الطاف شيخ ڪارنر

پھتا ات پانڌيئڙا

ھي ڪتاب مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن  ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پھتا ات پانڌيئڙا

اسانجو جهاز مالي ملڪ جو سامان لاهڻ لاءِ ڊڪار بندرگاهه ۾ پهتو

منهنجا هي مضمون پڙهندڙن لاءِ آفريڪا نقشي جو سامهون هجڻ ضروري آهي. ٿي سگهي ٿو اخبار وارا يا ڪتاب ڇپڻ وارا تصويرن سان گڏ ڪجهه نقشا به ڏين جن سان پڙهندڙن کي ملڪن ۽ شهرن جي جاگرافيءَ جي ڄاڻ ٿي سگهي. اهي، جن اڳيان آفريڪا جو نقشو ناهي انهن کي اهو ئي چوندس، جيڪو آئون پنهنجن شاگردن کي چوندو آهيان ته آفريڪا کنڊ جو نقشو ماڻهوءَ جي منهن وانگر آهي. ان ڪري هن جو نرڙ سمجهو ته مصر، لبيا، ٽيونيشيا، الجيريا ۽ موراڪو آهي ۽ مٿو ۽ ان جا وار ميڊيٽرينين سمنڊ ٿيو. هن جي کاڏي سائوٿ آفريڪا ٿي جتي منهن جو ساڄو ۽ کاٻو پاسو ملي ٿو. منهن جو ساڄو پاسو آفريڪا جو اولهه وارو ڪنارو سمجهو جنهن تي مٿان ڪن کان وٺي کاڏي (سائوٿ آفريڪا) تائين ماريطانيا، سينيگال، لائيبيريا، گهانا، ڪئمرون، گئبن، ائنگولا ۽ نميبيا جهڙا ملڪ آهن ۽ منهن جي کاٻي پاسي يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري تي صوماليا، ڪينيا، تنزانيا، موزمبق جهڙا ملڪ آهن. هاڻ آفريڪا کنڊ جي اولهه ڪناري، يعني منهن جي ساڄي پاسي واري ڳل کي جيڪو سمنڊ ڇهي ٿو اهو ائٽلانٽڪ سمنڊ آهي جيڪو آمريڪا کنڊ تائين پکڙيو پيو آهي. منهن جي کاٻي پاسي (يعني آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري) کي جيڪو سمنڊ ڇهي ٿو اهو “هندي وڏو سمنڊ” (Indian Ocean) آهي جيڪو ملائيشيا ۽ هيٺ آسٽريليا تائين هليو وڃي ٿو. منهن جي ٻنهي پاسي جيڪي اهي مختلف سمنڊ آهن اهي هيٺ کاڏيءَ وٽ هڪ ٻئي سان ملڻ ڪري ڪافي مانڌاڻ مچائين ٿا ۽ اهو ئي سبب آهي جو صدين تائين جهازرانن ان کاڏيءَ واري هنڌ تي - يعني سائوٿ آفريڪا ملڪ تائين پهچڻ يا ان سمنڊ (ڪيپ آف گڊ هوپ) کي اڪرڻ جي همٿ نٿي ساري. جن همٿ ڪئي ٿي اهي سمنڊ اندر هليا ويا ٿي ۽ پوءِ واسڪو ڊاگاما پهريون جهازران (ناکئو، Navigator) هو جنهن پنهنجي سڙهه واري ڪاٺائين جهاز کي ائٽلانٽڪ سمنڊ مان ڇڪي “ڪيپ آف گڊ هوپ” سمنڊ ٽپرائي ماڻهو جي منهن جهڙي آفريڪا کنڊ جي ٻئي پاسي يعني هندي وڏي سمنڊ ۾ پهچي ويو.
