جهاز راني ۽ هٿيارن ۾ هاڻ يورپي اڳ هئا
مٿيون ڳالهيون ڌيان ۾ رکي پڙهندڙ سمجهي سگهن ٿا ته واسڪو ڊا گاما جهڙا يورپي انڊيا پاسي “هندي وڏي سمنڊ” ۾ داخل ٿيڻ مان هنن جو مقصد ڪو سير تفريح ڪرڻ نه هو پر ڦرلٽ ڪرڻ هو. ايشيا ۽ آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ هو ۽ هنن جي مسلمانن تي وڏي باهه هئي، جن جي اميه سلطنت اسپين، پورچوگال، فرانس ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن ٽيونيشيا، الجيريا کان موراڪو ۽ موريطانيا تائين سالن بلڪه صدين کان قبضو ڄمايو هو ۽ ٻئي پاسي سلطنت عثمانيه (Ottomon Empire) وارا اوڀر يورپ ۽ بحراسود جي ملڪن: البانيه، بلغاريا، رومانيا وغيره تي قبضو ڪري ويٺا هئا. هنن وٽ ايڏي فوج هئي جو يورپي مقابلو نٿي ڪري سگهيا ۽ ايڏي فوج مسلمانن (عربن توڙي ترڪن) ڪيئن ٿي افورڊ ڪئي؟ هنن شاهراهه ريشم تان يورپ ڏي ويندڙ کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، مصالحو ڳهه ڳٺن تي ٽئڪس هڻي يورپين مان پئسو ٿي ڪڍيو.
سو واسڪو ڊاگاما جنهن کي سندس ملڪ پورچوگال جي بادشاهه مئنيوئل اول جهاز ۽ ماڻهو ڏئي انڊيا تائين سامونڊي رستو ڳولڻ لاءِ ان ڪري موڪليو ته جيئن ايشيا جي مشهور شين مصالحن، ريشم، ڪپڙن، سون ۽ چاندي جي ڳهن، پتل ۽ ٽامي جي ٿانون سان جهاز ڀري پورچوگال کڻي اچي، جيئن هنن کي هر شيءِ سستي پوي ۽ ملڪ کي فائدو رسي. ساڳي وقت هندي وڏي سمنڊ جي ڪناري وارن ايشيائي ۽ آفريڪي اهم ملڪن تي بندوق ذريعي قبضو ڪيو وڃي. اهو ئي مقصد ٻين يورپي ملڪن جو به هو ۽ هر ملڪ کي گوءِ کڻڻ ۾ تڪڙ ان ڪري هئي جو هنن ڏٺو ٿي ته هن مقابلي ۾ جيڪو اڳ نڪرندو اهو ئي وڌيڪ ڪمائيندو. ان جو ئي گهڻن ملڪن تي قبضو ٿيندو. ان ڪري هر يورپي ملڪ جي جهازرانن اڳتي جي رستي ڳولڻ ۾ معلومات ٿي حاصل ڪئي، ان کي راز ۾ ٿي رکيو ۽ پنهنجي ئي ملڪ جي ماڻهوءَ کي ٿي ٻڌايو. جيئن بارتولوميو دياس ڪيپ آف گڊ هوپ پهچڻ تائين جيڪو سامونڊي رستو ۽ واٽ تي لڳندڙ هوائن جو رخ Observe ڪيو، ان جي ڄاڻ واسڪو ڊاگاما کي ڏني وئي ته هاڻ اڳتي جي رستي جي ڳولها تون ڪر. اها ڄاڻ ايترو راز ۾ رکي وئي ٿي جو پني تي نقشي جي صورت ۾ به نٿي محفوظ ڪئي وئي جيئن متان ڪا ٻي يورپي قوم ان کي حاصل ڪري اڳيان نڪري وڃي. مهنجي خيال ۾ واسڪو ڊاگاما جو هي پهريون ئي سفر هو جنهن ۾ ڪيپ آف گڊ هوپ ڪراس ڪرڻ وقت سندس خلاصين جي Sea Sickness کان حالت خراب ٿي وئي ۽ ڪيپ ڪراس ڪرڻ بعد خلاصي بغاوت تي لهي آيا ته اڳتي وڌڻ بدران وطن موٽجي. واسڪو ڊاگاما انهن ڏينهن جو نيويگيشن جو واحد اوزار قطب نما (ناس جي دٻليءَ جهڙي گول دٻلي) سمنڊ ۾ اڇلي هنن کي چيو ته جيڪي ڪرڻو اٿانوَ اهو ڪريو. واپس وٺي وڃڻ وارو آئون ئي آهيان جنهن کي رستي جي ڄاڻ دماغ ۾ آهي. توهان مان ڪنهن کي دم خم آهي ته اچي جهاز جو سکاڻ (Rudder) سنڀالي.