انتساب: هالا جي ماسي عاشي سيٺياڻيءَ نالي
ماسي عاشيءَ کي مون ننڍي هوندي کان پنهنجي گهر ۾ ڏاڏيءَ سان ملڻ لاءِ ايندو ڏٺو. اسانجي ڏاڏيءَ مون کي نپايو. سندس گهروارو- يعني منهنجو ڏاڏو محمد رحيم تڏهن گذاري ويو جڏهن منهنجو والد گل محمد ٻئي درجي ۾ هو. سال ڏيڍ بعد منهنجو چاچو احمد يعني ڏاڏيءَ جو ننڍو پٽ به گذاري ويو. ان ڪري منهنجي ڏاڏيءَ جو ساهه سندس اڪيلي پٽ يعني منهنجي والد ۾ هو ۽ پوءِ منهنجي ڄمڻ تي هن مون کي هر وقت پاڻ سان ٿي رکيو. اسڪول سو ڇڏيو ٿي، سو به پاڙي واري جي ڪنهن وڏي سان، باقي وقت مون کي پاڻ سان ٿي رکيو. منهنجو والد نوڪريءَ جي سلسلي ۾ ٻاهر ٿي رهيو. گهڻو ڪري مٺي ۽ اسلام ڪوٽ پاسي جتي انهن ڏينهن ۾ روڊ يا ڪارون نه هيون ۽ ماڻهن کي اُٺن تي وڃڻو پيو ٿي. منهنجي ڏاڏي پاڻ سو پڙهيل نه هئي، کيس الف ب به لکڻ نٿي آيو، پر هوءَ سخت ڊسيپلين واري ۽ تعليم جي حق ۾ هئي. نماز روزي جي پابند هئي. انهن ڏينهن ۾ انگريزي پڙهڻ وارن کي ڪافر سمجهيو ويو ٿي. پر منهنجي ڏاڏيءَ منهنجي والد کي فقط فائنل جا ست درجا پڙهائڻ بدران هن کي مئٽرڪ ڪرائي ۽ هو هالا مان پهرين ٻارن مان هو جن مئٽرڪ ڪئي. سندن ٻيا ساٿي هئا: محمد سعيد انصاري (ڪمانڊر نجم ۽ انور وارن جو والد)، پروفيسر شفيع محمد متقي (پروفيسر زرينه جو والد)، محمد صديق تورپيو، محمد صديق گاجڻي ۽ ڊاڪٽر محمد اشرف متقي، وغيره.
انهن ڏينهن ۾ يعني اڄ کان سئو سال کن اڳ مئٽرڪ بعد ڪيترن کاتن ۾ ڪلارڪي ۽ سپرنٽنڊنٽيءَ کان وٺي اسڪول جي ماستريءَ تائين نوڪري آسانيءَ سان ملي وئي ٿي، پر منهنجي ڏاڏيءَ پنهنجي پٽ کي وڌيڪ پڙهائڻ چاهيو ٿي. ٽنڊوڄام ۾ ايگريڪلچر ڪاليج نه کليو هو سو منهنجي والد کي انهن ڏينهن جي برٽش انڊيا ۾ اڄ واري مهاراشترا صوبي جي شهر پوني وڃڻو پيو. بهرحال هن پوني مان B.Sc. ڪئي، ان بعد ڪراچيءَ مان Law پڙهيو. بعد ۾ ڪارنيل يونيورسٽي اِٿيڪا (آمريڪا) مان ائگريڪلچر سائنس ۾ به ماسٽرس ڪئي. ڪجهه عرصو منهنجي نانيءَ جي ڀاءُ ماما وڏي (جسٽس عبدالرحمان مرزا- جسٽس حامد علي مرزا جي والد) وٽ وڪالت ڪرڻ بعد PCS جو امتحان ڏئي مٺيءَ ۾ مختيارڪار ٿيو.
هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مون پرائمري اسڪول شروع ڪيو هو. اسڪول بعد سڄو ڏينهن ڏاڏيءَ جي ڪڇ ۾ ويٺو هوندو هوس ۽ هن جون ڳالهيون ٻڌندو هوس يا هن وٽ ايندڙ هن جي ساهيڙين جون! ڏاڏيءَ کي مون ڪڏهن ڪنهن جي گهر ويندي نه ڏٺو ۽ نه وري ڪو هن وٽ گهڻيون مايون آيون ٿي. هن جون خاص خاص دلپسند ساهيڙيون هونديون هيون جن جو هوءَ انتطار ڪندي هئي ۽ هنن سان ڪچهري ڪندي هئي. خاص ڪري ڀرواري ڪَڪَا محلي جي ٻن ميمڻ عورتن سان. منهنجي ڏاڏي پاڻ به ميمڻ هئي.
منهنجي ڏاڏيءَ جي انهن فئوريٽ عورتن مان هڪ ماسي عاصت ڦوڳياڻي (ماستر محمد صالح ميمڻ هيڊ ماستر جي والده، ۽ ڊاڪٽر امتياز ۽ انجنيئر الطاف وارن جي ڏاڏي) هئي. هوءَ آچار ٺاهڻ کان به مشهور هئي. ٻي ماسي عاشي سيٺياڻي هئي، جيڪا منهنجي والد جي کير شريڪ ڀيڻ به هئي. هوءَ فقط نالي جي سيٺياڻي نه هئي پر هن جي فئملي جو هالا جي امير خاندان سان تعلق هو. سندس سهرو (يعني سندس مڙس حاجي عبدالطيف عرف حاجي بچل جو والد) حاجي عبدالعليم سُٽَ، ڪپڙي ۽ رنگن جو وڏو واپاري هو ۽ هو ”سيٺ“ سڏيو ويو ٿي. ان کان علاوه هو زميندار به هو جنهن جي زمينن جو وڏو حصو هالا جي وچ شهر ۾ هو، جتي اڄڪلهه هالا جو اسڪول ۽ ڪاليج آهن. چون ٿا ته سيٺ عبدالعليم جي وڏي پٽ سيٺ محمد حسن کي جڏهن چئن نياڻين: ماسي شاربانو، ماسي گلاب، ماسي سارل ۽ ماسي بچائي بعد پهريون پٽ ڄائو ته هن خير خيرات ۽ مٺائيون ورهائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. هو ”کوه مٺا ڪري ڇڏڻ “ واري چوڻي ته توهان ٻڌي هوندي؟ سيٺ عبدالعليم سندن گهٽيءَ جي کوهه کي شربتن سان مٺو ڪري ڇڏيو. (هي کوهه ”ڪَڪَن جي مسجد“ ۽ شمس الدين جي ”ميمڻ بڪ اسٽور“ جي وچ ۾ هوندو هو جيڪو 1980بعد بند ٿي ويو). سندس نالو محمد يعقوب پڙڏاڏي جو رکيو ويو پر کيس هميشه پيار جي نالي ”گلو“ سان سڏيو ويو.
ان خوشيءَ جي موقعي تي سيٺ عبدالعليم مخدومن (پنهنجي مرشدن) کي مٺائي طور اها اسڪول ۽ ڪاليج واري زمين تحفي ۾ ڏني. محمد يعقوب (گلو) بعد سيٺ حسن کي ٻيو به پٽ قمر دين (قمرو) ڄائو، ان بعد ٽي نياڻيون: قمرالنساءَ (قمري)، نجمه ۽ ممتاز ڄايون. سندن گهر سيٺ عبدالطيف (حاجي بچل) جي ئي سامهون هوندو هو. گلو مون کان سال کن وڏو هو ۽ قمرو سال کن ننڍو. انهن سڀني ڀائرن ڀينرن ۽ جتي جتي انهن جي شادي ٿي انهن فئملين سان اسان جي به واقفيت رهي. ظاهر آهي سڀ شهر جا بلڪه ڀر وارين گهٽين جا ماڻهو ٿياسين. اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان ته سيٺ محمد حسن جي ست ڌيئن ۽ ٻن پٽن مان فقط ننڍي ڌيءَ ممتاز حيات آهي.