اڄ به سمنڊ ساڳيا آهن، ڌرتيءَ جو شيپ ساڳيو آهي، ساڳيا طوفان ساڳيون سمنڊ جون ڇتيون ڇوليون آهن، پر اڄ لوهه جا آفت جيڏا وڏا ۽ مضبوط جهاز آهن جيڪي ڪپڙي ۽ ٽاٽ جي سڙهن ۽ هوائن جي رحم ڪرم تي نه پر طاقتور انجڻن تي هلن ٿا. سمنڊ جو هڪ هڪ ميل مئيل ۽ ماپيل آهي، سمنڊ جي چپي چپي جي ماڊرن اوزارن ذريعي خبر پوندي رهي ٿي ته هيٺ ڇا آهي، سخت ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي ۾ به راڊار ۽ ٻين اوزارن ذريعي خبر پوندي رهي ٿي ته سامهون کان ۽ اوسي پاسي کان ڪيڏا وڏا ۽ ڪيڏي رفتار سان جهاز لنگهي رهيا آهن ۽ جيتوڻيڪ جهڙ ۽ مينهن ۾ چنڊ تارن ذريعي رستو معلوم نٿو ڪري سگهجي پر “سئٽلائيٽ نيويگيٽر” ذريعي اسان کي هر وقت خبر پوندي رهي ٿي ته اسانجو جهاز ڪهڙي رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي ۽ اهو ان وقت دنيا جي گولي تي ڪهڙي ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) تي ۽ ڪهڙي ڊگهائي ڦاڪ (Longitude) تي آهي.
اسان جي ڏينهن ۾، يعني جيڪي سال آئون جهازن تي رهيس، اسان جا جهاز کاڌي پيتي جون شيون به ٻين ملڪن ڏي کڻي ويندا هئا. هڪ ٻه دفعا آئون اهڙن جهازن تي رهيس جيڪي چانور کڻي جپان ويندا هئا ۽ ٻئي پاسي آفريڪا جي آئوري ڪوسٽ ملڪ جي بندرگاهه “عابد جان” ۽ ڪيوبا جي بندرگاهه “هوانا” ڏي به ويا ٿي. گوار جو چورو ناروي جي جانورن جي چاري لاءِ ٽرنڍهام ۽ بودو نالي بندرگاهه ۾ کڻي وياسين. هڪ دفعي پٽاٽن سان ڀريل جهاز ڪولمبو (سريلنڪا) وٺي وياسين.
آمريڪا کان جڏهن ڪراچي وطن موٽندا هئاسين ته اتان، رستي تي لاهڻ لاءِ، جدي (سعودي عرب) ۽ پورٽ سوڊان (سوڊان) بندرگاهن لاءِ موٽر ڪارون ۽ ٻيو سامان کڻي ايندا هئاسين. پر جي سئيز ڪئنال مان ٽپي بحر احمر ۾ اچڻ بدران ڪيپ آف گڊ هوپ وٽان آفريڪا جو ڦيرو ڪرڻو پوندو هو ته ڊڪار (سينيگال) يا ائنگولا ۽ موزمبق لاءِ سامان کڻي نڪرندا هئاسين جو اتي جهاز لاءِ تيل ۽ جهاز وارن لاءِ راشن پاڻيءَ لاءِ هون ئي ترسڻو پوندو هو. ڊڪار (سينيگال) تي فرينچن جي حڪومت رهي هئي ۽ ائنگولا ۽ موزمبق ۾ پورچوگالين جي. انهن سڀني ملڪن کي اسان کان گهڻو پوءِ، پر جن ڏينهن ۾ اسان ويندا هئاسين، انهن جي ويجهڙائيءَ ۾ يورپين کان آزادي ملي هئي. انهن ملڪن ۾ انگريزي گهٽ ٿي ڳالهائي وئي. سڀني فرينچ ۽ پورچوگالي ٿي ڳالهائي. ڊڪار اسان لاءِ وڌيڪ سڻائو بندرگاهه هو جتي ڪڏهن ڪڏهن ڀر وارن يا اندروني ملڪن جو سامان به لاهي ويندا هئا سين.
