ڪيپ آف گڊ هوپ سمند يورپين کي روڪي رکيو
بهرحال ڪئين سالن جي محنت، ائڊوينچر ۽ Risk (جوکم) کڻڻ بعد، جنهن ۾ ڪيترائي جهاز ۽ انهن ۾ سوار سمنڊ حوالي ٿي ويا، يورپي آفريڪا کنڊ جي هيٺين ڇيڙي تائين يعني ائنگولا بعد نميبيا تائين پهتا. ايتري قدر جو پورچوگالي جيڪي ٻين يورپين کان وڌيڪ تيز ثابت ٿيا، انهن ائنگولا ۽ نميبيا تي قبضو ڪري ورتو. جيئن انگريزن، ننڍي کنڊ کي، ڊچن انڊونيشيا کي، فرينچن ويٽنام کي بعد ۾ Colonized ڪيو.
نميبيا تائين پهچي سڀ يورپي اسٽاپ ۾ اچي ويا ٿي. آهستي آهستي سڀ سمجهي ويا ته هاڻ انڊيا وڃڻ لاءِ آفريڪا جي هيٺين ڇيڙي (جتي ڪيپ ٽائون شهر آهي) وٽان اوڀر طرف هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻو پوندو، پر اهو هنڌ جتي “ائٽلانٽڪ سمنڊ” ۽ “هندي وڏو سمنڊ” ملن ٿا سيارو هجي يا اونهارو، پاڻيءَ ۾ اهو جوش رهي ٿو جو اسان جا لوهي آفت جيڏا، وڏي طاقت وارين انجڻين وارا جهاز به هيءَ ڪيپ (Cape of Good Hope) ڪراس ڪرڻ وارا ٻه ڏينهن لڇندا رهن ٿا. رکي رکي ڪنهن ڏينهن، ڪجهه گهڙين لاءِ سمنڊ جو ڪجهه حصو ماٺو به ٿيندو هوندو پر مون کي ته ڏهه کن سالن ۾ هتان لنگهندي ڪڏهن به سمنڊ ماٺو نه مليو ۽ شروع وارن سالن ۾ مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن اهڙي Sea Sickness ٿيندي هئي جو آئون چوندو هوس ته مون کي “خليج بنگال”، “بي آف بسڪي” انگلينڊ پهچڻ کان اڳ وارو سمنڊ يا هي” ڪيپ آف گڊ هوپ” وارو سمنڊ سامونڊي نوڪري ڇڏرائيندو. اهڙن سمنڊن تي مون کي هر وقت پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جو ڪلاس ميٽ محمد ياد ايندو هو، ته هو خوش نصيب آهي جو ننڍي هوندي ئي پڙهائي ڇڏي هاڻ هالا جي پرائمري اسڪول ۽ طارق روڊ تي صبح جو ڇولا ۽ شام جو پڪوڙا وڪڻي سڪون جي زندگي پيو گذاري. سو جڏهن اسان جي ماڊرن ۽ آفت جيڏن انجڻ وارن لوهي جهازن جو ئي اهو حال هو ته واسڪو ڊاگاما يا ڪولمبس جي ڏينهن جي ڪاٺاڻن، ننڍن ۽ سڙهن ذريعي هوا جي زور تي هلندڙ ٻيڙن سان ڇا ويڌن هوندي. جيڪو ٿي هن ڪيپ آف گڊ هوپ واري سمنڊ ۾ گهڙيو اهو اڇلجي ٿي ويو. جهاز ڀور ڀور ۽ سوار سمنڊ داخل ٿي ويا. سالن جا سال اهو ڪم هلندو رهيو پر يورپي: ڊچ، انگريز، پورچوگالي، هسپانوي رکي رکي پنهنجي پَر ۾ ماڊرن ۽ مضبوط جهاز ٺاهي، اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ته ڪنهن طرح ڪيپ آف گڊ هوپ لتاڙي هندي وڏي سمنڊ ۾ داخل ٿي انڊيا جي ملبار ڪناري، جاوا، سماترا ۽ چين پهچجي.