الطاف شيخ ڪارنر

پھتا ات پانڌيئڙا

ھي ڪتاب مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن  ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پھتا ات پانڌيئڙا

“S.S Jeddah” جهاز تي حاجين سان ٽرئجڊي

پاڻ حاجين جي سفر بابت لکي رهيا هئاسين ته هنن کي هن سفر تي راهي ٿيڻ تي هر دور ۾ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو ٿي. عربستان پيادل پهچڻ ۾ پنهنجا مسئلا هئا جيئن ته ڦورن ڌاڙيلن کي هڪ طرف منهن ٿي ڏيڻو پيو، ته رستي ۾ بيمارين، بکن، واريءَ جي طوفانن کي ٻي طرف. هوائي جهاز ته ڇا اڃا سائيڪل به ايجاد نه ٿي هئي، سو مڪي مديني پهچڻ جو ٻيو طريقو سمنڊ ذريعي هو. ڪولمبس 1492ع ۾ آمريڪا پهتو يا واسڪو ڊاگاما 1498ع انڊيا تائين سمنڊ جو رستو ڳوليو. ان وقت تائين به ڪَل تي هلندڙ جهاز آگبوٽ” (اسٽيم شپ) ايجاد نه ٿيا هئا. ويندي ائٽلانٽڪ سمنڊ يا ڪيپ آف گڊ هوپ جهڙا خطرناڪ سمنڊ سڙهن وارن جهازن ۾ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي. اسان جي ننڍي کنڊ جا حاجي به اهڙن سڙهن وارن جهازن ۾ ملبار ڪناري، بنگال ۽ ٺٽي ڪراچيءَ مان سوار ٿي عربستان يا يمن جي ڪنهن بندرگاهه ۾ لهي پوءِ ڪجهه پيرين پنڌ ته ڪجهه اٺن تي سفر ڪري حجاز (مڪي ۽ مديني) پهتا ٿي.
سڙهن وارن جهازن (Sailing Ships) ۾ سفر به ڪو آرام وارو سفر نه هوندو هو. جهاز ناکئي (ڪئپٽن) جي مرضيءَ تي نه پر هوا جي رخ ۽ رفتار موجب هليا ٿي. ٻه ٻه ڏينهن هوا بند ٿي وئي ٿي ته جهاز اتي ئي بيٺو رهيو ٿي. بلڪه سامهون جي تيز هوائن يا سامونڊي لهرن هن کي پٺيان ڌڪي ڇڏيو ٿي. طوفانن ۾ هي سڙهن وارا ڪاٺ جا جهاز اونڌا ٿي ٻڏي به ويا ٿي. ڪُنن ۾ غرق به ٿي ويا ٿي. کاڌي ۽ پاڻيءَ جي کوٽ، جهاز ۾ سوار ماڻهن کي اجل جو به شڪار بنايو ٿي. خشڪيءَ تي جي ڌاڙيل هئا ته سمنڊ تي جتي ڪٿي قذاق (Pirates) هئا، جن کي خبر هئي ته حاجين وٽ پئسو به آهي ته کاڌو پيتو به، جو هو پاڻ سان ٻن ٽن مهينن جو راشن کڻي پيا وڃن. اهو ان ڪري جو عربستان اڳهين مسڪين ملڪ اتي ورلي ڪا شيءِ ملي ٿي. سو سمنڊ تي هڪ طوفانن جو ٻيو قذاقن جو ڊپ حاجين جون ننڊون حرام ڪندو هو. ان کان علاوه حاجين سان اهڙا به ظلم ٿيا ٿي جن ۾ هنن کان نه فقط سندن سفر جو سامان کسجي ويو ٿي، پر سندن زندگي پڻ. ان قسم جي ظلم جي ڪهاڻي گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته انڊيا جي ملبار ڪناري کان 400 حاجي کڻي هڪ جهاز عربستان وڃي رهيو هو، ته پورچوگالين سندن ليڊر واسڪو ڊاگاما جي حڪم تي هن جهاز جي مسافرن ۽ خلاصين کي نه رڳو ڦريو لٽيو، پر کين ڪمرن ۾ بند ڪري سڄي جهاز کي باهه ڏئي ڇڏي. عورتون واسطا ڏينديون رهيون، منٿون ڪنديون رهيون پر ڪنهن جي به جان نه بخشي وئي. هيءَ سال 1502ع جي ڳالهه آهي. ان وقت واسڪو ڊاگاما ٻيو دفعو انڊيا جي ڪناري ڪاليڪٽ پهتو.