هڪ دفعي آمريڪا مان واپسي تي آمريڪا وارن اسان جي جهاز تي ڪڻڪ چاڙهي جيڪا سينيگال جي بندر گاهه “ڊڪار” ۾ ڀر واري ملڪ مالي (Mali) لاءِ لاهڻي هئي. اها ڳالهه اسان کي بعد ۾ ٻڌائي وئي. پهرين مون سمجهيو ته اها ڪڻڪ ڪراچيءَ لاءِ پئي چڙهي. هاڻ ته ڪڻڪ يا چانور جهڙو اناج ڦوهارن ذريعي يا ڪنٽينر دٻن ۾ پئڪ ٿيل آهي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ جهاز ڀريو وڃي ٿو، پر انهن ڏينهن ۾ اهي طريقا شروع نه ٿيا هئا سو ڳوڻين ذريعي جهاز تي لوڊ ٿيڻ ۾ اسان کي هفتو ڏيڊ بندرگاهه ۾ رهڻ جو موقعو ملي ويو ٿي ۽ خوش هئاسين ته ڪراچيءَ ۾ لهڻ ۾ به ايڏو وقت لڳندو، يعني هوم پورٽ ۾ جهاز کي ترسڻ ۾ وڌيڪ ڏينهن لڳي ويندا. پر آمريڪا جو بندرگاهه ڇڏڻ کان ڏينهن ٻه اڳ جهاز جي “سيڪنڊ ميٽ” (ڪئپٽن کان ٻه رئنڪون هيٺ) ٻڌايو ته اها ڪڻڪ ڪراچي لاءِ ٿي نٿي سگهي جو اسان جو ملڪ اناج پاڻيءَ ۾ Self Sufficient آهي. اها سُريل ڪڻڪ پڪ ڪنهن آفريڪي ملڪ کي آمريڪا خيرات طور ڏني هوندي يا آفريڪي ملڪ جي ڪنهن ڪرپٽ سرڪاري ڪاموري ڪميشن کائي پنهنجي ملڪ لاءِ وڏي اگهه تي خريد ڪئي هوندي.
اسان کي منزل ٻڌائڻ بدران في الحال ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ چيو ويو. منزل (Destination) جو فيصلو ڪنفرم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ائين به ٿيندو آهي. مثال طور ڪي جهازن جا مالڪ يا جهاز کي چارٽر ڪرڻ وارا ائين به ڪندا آهن ته جهاز کي ڪراچيءَ مان سيمينٽ سان ڀرائي اسان کي جهاز کي خليج فارس يا بحر احمر سمنڊ ڏي هلڻ لاءِ چوندا آهن جنهن لاءِ اسان کي چار پنج ڏينهن ته لڳي ويندا آهن تيسين هو ڏينهن ٻه آفيس ۾ ميٽنگون ڪري فيصلو ڪندا آهن ته اهو سيمينٽ ايران جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لاهڻو آهي يا دوحا، دبئي عدن ۾ لاهڻو آهي يا جدي يا پورٽ سوڊان ۾.... يا اڃا اڳيان سئيز ڪئنال لتاڙي ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪنهن بندرگاهه بيروت، طرابلس، سڪندريا بندرگاهه ۾ لاهڻو آهي ۽ پوءِ فيصلو ڪرڻ تي اسان کي اطلاع ڪيو ويندو آهي ۽ ان بندرگاهه ۾ اسانجي جهاز ران ڪمپنيءَ جي نمائندي کي به اطلاع ڪيو ويندو آهي، جيڪو اسان جي جهاز جي پهچڻ تي ڪسٽم، اميگريشن ۽ بندرگاهه ۾ بيهڻ جي ڪاررواين جو بندوبست ڪندو آهي. جهاز ۽ جهاز جي ديک ڀال ۽ سيمينٽ جي خريدارن سان ڏيتي ليتي ڪرڻ ان مقامي نمائندي جو ڪم هوندو آهي، جيڪو شپنگ جي دنيا ۾ “ايجنٽ” سڏبو آهي. هر جهازران ڪمپنيءَ کي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾، جن ۾ هن جا جهاز وڃن ٿا، مقامي ايجنٽ هوندا آهن جيڪي پگهار تي يا ڪميشن تي جهازن جي مالڪن طرفان خرچ پکو ۽ حساب ڪتاب ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته سامان موڪلڻ وارو مالڪ، مثال طور ڪراچيءَ مان جهاز کي چانورن سان ڀري يا بئنڪاڪ مان سوپارين کي ڀري پاڻ ان وقت باءِ ايئر عرب ملڪن ۾ پهچي اتي جي واپارين سان چانورن جو سودو ڪندو يا ڪراچي پهچي ڪراچي جي مختلف واپارين سان سوپارين جي اگهه جي ڳالهه ڪندو پوءِ اسان جهاز هلائڻ وارن کي ڪويت، دمام يا ڪنهن بندرگاهه ۾ چانور لاهڻ لاءِ جهاز کي لنگر ڪيرائڻ لاءِ چوندو. باقي سوپارين لاءِ مون کي نٿو سجهي ته جهاز کي ڪراچي يا پورٽ بن قاسم کان علاوه ٻيو ڪو بندرگاهه هجي جتي ٿائلينڊ جون اهي سُريل ۽ سنياريل، زهريليون سوپاريون لاٿيون وڃن جو اهي پان ۽ گهٽڪا اسان وٽ ئي هلن ٿا. انڊيا ۾ ته گٽڪا ڇا پر پان تي به ڪڏهن کان بندش آهي. ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به لکندو هلان ته سوپاري ڪو ميوو ناهي پر ڀاڄيءَ جو قسم آهي جنهن ۾ يڪدم فنگس لڳيو وڃي ۽ برما ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ اهي ڀولڙا ئي کائين ٿا ۽ وڌيڪ خراب ٿيڻ ۽ سڪڻ تي اهي ٻارڻ جي ڪم اچن ٿيون. سوپارين بابت تفصيلي مضمون ۽ انهن مان نقصان وغيره اڄ کان 35 سال اڳ “اي جرني ٽو ٿائلينڊ” ڪتاب ۾ لکي چڪو آهيان.
