واسڪو ڊاگاما ڪيپ ٽپڻ بعد ”ڪاليڪٽ“ جي تسبيح ڇو پڙهي؟
بهرحال ممباسا ۾ هنن جي جڏهن دال نه ڳري ته هو وڌيڪ اتر طرف ميلندي (Melindi) ۾ آيا. ميلندي جي حاڪمن جي انهن ڏينهن ۾ جيئن ته ممباسا جي حاڪمن سان ڇڪتاڻ لڳل هئي، سو انهن تي رعب رکڻ لاءِ پورچوگالين کي کڻي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. جيئن بعد ۾ اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ ٿيندو رهيو. انگريزن ٻن نوابن کي وڙهندو ڏسي هڪ جو پاسو وٺي خوب پئسو ۽ زمين ٿي حاصل ڪئي. ميلندي ۾ سڪون سان رهي پورچوگالين انڊيا هلڻ لاءِ هڪ قابل سونهون (Pilot) هٿ ڪيو، جيڪو هن پاسي جي چوماسي جي هوائن کان چڱيءَ طرح واقف هو. ڪي چون ٿا ته هي عيسائي هو ڪي چون ٿا ته مسلمان هو. ڪي گجراتي يا ڪڇي ٿا چون ته ڪي مشهور عرب ناکئي (Navigator) ابن ماجد جو به نالو کڻن ٿا. بهرحال هن سونهين جي رهنمائيءَ ۾ واسڪو ڊاگاما وارن پنهنجا ٽئي جهاز 24 اپريل 1498ع تي ميلنديءَ مان ڪڍي، انڊيا ڏي هاڪاريا. مهيني کن بعد 20 مئي تي هو ملبار ڪناري واري رياست ڪيرالا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ (Kozhikode) ۾ پهتا.
پڙهندڙن جي ذهن ۾ شايد اهو سوال اڀري ته واسڪو ڊاگاما هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ سان انڊيا جي مالابار ڪناري ڏي ۽ خاص ڪري اتي جي بندرگاهه ڪاليڪٽ جو رخ ڪرڻ جو خواهشمند ڇو هو. لڳي ٿو ته واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي حاڪمن کي جيڪي پورچوگال ۾ هئا انهن کي هن بندرگاهه بابت گهڻي ڄاڻ هئي ۽ هنن سمجهيو ٿي ته سندن بزنيس ۽ ڪمائي هن بندرگاهه ذريعي ٿيندي. تڏهن ته واسڪو ڊاگاما ڪيپ وارو سمنڊ ٽپڻ شرط ڪاليڪٽ جي تسبيح پڙهڻ شروع ڪئي. انڊيا جو اولهه وارو ڪنارو جيڪو ”مالابار ڪوسٽ“ سڏجي ٿو اهو سنڌ جو ديبل، ٺٽو ۽ ڪڇ ۽ گجرات جا بندرگاهه: ڪنڊلا، مندرا، ماندوي، جاکائو، اوکا، پوربندر، سومناٿ وارو ويرا وال بندرگاهه ٽپڻ بعد گوا کان شروع ٿئي ٿو، ته ڏکڻ انڊيا جي هيٺين پڇ واري شهر ڪنهيا ڪماريءَ تائين هليو ٿو وڃي. سمجهو ته ممبئي به ان ۾ اچي وڃي ٿي، جيڪا مهاراشٽرا رياست ۾ آهي. ان بعد ڪارناٽڪا ۽ ڪيرالا رياستون آهن. ڪيرالا رياست جي سامونڊي ڪناري تي ٻه ته وڏا بندرگاهه آهن ڪوچين ۽ وزهين جام، ان کان علاوه 12 کن ننڍا ننڍا بندرگاهه به آهن جيئن ته منجيسوارا، ڪاسرا گود، ٿالا سري، ڪوڊ غلور (جتي پراڻي مسجد آهي)، مانا ڪورا ۽ ٻيا بندرگاهه، سو واسڪو ڪاليڪٽ جي سڌائي ڳولڻ بدران ائين ئي هليو وڃي ها ۽ مالابار جي ڪناري تي ڪنهن نه ڪنهن بندرگاهه ۾ پهچي وڃي ها. ڪي نوجوان جاگرافي ۽ تاريخ کان گهٽ واقف اهو به سوچيندا هجن ته واسڪو ڊاگاما ممبئي جهڙي وڏي بندرگاهه جو ڇو نه رخ رکيو جيڪو هن کي ڳولڻ ۾ ۽ پهچڻ ۾ سولائي ٿئي ها.