پاڻ ماسي عاشيءَ (عاشئته) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ۽ اهو سال 1953ع هوندو جڏهن کان مون هن کي اسان جي ڏاڏيءَ سان ڪچهري ڪندي ڏٺو. آئون نَوَ سال کن جو اڃان پرائمري اسڪول ۾ هوس. مون کي ياد آهي ته هر عيد تي منهنجي ڏاڏي مون کي ٻه پليٽون کيرڻيءَ جون الڳ الڳ ڪپڙن ۾ ٻڌي ڏيندي هئي ته سندس ساهيڙين ماسي عاصت ۽ ماسي عاشيءَ جي گهر ڏئي اچان. مون کي اڄ به انهن جي گهرن جي بيهڪ ياد آهي ۽ مهينو ڏيڍ اڳ مون ماسي عاشيءَ جي ناٺي حاجي ونهيون (ادي حليمه/ حلوءَ) جي گهر واري کي چيو هو ته منهنجو هالا اچڻ ٿيو ته پاڻ ان پراڻي ڪَڪَن جي گهٽيءَ ۾ ماسي آصت ۽ ماسي عاشيءَ جي گهر ضرور هلنداسون چاهي محلي جي انهن گهرن مان ڪنهن ۾ انهن جو اولاد رهي ٿو يا نه. جهونن ماڻهن مان هاڻ فقط حاجي ونهيون ۽ ماسي عاشيءَ جي وڏي ڌيءَ زيب النساءَ (زيبو) حيات آهن. ونهيون اسان کان پنج ڇهه سال وڏو آهي. اسان جڏهن انگريزي پهرين درجي ۾ هاءِ اسڪول ۾ آيا هئاسين ته هو مئٽرڪ (يعني ستين درجي/ اڄ جي ڏهين ڪلاس) ۾ هو. ونهيونءَ جي شخصيت ننڍي هوندي کان لاجواب رهي آهي. محنتي، کِل مُک، دوست يار ۽ همدرد انسان آهي. ماڻهن کي سندس نالو ونهيون منفرد لڳندو جيڪو “ونهيان ۽ ويڙهيچا“ مان ورتل آهي. هونءَ ونهيون ماسي عاشيءَ جو نه فقط ناٺي پر ڀاڻيجو (ننڍي ڀيڻ حَول جو پُٽ) به ٿئي.
اسانجو شهر جيڪو جنڊي، ڪاشي، سوسي، اوڄي، ڌاڳي سُٽَ، رنگن ۽ ڇر جي ڪمن کان مشهور ۽ واپار ۾ مٿاهين درجي جو هو ان جي بزنيس جو گراف ٻي جنگ عظيم بعد ڏينهون ڏينهن ويو هيٺ ٿيندو. انگريزن جو راڄ اڃان قائم هو. انگريزن جيتوڻيڪ جرمنن کان جنگ کٽي پر معاشي توڙي سياسي طور هُو اپاهج ٿي پيا. ان جو اثر سڄي ننڍي کنڊ جي ڪاروبار تي به پيو. اسان جي شهر هالا جا به ڪيترائي وڏا وڏا واپاري ۽ سيٺ تڙ پٽ ٿي ويا. بقول سيٺ محمد حسن جي انجنيئر پوٽي (قمرالدين جي پٽ) ارشاد جي ته ”اسان ته جڏهن کان هوش سنڀاليو ته اسان کي Survival ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پئجي وئي.“