خبر ناهي ان ريت ڪيترا جهاز لٽيا ويا، ٻوڙيا ويا .... مٿئين جهاز جي به تفصيلي خبر ڪا اسان کي پئجي سگهي ها ڇا؟ پر رڳو ان ڪري جو واسڪو ڊاگاما جي ٻيڙي (Armada) ۾ ٻه تاريخدان به هئا، جيڪي جيتوڻيڪ سندس ماڻهو هئا پر هنن هن ظلم جو سربستو احوال لکيو ۽ دنيا کي خبر پئي. هونءَ ته اسان اهو ئي وهنوار ڏسون ٿا ته تاريخ لکندڙ پنهنجن بادشاهن، حاڪمن ۽ ليڊرن جي تعريف ئي لکن ٿا پر هن 400 حاجين کي (جن ۾ 50 کن عورتون به هيون) جيئرو ساڙڻ واري واقعي هنن تاريخدانن جي دلين کي به ڏهڪائي ڇڏيو. تڏهن ته هنن اهو لکيو ته واسڪو ڊاگاما جي هن خونريزيءَ سڀني کي شرمسار ڪري وڌو.
هي ظلم ۽ مصيبتون نه فقط سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن کي درپيش اينديون رهيون پر ڪَل (انجڻ) تي هلندڙ لوهي جهاز به انهن جو شڪار ٿيندا رهيا. حاجين جي جهازن جي ڳالهه نڪتي آهي ته تعليمي ڏينهن ۾ پڙهيل جهازن مان هڪ ايس ايس جده (S.S Jeddah) حاجين جي جهاز سان ٿيندڙ “بئڊلڪ” ياد اچي رهي آهي. هي واقعو “واسڪو ڊاگاما” جي مٿئين ظلم کان 380 سال پوءِ جو، يعني 1880ع جو آهي. يا کڻي چئجي ته اڄ کان 140 سال اڳ جو آهي، جڏهن جهاز ٻاڦ تي هلڻ شروع ٿي ويا هئا ۽ هر جهاز جو رڪارڊ رکڻ جو وهنوار سڄي دنيا ۾ رائج ٿي ويو هو.
اڄڪلهه جا انجڻ وارا جهاز ڊيزل انجڻ يا ٽربائين تي ٿا هلن. يعني انهن انجڻين ذريعي جهاز جو پروپيلر (جهاز جي تري ۾ لڳل ٽن يا چئن پَرَن وارو پنکو) گهمايو ٿو وڃي، جنهن جي پاڻيءَ ۾ گهمڻ تي جهاز اڳتي وڌي ٿو. ڊيزل انجڻ ۾ ٻارڻ وارو تيل سلينڊر ۾ داخل ڪري ساڙجي ٿو ته ان ۾ موجود پسٽن هيٺ مٿي ٿئي ٿو ۽ ڪرئنڪ شئفٽ سان ڳنڍيل پروپيلر گول گهمي ٿو. شروع ۾ ايجاد ڪيل اسٽيم انجڻ (ٻاڦ جي انجڻ) ۾ به پسٽن کي هيٺ مٿي ڪرڻو پيو ٿي پر اهو ٻاڦ (Steam) ذريعي ڪيو ويو ٿي، جيڪا جهاز جي سائيز مطابق هڪ، ٻن يا ٽن چئن بئالرن ۾ پيدا ڪئي وئي ٿي. ان وقت تائين نه ڊيزل يا پيٽرول (ٻارڻ جو تيل) عام ٿيو هو ۽ نه ڊيزل يا پيٽرول انجڻ (Internal Combustion Engine) ايجاد ٿي هئي. جهاز تي ڪوئلن جا انبار رکيا ويا ٿي، جيڪي بئالرن جي کورن ۾ ٻاري پاڻي گرم ڪري ٻاڦ ٺاهي وئي ٿي، جيڪا پائيپن رستي سلينڊرن ڏي موڪلي وئي ٿي جيئن اها سلينڊرن اندر موجود پسٽنن کي هيٺ مٿي ڪري سگهجي.
