان نه آهي، ڇو ته هائيڪو هڪ پل جو عڪس ۽ هڪ لمحي جو احساس آهي. هائيڪي / ٽيڙو جي ٽن سٽن ۾ زمان ۽ مڪان، حد ۽ لاحد جا سنڌا ۽ سيڙها ميٽڻ معولي ڳالھ ڪونهي. سادا احساس، سادن لفظن ۾ سادي انداز ۽ سادي هيئت ۾ لکڻ هن صنف جو ڪمال آهي. خاص ڪري اختصار ۽ اشاريت هن صنف جو حسن آهي. هڪ پل جي ڪهاڻي، هڪ لمحي جو درد، هڪ کن جو احساس ۽ جذبي کي لفظن جي لباس ۾ سمائڻ ئي ڪامياب هائيڪي ـــ ٽيڙو جي تخليقي جوهر کي ظاهر ڪري ٿو. احسان دانش جي هائيڪن جو اڀياس ان سموري پس منظر کي اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو. هن وٽ فطرت نگاري، حقيقت نگاري، منظر نگاري ، عڪس نگاري ۽ جذبات نگاري هڪ ئي وقت نظر اچي ٿي ۽ معلوم ٿئي ٿو ته هن نه رڳو جاپاني هائيڪي جو حسن پسيو آهي پر کيس سنڌي ٽيڙوءَ جي اصل روح جي شناسائي پڻ آهي. هن جا هائيڪو ــ ٽيڙو سنڌي ادب جا حسين هائيڪو ۽ ٽيڙو آهن. هو هڪ ئي وقت ڪهاڻيءِ ۾ منظرن کي سمائي ٿو ۽ منظرن کي ڪهاڻي بڻائي ٿو.
احسان دانش جا هائيڪو زمان استمراري جي تاڃي پيٽي ۾ جڙيل آهن ۽ وٽس موسمن جو حسن پڻ موجود آهي، ۽ اهو سڄو پس منظر سندس هائيڪن ۽ ٽيڙن ۾ تخليقي سونهن کي ظاهر ڪري ٿو.
- تاج جويو