بهرحال ٽن چئن ڏينهن بعد، اسان اڃان وچ ائٽلانٽڪ سمنڊ تائين پهتا هئاسين ته اسان کي اهو سو ٻڌايو ويو ته “اها ڪڻڪ مالي حڪومت لاءِ آهي”. مالي آفريڪا جو هڪ وڏو ملڪ آهي. سندس پکيڙ 1240000چورس ڪلوميٽر آهي. يعني پاڪستان کان ڏيڍوڻو ۽ ناروي ۽ نيوزيلنڊ جهڙن ملڪن کان چئوڻو ٿيندو. پر افغانستان وانگر Land Locked ملڪ آهي - يعني اهو سمنڊ جي ڪناري تي ناهي ۽ جيئن افغانستان جو سامان پاڪستان يا ايران جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لهي ٿو، جتان پوءِ ٽرالرن ۽ ٽرين ذريعي افغانستان پهچايو وڃي ٿو تيئن مالي سامان موڪلڻ لاءِ جهازن کي اهو سندس پاڙي وارن ملڪن ۾ لاهڻو پوي ٿو، جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي آهن. جيئن ته موريطانيا، جي ٻن بندرگاهن، نواذيبو ۽ نواڪشوط (Nouakchott) مان ڪنهن ۾ اسانجو وڃڻ نه ٿيو هو. سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ ڪيترائي دفعا هي ۽ ٻيا جهاز وٺي وڃڻ جو موقعو مليو هو ۽ اهڙي طرح آئوري ڪوسٽ جي بندرگاهه “عابد جان” ۾ پڻ. “مالي” هونءَ ته وڏو ملڪ آهي پر سندس اڌ کان وڌيڪ حصو خاص ڪري اتر وارو رڻ پٽ صحارا آهي جتي ميلن جا ميل واريءَ جو ڊٻون آهن. اهو به شڪر آهي ته آفريڪا جي نيل ۽ ڪانگو ندين بعد ٽيون نمبر وڏي ندي نائيجر (اٽڪل 4200 ڪلوميٽر ڊگهي) ماليءَ مان به لنگهي ٿي جنهن ڪري ڪجهه ٻني ٻارو ٿئي ٿو. جيئن سنڌ جو نالو سنڌونديءَ تان پيو تيئن آفريڪا کنڊ جي ٻن ملڪن: نائيجر ۽ نائيجيريا تي هن ندي نائيجر تان نالو پيو آهي جيڪا انهن ٻنهي ملڪن مان به لنگهي ٿي. نائيجر نديءَ جي هڪ ڳالهه خوب آهي ته اها سمنڊ جي ڪناري واري ملڪ گني (Guinea) جي جبلن تان شروع ٿئي ٿي جيڪو هنڌ سمنڊ کان 150 ميلن (250 ڪلوميٽرن) جي فاصلي تي آهي. سو 250 ڪلوميٽر ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران ملڪ جي اندروني حصي يعني سمنڊ جي مخالف پاسي، صحارا رڻ پٽ ڏي وهڻ شروع ڪري ٿي ۽ گني بعد مالي جتي جي شهر ٽمبڪٽو وٽان ڦرندي، نائيجر ۽ نائيجيريا مان ٿيندي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري. نيل يا سنڌو نديءَ ۾ لٽ هجڻ ڪري انهن جو پاڻي ڌوڙاٽيل يعني ميرو آهي، پر نائيجر ندي جبلن ۽ واريءَ مٿان هلڻ ڪري صاف ۽ شفاف آهي.