مٿيان سڀ سوال پنهنجي جاءِ تي، سڀ کان پهرين آخري سوال ممبئي (Bombay) وارو ته انهن ڏينهن ۾ ممبئي هو ئي ڪو نه. ان بندرگاهه جو نه وجود هو ۽ نه نالو. جتي اڄ وارو ممبئي آهي واسڪوڊاگا جي انڊيا پهچڻ وارن ڏينهن ۾ يعني 1498ع ۾ اتي ڌٻڻ ۽ گپ وارا ست کن ويران ٻيٽ هئا جنهن مان ڪن هڪ ٻن تي هيٺين هندو ذات جا مهاڻا رهيا ٿي. اهو ته هي پورچوگالي ئي هئا جن گوا ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن تي قبضي ڪرڻ سان گڏ هي گپ ۽ پوسل وارا ٻيٽ جن جي چوڌاري رڳو ڊڀ ڦٽيل هئا ۽ بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻگهه پئي نظر آيا اهي به هنن پنهنجا ڪيا پر سئو سال گذرڻ بعد به انهن ٻيٽن کي جهڙو تهڙو بندرگاهه ته ڇا، صفائي به نه ڪرائي سگهيا. انڊيا ۾ ”انگريز“ پورچوگالين بعد، پورن سئو سالن بعد آيا. ان بعد پورچوگالي بادشاهه “جان چوٿين” جي ڌيءَ ڪئٿرين جي انگلينڊ جي بادشاهه “چارلس ٻئي” سان 1661ع ۾ شادي ٿي ته پورچوگالين هي ٻيٽ (جيڪي بعد ۾ ملائي بمبئي ٺهيو) انگلينڊ جي بادشاهه کي ڏاج ۾ ڏئي ڇڏيا. مزي جي ڳالهه ته انگريزن کي به سمجهه ۾ نه آيو ته هنن ٻيٽن کي ڇا ڪجي. بندرگاهه جي ته ڪنهن کي سوچ به نه آئي. اچي به ڇو جڏهن ڀر ۾ سورت جهڙو بندرگاهه هو جتان انگريزن جا جهاز خيرخوبيءَ سان پئي هليا. بعد ۾ هن بادشاهه چارلس ٻئي هي ٻيٽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪيا جنهن کي پڻ انهن جي استعمال جو ڪارج سمجهه ۾ نه پئي آيو پر بادشاهه کي خوش ڪرڻ لاءِ هر مهيني هن کي هنن ٻيٽن جي ڪجهه پائونڊ مسواڙ ڏيندا رهيا. گهڻو گهڻو پوءِ جڏهن جهاز سازيءَ ۾ انقلاب آيو.... دنيا جا جهاز سائيز ۾ وڏا ٿيڻ لڳا ته وڏي بندرگاهه جي ضرورت محسوس ٿي ۽ پوءِ هُنن هِنن ڏاج وارن مڇرن ۽ ڌٻڻ سان ڀريل ٻيٽن ڏي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ آهستي آهستي ٿي بمبئي سڌرڻ لڳي ۽ بندرگاهه طور ڪتب اچڻ لڳي پر اهو سڀ ڪجهه 300 کن سال پوءِ ٿيو، جڏهن واسڪو ڊاگاما گوا جي مڇرن جا چڪ کائي مليريا کان 1524ع ۾ هتي انڊيا ۾ ئي مري ويو هو. هن کي هتي ئي دفن ڪيو ويو. بعد ۾ سندس لاش کي لسبن (پورچوگال) موڪليو ويو، جتي هاڻ سندس مقبرو آهي.