انهن ڏينهن ۾ ٽيڪنالاجي وڌي نه هئي. اليڪٽرسٽي به نه هئي جو ويلڊنگ ٿي سگهي، ان ڪري جهاز جي ٻاهرين باڊي توڙي اندر جا ڪمرا وغيره ويلڊنگ بدران Rivet ڪيا ويا ٿي. يعني ڪوڪن ۽ ڪِلين ذريعي ڳنڍيا ويا ٿي. وڏين ڇولين ۽ طوفانن ۾ جهاز جي باڊي ٽٽي پئي ٿي ۽ پاڻيءَ جي اچڻ ڪري جهاز ٻڏي ويو ٿي. جهازن جا بئالر به اڃا ڪي ماڊرن نه ٿيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻاڦ جي پريشر وڌڻ تي اهي ڦاٽي پيا ٿي. خراب موسم ۽ خراب سمنڊ ۾ جهاز کي وڏا لوڏا اچڻ تي ڪنهن ڪنهن بئالر جا ترا نڪرڻ تي اهو ڪري به پيو ٿي ۽ منجهائنس نڪرندڙ ٻاڦ جهڙي گرم پاڻيءَ اوسي پاسي ۾ موجود خلاصين ۽ انجنيئرن کي ساڙي رکيو ٿي. ياد رهي ته صدين تائين جهاز جيستائين سڙهن تي هلندا رهيا، جهاز هلائڻ لاءِ فقط ناکئا (Navigators) هئا. انجڻ جي ايجاد بعد جهازن تي مئرين انجنيئرن جي موجودگي ضروري سمجهي وئي ۽ منهنجي خيال ۾ ان کي به سوا صدي جي لڳ ڀڳ ٿي ويو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ٻاڦ تي هلندڙ جهازن جي نالن اڳيان توهان کي S.S نظر ايندو يعني “اسٽيم شپ” ڊيزل انجڻ تي هلڻ وارا جهاز “موٽر ويسل” سڏجن ٿا. انهن جي نالن اڳيان M.V لکيل رهي ٿو. اهي جهاز جيڪي اسٽيم ٽربائين تي هلن ٿا انهن جي نالي اڳيان T.S يعني “ٽربو اسٽيم” لکيل رهي ٿو. حاجين جو هي بدنصيب جهاز جيڪو ٻاڦ تي هلندڙ اسٽيم جهاز هو، ان جو نالو “ايس ايس جده” هو.
هن جهاز کي 1872ع ۾ حادثو پيش آيو، يعني هي انگريزن جي حڪومت جو دور هو. هند، سنڌ، برما، ملايا، سلون، سنگاپور، عدن انگريزن جي هٿ ۾ هو. سمجهو ته هيءَ ڳالهه سنڌ فتح ٿيڻ کان 30 سال پوءِ جي آهي ۽ انگريزن کي سنگاپور جو ويران ٻيٽ خريد ڪرڻ کي 53 سال ٿي ويا هئا. ملائيشيا ۽ انڊونيشيا وٽ سنگاپور ڪو اڪيلو ٻيٽ ناهي. سنگاپور جهڙا اڄ به سوين ٻيٽ ويران يا ٿورو گهڻو آباد حالت ۾ آس پاس پکڙيا پيا آهن. پاڻيءَ جو جهاز هلائڻ وارا سمجهي سگهن ٿا ته انهن جو ڪيڏو وڏو تعداد آهي ۽ هن ايريا ۾ جهاز هلائڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي. سمجهو ته چاڪيواڙي يا لياريءَ جي علائقي ۾ ٽرڪ هلائڻ ٿي.