اسانجو جهاز هاڻ جڏهن آفريڪا کنڊ جي ڏينهن اڌ پنڌ تي وڃي پهتو ته اسان کي آمريڪا جي آفيس طرفان فائنل شيڊول پهتو ته اسان سينيگال جي ڊڪار بندرگاهه ۾ لنگرانداز ٿي مالي وارو ڪارگو اتي لاهيون. اسان کي به اهو ئي کُکيو پئي ڇو جو آفريڪا کنڊ جي ملڪن ۾، خاص ڪري آفريڪا جي اولهه ڪناري وارن ملڪن ۾ Inland ٽرانسپورٽ جو ڪو بهتر نظام نه آهي. خاص ڪري اهي ملڪ جيڪي فرينچن ۽ پورچوگالين جي قبضي ۾ رهيا. مالي ۽ سينيگال فرينچ ڪالونيون ئي هيون. فرانس وارن پنهنجن هنن ملڪن، جن جو هنن رت خوب چوسيو، انهن تي اهو سو ٿڌو ٿورو ڪيو جو 1930ع ڌاري (پنهنجي ئي سک ۽ پنهنجي لاءِ اندروني آفريڪا مان مال سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ پهچائڻ لاءِ) 1287 ڪلوميٽرن جي “ڊڪار- نائيجر ريلوي” ٺاهي جيئن ڊڪار مان جهازن رستي مال کي فرانس پهچايو وڃي. هيءَ ريلوي لائين فقط سينيگال ۽ ماليءَ ۾ آهي. سندس نالي ۾ نائيجر لفظ ضرور آهي پر اهو نالو نائيجر نديءَ تان آهي. نائيجر ۽ نائيجيريا کي هيءَ ريلوي لائين نٿي ڳنڍي. 1287 ڪلوميٽرن مان 641 ڪلوميٽر ريلوي مالي ملڪ ۾ آهي، جيڪا ماليءَ جي گاديءَ واري شهر باماڪو (Bamako) مان به لنگهي ٿي - جيڪو لاگوس، عابد جان، ڪانو، ابادان، ڊڪار ۽ اڪرا بعد ستين نمبر تي مغربي آفريڪا جو وڏو شهر آهي. (هونءَ بامڪو جي مقامي ٻوليءَ ۾ معنا “واڳونءَ جو پڇ” آهي).
جهاز ڊڪار بندرگاهه ۾ لڳو ته مقامي سينيگالي ڪارا مزور جهاز جا رسا ٻڌڻ ۽ سامان کي جهاز تان لاهڻ لاءِ ڇڪا ۽ ڄاريون تيار ڪرڻ لڳا جن ۾ ڪڻڪ جون ڳوڻيون وجهي جهاز جي گدامن (Hatches) مان ڪڍي ٻاهر رستي تي يا ايندڙ ٽرڪن ۾، رکڻ جو بندوبست ڪرڻ لڳا. اسان جي مقامي فرينچ گوري ۽ ان جي سينيگالي شيدي اسسٽنٽ ايجنٽ سان گڏ ڪجهه مالي ملڪ جا سرڪاري ڪامورا ۽ ڪلارڪ به جهاز تي چڙهيا جيڪي سينيگالي شيدين کان ڪجهه وڌيڪ ڪارا ۽ بندرا ٿي لڳا. جهاز ست اٺ ڏينهن سينيگال جي بندرگاهه ڊڪار ۾ بيٺو رهيو. سامان اڄ جي ماڊرن مشينرين ذريعي جلد لهڻ بدران تن ڏينهن جي طريقن موجب “ڍڳو پير پيران” يعني آهستي آهستي لهندو رهيو. سينيگال جي سرڪاري آفيسرن (ڪسٽم، اميگريشن، پورٽ اٿارٽي) سان گڏ مالي آفيسرن به ماني ٽڪي اڪثر اسان جي جهاز تي اسان سان گڏ ڊائيننگ سئلون ۾ کائيندا هئا. هو پاڻ ۾ فرينچ ۽ مقامي ٻوليون ڳالهائيندا هئا ۽ اسان سان ڀڳل سڳل انگريزي.