بهرحال 1940ع واري ڏهاڪي کان حالتون خراب ٿي ويون ۽ وڏا وڏا سيٺ قرضي ٿي ويا. جياپي لاءِ هر هڪ پورهيو ڪرڻ لڳو. ماسي عاشيءَ جو گهر وارو حاجي عبدالطيف (سيٺ بچل) به تاڃي پيٽي ۽ اڻت جو ڪم ڪرڻ لڳو ۽ اهڙين حالتن ۾ جڏهن زندگي ”آڻيون ۽ چاڙهيون ڏٿ ڏهاڙي سومرا“ جي گردش ۾ اچي وئي، ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري ڊاڪٽر يا انجنيئري پڙهائڻ هڪ محال ڪم ٿي پيو هو. هونءَ به هي اهو دور هو جو مئٽرڪ تائين پڙهيل ڳڙهيل ئي مشڪل سان نظر ٿي آيو. پر ماسي عاشيءَ جي اها خواهش هئي ته هن جو پٽ محمد خان ’انجنيئر‘ ٿئي. هوءَ پنهنجي ان خواب جو اظهار هر وقت منهنجي ڏاڏيءَ سان ڪندي رهي ٿي. محمد خان جي ڏاڏي سيٺ حاجي عبدالعليم جو به اهو ئي ارادو هو پر افسوس جو هن جي زندگيءَ ۾ محمد خان مئٽرڪ به نه ڪري سگهيو. ماسي عاشيءَ همٿ نه هاري. هن گهر ۽ محمد خان جي پڙهائيءَ جي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ محلي جي گهر گهر ۾ وڃي مختلف شين جو وڪرو شروع ڪيو. انهن ڏينهن ۾ زناني چئمپل کان فيشني پرس، ڪوڙن ڳهن کان شيشي جون چوڙيون خريد ڪرڻ لاءِ هالا جا ماڻهو حيدرآباد ويندا هئا. ماسي عاشيءَ اهڙين گهربل شين جي ڪراچيءَ مان وڏي تعداد ۾ خريداري ڪري گهر گهر ۾ وڪرو شروع ڪيو. ماسي عاشيءَ جي انهن شين جي چونڊ ۽ ورائٽيءَ جو ٽيسٽ ايڏو ته سٺو هو جو سندس شيون جلد ئي وڪرو ٿي ويون ٿي. مون کي ياد آهي ته منهنجا مائٽ مٽ به ماسيءَ عاشيءَ کي منٿون ڪندا هئا ته جيئن ئي ڪراچيءَ مان نئون مال اچي ته پهرين اسان وٽ آڻجانءِ.
ماسي عاشيءَ اهو پورهيو ۽ کٽراڳ ڪئين سال ڪيا ۽ پوءِ مون کي ياد آهي ته هن اچڻ ڇڏي ڏنو. ماڻهو انتظار ڪندا رهيا ته ماسي عاشي چاق ته آهي، مهينا ٿي ويا آهن نظرئي نٿي اچي! پڇا تي هن ٻڌايو ته هن زندگيءَ ۾ جيڪي چاهيو ٿي رب پاڪ هن کي اهو عطا ڪيو. هن جي پٽ محمد خان ميمڻ نه فقط انجنيئري پاس ڪري ورتي آهي، پر نوڪريءَ سان به لڳي ويو آهي.
