او ڌرتــي
او منهنجي سرتي
تنهنجي مٽيءَ جي ذرن ۾
جيڪا جوتي
ڄڻ ڪي موتي.
اوچا ارڏا ڏونگر
صحرا، جهنگل
تنهنجي سيني تي جي ساحل
دريا، ريت، سمندر آهن
ڄڻ سڀ منهنجي اندر آهن.
تنهنجي نالي ۽ حوالي
منهنجي اندر جي دنيا ۾
هڪڙي نئين ڪائنات بڻائي آهي
منهنجي وجود جي ساري خوشبو
تنهنجي ئي نالي سان آهي
اوڌرتي
او منهنجي سرتي
منهنجي دل ۾ تو لئه کوڙ محبت آهي
عزت آهي
منهنجي دل ۾ ڪالھ جيان اڄ تائين سانئڻ
توتان گھور ٿيڻ جو جذبو زنده آهي
زنده رهندو ساڳيو جذبو
جيسيتائين منهنجو ساھ سلامت هوندو
ها ويساھ سلامت رهندو
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
ديس ڌڻين جا تنهنجي مٽيءَ مان ورتي آ مورت
ها ساڳي ئي صورت
ڪوئي ڌاري ڪونه سگھي ٿو
ڪوبه وساري ڪونه سگھي ٿو
سوين سرن جي سا قرباني
جيڪا تنهنجا جوڌا مرڪي ڏيندا ويا
سِر گھورڻ جي اها روايت
صدين جي تاريخ رکي ٿي.
حق جو ڳاٽ هميشه اوچو
۽ باطل جي ڀتِ ڪري ٿي
ڪانئرتا جي سا ديوار ته اڄ به ڀري ٿي
۽ تون اڄ تائين او ڌرتي
پئي ڄڻين ٿي
جوڌا، جُنگ، جوان، جيالا
جن جي هٿن ۾ امرت پيالا
سچائيءَ جي مڌ پيئن ٿا
خوب جيئن ٿا
ڪوڙ ڪپت جو ڪنڌ ڪپن ٿا
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
تنهنجو نعرو ديس ڌڻين جي چپڙن تي
اڄ جيئن زنده آهي
زنده رهندو.
هو ڏس هاڻي
دشمن جيڪو ڄار وڇايو
ڪيئن ڇڄي ٿو
ڏس نفرت جو لاش کڄي ٿو
۽ الفت جو جانجھ وڄي ٿو
او ڌرتي
تنهنجو ذرو ذرو شال
سورج وانگر چمڪي
پيار جي چانڊوڪيءَ ۾ جرڪي
هر مک ٻهڪي
مکڙي مکڙي گل ٿي مهڪي
ڳوٺ، شهر شاداب هجن
هر ماڻهو مرڪي
او ڌرتي
او منهنجي سرتي
او ڌرتي