مالي ملڪ جي ڪامورن ۾ هڪ نوجوان به هو جيڪو بامڪو جي يونيورسٽيءَ مان تازو گرئجوئيشن ڪري آفيسر ٿيو هو. هن کي نه رڳو سٺي انگريزي آئي ٿي پر هو تاريخ، جاگرافي ۽ جنرل ناليج ۾ به هوشيار هو. آئون مانيءَ تي يا ڪڏهن ڪڏهن جهاز جي ڊيڪ تي هن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ بيهي رهندو هوس ۽ عادت موجب هن کان ڪيترن ئي ڳالهين جي پُڇ پُڇ ڪندو هوس. هو هوشيار هو، ذهين هو ۽ حساس دل رکڻ وارو نوجوان هو. هن دنيا جي ملڪن ۽ انهن جي حڪومتن جو پوليٽيڪل سائنس ۾ چڃي طرح اڀياس ڪيو هو. پنهنجي ملڪ ۽ سياستدانن مان خوش نٿي لڳو. رکي رکي هن ڏک جو اظهار ڪيو ٿي. منهنجي پهرين ڏينهن کان اها رَٽ هلي رهي ٿي ته توهان جو ملڪ ته امير آهي. توهان ته خوشحال هوندائو.... وغيره وغيره..... اهو ان ڪري جو مون ننڍي هوندي مالي (Mali) ملڪ جي خوشحالي ۽ اتي جي بادشاهن جي سخاوت ۽ اميري بابت ٻڌو هو. سو ان جي آڌار تي مالي ملڪ لاءِ اڄ به منهنجي دماغ ۾ اهو نقشو هو. منهنجي دماغ ۾ اڄ به مالي ملڪ هڪ وڏي ڳالهه هو. منهنجي تعريف تي، ماليءَ جي هن حساس ۽ حقيقت پسند نوجوان آفيسر جو مزو خراب ٿي پيو ۽ ڪجهه جواب ڏيڻ بدران هن منهن کي موڙو ٿي ڏنو. پر هڪ ڏينهن سندس صبر شايد جواب ڏئي ڇڏيو ۽ منهنجي مالي ملڪ جي خوشحاليءَ جي ڳالهه ڪرڻ تي چيو: “سر! ڪهڙي ٿا ڳالهه ڪيو! سياستدانن، فوجين، سردارن، ڀوتارن اسان جي خوبصورت ملڪ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. عوام بنيادي سهولتن لاءِ به سڪي ٿو. سرڪاري خزاني جا ڪٻٽ خالي ٿيا پيا آهن. توهان اسان جي ملڪ کي امير ۽ خوشحال ٿا سمجهو! ائين جي هجي ها ته هي سُريل ڪڻڪ جيڪا ساڙڻ لائق آهي، کائڻ لاءِ اسان ڇو گهرايون ها؟ سستي هجڻ جي باوجود اسان قيمت جي فل ادائيگي نٿا ڪري سگهون. قسطن تي، وياج سان ادائگيءَ لاءِ منٿون ڪيون اٿئون”. اهو چئي هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ته ڪنهن، خاص ڪري سندس ملڪ جي ڪنهن آفيسر، سندس ڳالهه ته نه ٻڌي ۽ هن لاءِ مسئلو پيدا ٿئي. آئون به سندس ڳالهه ٻڌي ٽٻيءَ ۾ پئجي ويس. مون کان رهيو نه ٿيو سوچيومانس: “نوجوان! توهان ته امير يورپين کان به امير هئا، توهان ته خيرات ۾ به سون ورهائڻ وارا هئائو؟”
“بلڪل صحيح ٿا چئو پر اهي ماضيءَ جا ڏينهن هئا، جن کي گذرئي ڇهن صدين کان به مٿي ٿيو. توهان شايد اسانجي بادشاهه “حاجي منسا موسيٰ” جي حج جو سفر پڙهيو آهي”، هن چيو. جواب ۾ مون ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي.
“اهو ٻيو زمانو هو جڏهن ماڻهن لاءِ صحارا لتاڙڻ جو ذريعو اٺ هو. تجارتي قافلا جڏهن سامان سان ڀرجي رڻ پٽ اڪريا ٿي ته هنن لاءِ ساهي پٽڻ لاءِ اسان جي ملڪ مان ٽمبڪٽو ۽ جِني شهرن ۾ ساهي پٽڻ ضروري هئي. هِتان هُتان کان ايندڙ قافلن کان اڪٽ (ٽئڪس) وصولي ڪري ۽ لوڻ جي واپار ڪري اسان جي ملڪ ماليءَ جي وڏي ڪمائي هئي”.