ماسي عاشيءَ سان زندگيءَ گهڻي وفا نه ڪئي. هوءَ سگهو ئي 40 سالن جي ننڍي عمر ۾ 1961ع ڌاري وفات ڪري وئي. مون ڪنهن هنڌ لکيو آهي ته هالا ۾ پهريان MBBS ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ ۽ ابراهيم ميمڻ گاجڻي ٿيا جيڪي اسٽيٿا اسڪوپ ذريعي مريض جي نبض ڏسڻ لڳا نه ته ان کان اڳ ۾ شهر جا حڪيم پنهنجين آڱرين ذريعي مريض جي نبض ڏسي هن جي بيماري ۽ علاج ٻڌائيندا هئا. انهن سڀني ۾ قاضي معين اعليٰ درجي جو ’نبض شناس‘ مڃيو ويو ٿي. مون پاڻ به هن کي ڏٺو. هن سان اسان جي مائٽي به هئي. منهنجي والد جي پڦي هن جي گهر واري هئي. هن جي پٽ گل چينائيءَ ۽ بعد ۾ هن جي پوٽي قاضي عبدالقيوم دعا درود ۽ موتي فوتي ۽ نڪاح پڙهائڻ جا ڪم ڪيا ٿي. قاضي معين جو پڙ پوٽو، جنهن تي سندس نالو معين الدين رکيل آهي، اهو سعودي عرب ۾ هو پر هاڻ شايد مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پروفيسر آهي. سندن گهر يعني قاضي معين جو گهر ماسي عاشي ۽ اسان جي گهر جي وچ ۾ هو. قصو مشهور آهي ته هڪ ڏينهن ماسي عاشي اسان جي گهران ٿي پنهنجي گهر پئي وئي ته هُن 80 سالن جي هن پوڙهي ۽ ڪمزور قاضي معين کي گهران نڪرندي ڏٺو. ماسي عاشيءَ پنهنجي ٻانهن هن حوالي ڪندي چيو ته ”قاضي صاحب! منهنجي نبض ته ڏسجانءِ، مون کي هلڻ ۾ به سهڪو ٿي رهيو آهي“.
حڪيم صاحب نبض ڏسي چيس: “سيٺياڻي تنهنجي زندگي ته 8 ڏينهن به ڪانهي. وڃي پنهنجا ڪم ڪاريون لاهه“.
ماسي عاشي پريشان ٿي وئي ۽ پنهنجي گهر وڃڻ بدران پنهنجي ننڍي ڀيڻ کديت (تاج محمد جي زال/ شرف الدين، محمد رحيم ۽ ساران جي ماءُ) وٽ اچي حال اوريائين. ڀيڻ کيس آٿت ڏني ۽ دعا ڪئي ته ”ڊگهي ڄمار ماڻيندينءَ ۽ پنهنجن ننڍن ٻچن کي پالي وڏو ڪندينءَ. قاضي معين ڪڏهن ڪڏهن چرچا به ڪندو آهي.“ پر افسوس جو هوءَ هفتي اندر ئي رات جو ننڊ ۾ گذاري وئي، شايد دل جو دورو پيس. ان وقت سندس ننڍو ٻار سڪينه (جنهن جي بعد ۾ ماسي عاشي جي ننڍي ڀاءُ محمد ابراهيم جي پٽ اقبال سان شادي ٿي) ٽن چئن سالن جي مس هئي، ۽ مونکي ياد آهي ته ڪو چاليهن ڏينهن بعد، يعني ماسي عاشيءَ جو چاليهو هلي رهيو هو ته کيس ڏوهٽو (يعني سندس ٻيو نمبر ڌيءَ ڪزبانوءَ کي پُٽُ) نجم الدين ڄائو هو. ان مان سندس exact عمر جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. بهرحال ماسي عاشيءَ جي گذاري وڃڻ تي يڪدم قاضي معين کي گهرائي هن جي وفات جي پڪ ڪئي وئي. جيئن اڄ ڪلهه ڪنهن مائٽ عزيز جي وفات تي حد جي سرڪاري ميڊيڪل آفيسر کان ڊيٿ سرٽيفڪيٽ وٺڻ ضروري آهي تيئن انهن ڏينهن ۾ ڪفن دفن کان اڳ قاضي معين کي گهرائي پڪ ڪرڻ لازمي هوندو هو ته نبض واقعي بيهي ويئي آهي يا ان ۾ سَت ذرو آهي ۽ مريض جي چڙهڻ جي اميد آهي.
