ست رنگين تي راءِ
- احسان دانش
احسان دانش جو شمار سندس ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن ۾ ٿئي ٿو، هن نه فقط جديد ۽ روايتي صنفن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ جي سهائيءَ سان، ادب جي افق تي رنگ برنگي تارن جهڙا ٻول وکيري، پنهنجو ڌار مقام جوڙيو آهي، بلڪه ”ست رنگي“ نالي نئين صنف سنڌي ادب ۾ متعارف ڪرائي هڪ ”نواڻ پيدا ڪندڙ شاعر“ هجڻ جو اعزاز به ماڻيو آهي. مونکي اها پڪ آهي ته هن اها صنف اهو اعزاز ماڻڻ جي شوق ۾ هرگز ڪانهي متعارف ڪرائي، پر جيئن هر شاعر تي هر هڪ سٽَ پنهنجي اظهار جو ٺهيل ٺڪيل ويس اوڍي لهندي آهي، تئين ئي دانش جي فڪر جي اڱڻ تي هيءَ صنف پنهنجي جداگانه انداز سان ڪنهن سرمئي شام ۾ چوري چوري دٻيل قدمن سان پنهنجا پر پکيڙي اچي لٿي هوندي، جنهن جو ادراڪ خود شاعر کي به پني جي سيني تي ستن ئي سٽن جي مڪمل طور درج ٿي وڃڻ کان پوءِ ٿيو هوندو. ڇاڪاڻ ته احسان دانش جون ست رنگيون پڙهندي، ڪٿي به شعوري ڪوشش جو رنگ ۽ انگ نظر نه ٿو اچي ۽ هن صنف جي بيساختگي، ان جو پاڻ مرادو ارتقا جو بيان ڏئي ٿي.
احسان دانش جي تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ۾ ستن سٽن ۾ ساڳي قافيي جي پابندي هوندي، هر سٽ ۾ موضوع جي لحاظ کان الڳ الڳ اظهار فقط ڏکيو ئي نه بلڪه شاعريءَ جي ”مڪتبه عشق“ (جنهن کي ٻين لفظن ۾ ’مڪتبه سخن‘ چئجي) جي گوسڙو شاگردن لاءِ هڪ سخت سزا وانگر به آهي، جنهن کان يقينا کوڙ سارا شاگرد لنوائڻ ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش به ڪندا ۽ کوڙ شاگرد شايد احسان جي آندل نواڻ کي قبول به نه ڪن. پر احسان دانش کي آءٌ مبارڪون ڏيندي اهو واضح طور چوڻ چاهيندس ته کيس يا سندس تخليق ڪيل هن سهڻي صنف ”ست رنگي“ کي ڪنهن به روايتي نقاد پاران قبوليت واري سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي، ڇاڪاڻ ته ”ست رنگي“ جي انفراديت ۽ اسلوب جو حسن خود سندس سرٽيفڪيٽ آهي.مونکي پڪ آهي ته سنڌي ادب جو هر غير جانبدار نقاد هن صنف جو دل سان آڌر ڀاءُ ڪندو.
- ياسر قاضي