ياد رهي ته لونگ، ڦوٽا، دارچيني، ڪاريون مِريون، جائڦل، جاوتري وغيره مصالحو پنهنجي جاءِ تي اهم هو جنهن لاءِ جنگيون لڳيون ۽ واسڪو ڊاگاما جهڙن يورپين کي سر جو سانگو کڻي “ڪيپ آف گڊ هوپ” ڪراس ڪري انڊيا، جاوا، سماترا اچڻو پيو پر انهن ڏينهن ۾ لوڻ به اهم شيءِ هو جنهن جو قدر سون برابر هو ڇو جو لوڻ نه فقط کاڌي جي سواد لاءِ استعمال ٿيو ٿي پر مڇي ۽ گوشت کي لوڻ هڻي سڪايو ويو ٿي جو انهن ڏينهن ۾ بجلي يا ريفريجريٽر نه هئا، لوڻ preservative طور استعمال ٿيو ٿي. هاڻ نه ان لوڻ جي ضرورت رهي آهي نه اٺن جي، صحرا جي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پهچڻ لاءِ هاڻ ٽرڪون ۽ هوائي جهاز آهن. سامان ۽ ماڻهو سامونڊي ڪنارو ڏئي هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ پاڻي واري جهاز ۾ پهچن ٿا.
هن جو مطلب هو ته وقت وقت جي ڳالهه آهي. اهو به ڪو وقت هو جو مالي ملڪ جي وڏي ڪمائي هئي، جنهن جي دولت جو ڪو ڪاٿو ئي نٿي لڳائي سگهيو، جنهن جو بادشاهه حج تي روانو ٿيو هو ته هن خيرات ۾ سون جون مٺيون ڀري سوالين کي ڏنيون هيون. هن سمجهيو ته وقت ۽ حالتون ائين ئي رهنديون. هن مستقبل جو سوچي ڪو اهڙو طريقو يا سڌارو نه ڪيو، جنهن مان ايندڙ نسل جو ڀلو ٿي سگهي. منهنجي ڪلڪتي ۾ هڪ اهڙي غريب فئملي سان ملاقات ٿي جنهن Claim ڪيو ٿي ته هو آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پوٽاڻ جو اولاد آهي. جنهن ڪسمپرسي جي حالت ۾ هو گذاري رهيا هئا، ان تي سڀني کي حيرت هئي. انهن جا فوٽو به مون ”دنيا رنگ رنگيلي“ ڪتاب ۾ ڏنا آهن. تاج محل جهڙيون عمارتون اڏڻ وارن جو اولاد ڪچن ۽ باٿ روم به پاڙي جو ڪامن استعمال ڪري رهيا هئا انهن مان هڪ نوجوان ٽوڪ طور چيو ته “سرڪار اسان جا وڏا ڇڇورا ٿي عشق جي اظهار لاءِ تاج محل نه اڏين ها ته اڄ اسان جا به بئنڪ بيلنس هجن ها”، ۽ يارو اهڙا مثال توهان کي به ڪيترن ئي خاندانن جا ملندا جن وٽ هڪ دور ۾ بي انتها پئسو هو ته ٻئي دور ۾ هنن جو اولاد زڪوات ۽ خيرات وٺڻ لاءِ مجبور هو. هڪ دور ۾ هنن وٽ جڏهن سڄو ملڪ ۽ اڻ مئي دولت هئي ته ان جي لاءِ هنن کي وارث نه پئي مليو ۽ پوءِ جڏهن وارث ٿيو، جوان ٿيو ۽ پاڻ پوڙها ٿي مرڻ جي ڪنڌيءَ تي پهتا ته هنن کان سڀ ڪجهه هليو ويو. ٻه فوٽ زمين دفن لاءِ نه ملي!
بهرحال اهي سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي هتي اسان حج ۽ حج جي سفر جو احوال ڪري رهيا آهيون. سو مالي جي بادشاهه “منسا موسيٰ” جي حج جي سفر جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو شان شوڪت وارو سفر ڇهه ست صديون گذرڻ بعد اڄ به سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ان وقت اڃا آمريڪا کنڊ ته دريافت نه ٿيو هو پر جيڪا دنيا هئي ان کي ڏندين آڱريون اچي ويون ته آفريڪا کنڊ جيڪو غربت ۽ جهالت جي علامت آهي، جنهن کي اونداهو کنڊ سڏيو وڃي ٿو ان ۾ هڪ ملڪ “مالي” به آهي جنهن جو دولت ۽ ٺاٺ باٺ سان دنيا جو ڪو به ملڪ مقابلو نٿو ڪري سگهي.