ماسي عاشيءَ کي نَو ٻار ٿيا. وڏو پٽ محمد خان، ان بعد زيب النساءِ (زيبو)، ڪذبانو (ڪذو)، حليمان (حلو)، عبدالرزاق، عبدالعليم (ڏاڏي جو نالو)، فاطمه، حسين ۽ آخري سڪينا. ماسي عاشيءَ جو پٽ محمد خان ميمڻ ڪراچيءَ جي NED ڪاليج مان B.E ڪرڻ بعد SDO ٿيو. ان بعد ايگزيڪيوٽو انجنيئر ۽ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر ٿيندو چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ سال 1994ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. ان بعد هن پنهنجي ڪنسلٽنسي کولي جيڪا ڏهه سال کن هلائڻ بعد 2004ع ۾ هن کي اِرسا Indus River system Authority لاءِ چونڊيو ويو جتي هن نوڪريءَ جا ٻه مدا پورا ڪيا جن ۾ پنج سال هو ميمبر رهيو ۽ هڪ سال چيئرمئن. سائين محمد خان 1934ع ۾ ڄائو ۽ پهرين جنوري 2019ع تي، 85 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
اڄ ٿو سوچجي ته اهو به هڪ دور هو جنهن ۾ الف ب کان هڪ اڻ واقف عورت ماسي عاشيءَ همٿ ۽ جذبي سان ظاهري طرح ته فقط هڪ ٻار کي انجنيئر بنائين پر بعد ۾ سڄي خاندان مٽن مائٽن هن کي فالو ڪيو ۽ اڄ هالا ۾ سڀ کان گهڻن انجنيئرن، ڊاڪٽرن ۽ اعليٰ تعليم يافته مردن توڙي عورتن جو تعلق ماسي عاشيءَ جي خاندان سان آهي. ڪجهه جا نالا جيڪي منهنجي ڌيان ۾ هن وقت اچي رهيا آهن، اهي آهن: مرحوم محمد خان جا پٽ: پروفيسر عبدالرشيد ميمڻ B.E نديم ميمڻ MBA ۽ ڪاشف ميمڻ B.E ڪذبانوءَ جو پٽ نجم الدين سپرنٽنڊنٽ انجنيئر مڪينيڪل ۽ شفيع محمد سول انجنيئر، حليمان جو پٽ فريد احمد سپرنٽنڊنٽ، پنڃاري سرڪل، ڌيءَ زرينه ميمڻ B.E ڪمپيوٽر. حاجي عبدالرزاق جو اولاد: عائشه MBBS، مريم B.E (اليڪٽرڪ)، حنا MBBS، جيجا MBA ۽ عبدالطيف MBA، عبدالعليم جي ڌيءَ شميم B.E اليڪٽرانڪس. حاجي حسين جي پٽ ذوالفقار MBA ڪئي. ڪاش اڄ ماسي عاشي حيات هجي ها ته هن کي چئي سگهجي ها ته تو نه فقط پنهنجي پٽ محمد خان کي تعليم ڏياري پر پنهنجن پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين ۽ پاڙي وارن کي پڻ - جن مان ڪجهه جا نالا مٿي لکيا اٿم. تعليم ۾ نه رڳو ماسي عاشيءَ جو اولاد اڳيان وڌي ويو پر محمد خان مان inspiration حاصل ڪري هن جي سوٽن جو اولاد، ماسي عاشيءَ جي ڀيڻن ۽ ڀائرن جو اولاد ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ٿيا، جن جي هڪ ڊگهي لسٽ آهي. انهن سڀني کي ان ڪم جو ڪريڊٽ ماسي عاشيءَ کي ڏيڻ کپي، جنهن هڪ ڪلچر ئي بدلائي ڇڏيو ۽ واپاري پيشه خاندان کي تعليم يافته بنائي ڇڏيو ۽ هن جيڪا جفاڪشي ۽ جدوجهد ڪئي، ان جو هڪ شاهد آئون به آهيان. هوءَ هڪ عظيم عورت هئي جنهن محنت ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ ۾ ڪڏهن به شرم محسوس نه ڪيو. رب پاڪ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.
الطاف شيخ
ڪراچي
1 ڊسمبر 2020