ڪـا اک نه آلـي آءٌڏسـان
هن سال ته گذريل سالن جيان
ڪو خون نه ٿي
ڌاڙو نه لڳي ۽ ڦر نه ٿئي
ها لڄ نه نياڻين جي لٽجي
۽ گوليءَ جي ٻولي نه هلي
بس ڪو نه مري مظلوم هتي.
ڪا آھ نه عرشن تي پهچي
ڪا دانهن نه دلين کي ڏاري
ڪا ڪوڪ نه سينن کي چيري.
ڪنهن ماءُ جي پياري پٽڙي کي
گولي نه لڳي
۽ خون سان ڪو هولي نه ڪري
ڪنهن ڀيڻ کان پنهنجو ڀاءُ هتي
ڪو ڪين ڇني
هر وني سهاڳڻ شال هجي
ڪو لڙڪ نه اکڙين ۾ ڏسجي
ڪو گھاءُ نه سينن منجھ پئي
مان سڏڪو ڪونه ٻڌان ڪوئي
۽ مظلومن جي جسمن تي
مان ڦٽڪو ڪونه پسان ڪوئي.
هي دهشتگرديءَ جون دانهون
ماڻهن جون ڪپيل ڄنگھون ٻانهون
گھرڙن کي چوڌاري باهيون
هي روئندڙ ٻار، ٻڍا، مايون
ڪنهن ڪنهن کي ويٺا پرچايون!
انسان رهيو انسان نه آ
حيوان ٿيو انسان مٺا
هي ڪهڙي افراتفري آ!
هي ڇا جو هُل هنگامو آ!؟
هي چهرا پيلا پيلا ڇو؟
هي ماڻهو نانگن وانگر اڄ
ٿي ويا آهن زهريلا ڇو؟!
ٿو جذبن جو قتلام ٿئي
هي ظلم پيو هر گام ٿئي
ها! نيٺ ته ڪو سورھ ايندو
ها! نيٺ ته ڪو جوڌو ايندو
جو درد نگر جي واسين جي
تقديرن کي بدلائيندو
هن ڌرتيءَ تي مالڪ سائين
شل پنهنجو رحم ۽ ڪرم ڪري.
ڪا اک نه آلي آءٌ ڏسان
ڪو جھول نه خالي آءٌ ڏسان
ها ٽهڪن جا ٽانگر جھومن
۽ لڙڪن جا ٿوهر نه هجن
هر پاسي انڊلٺ رنگ هجن
شل اهڙو سال اچي هيڪر
جو زخم صدين جا سُڪڙائي
۽ امن جي خوشبو ڦهلائي.