28 جنوري 1819ع تي برطانيا جو گورنر اسٽئمفورڊ رئفلس (Stamford Raffles) هن ٻيٽ تي گهمڻ آيو ته هن کي هن ٻيٽ جي لوڪيشن وڻي وئي. جيتوڻيڪ 720 چورس ڪلوميٽر هي ٻيٽ هڪ ويران ۽ ڌٻڻ وارو ٻيٽ هو، جنهن جي هڪ ڪناري جتي سنگاپور نديءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ڪيو، هڪ هزار کن مهاڻن، ماڇين، چورن، قذاقن جي آدمشماري هئي. اندر ڊَڀَ، گاهه، جهنگل، نانگ بلائون، وڇون، سئو پيريون، گپ ۽ مڇر هئا. پر رئفلس جي دماغ ۾ ڳالهه آئي ته هن ٻيٽ کي حاصل ڪري ڊيولپ ڪجي ته واهه جو بندرگاهه ٿي پوندو ۽ چين، جپان، ملايا، انڊونيشيا، فلپين، سيام کان هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ ڏي ايندڙ ويندڙ جهازن تي نظر رکي سگهبي. انهن ڏينهن ۾ هي ٻيٽ ملائيشيا جي ڇيڙي واري ڏاکڻي رياست “جوهور” جي سلطان جي ملڪيت هو ۽ جنهن جي هٿ ۾ جوهور جيڏي ملڪ کان علاوه سنگاپور جهڙا ٻيا به انيڪ ٻيٽ هئا. تنهن کي انگريزن چڱو خاصو پئسو آفر ڪيو ته هن خوشيءَ سان وڪڻي ڇڏيو ۽ رئفلس هي ٻيٽ 6 فيبروريءَ 1819ع تي پئسا ڏئي، پنهنجي ملڪ جي واپاري ڪمپني “ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ” لاءِ خريد ڪيو.
اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزن کي پنهنجن ڪجهه اصولن ڪري نوان ملڪ، نوان ٻيٽ، نوان بندرگاهه ٺاهڻ آيا ٿي جيئن بمبئي ڏسو، عدن ڏسو، ويندي ملايا (ملائيشيا) جو هڪ ٻيو ٻيٽ ۽ بندرگاهه “پينانگ” ڏسو! سنگاپور جو ٻيٽ خريد ڪري هنن جيئن ئي واپارين ۽ پورهيتن کي هتي اچي ڪمائڻ جي دعوت ڏني، ته چوڌاري جيڪي ملئي، چيني، فلپينو ۽ ٻيون قومون هيون انهن جا ته ڪيترائي ماڻهو اچي ويا، پر انڊيا کان گجراتي، سک، سنڌي، پنجابي ۽ پٺاڻ به اچي ويا. انڊيا جي ڪجهه ماڻهن کي ته انگريز پاڻ وٺي آيا جيئن ته ريلوي ۽ روڊن جي ڪم لاءِ تامل، مليالم (ڏکڻ هندوستاني)، پوليس ۽ سيڪيورٽي جي ڪم لاءِ گورکا ۽ پٺاڻ، جهنگلن جي ڪٽائيءَ لاءِ بنگالي، آفيسن ۾ ڪلارڪي ڪم ڪرڻ لاءِ سريلنڪن وغيره. ان کان علاوه پارسي، ايراني ۽ عرب (خاص ڪري يمن پاسي جا) سنگاپور کان اچي نڪتا، جو هنن کي خبر هئي ته جتي انگريز جي حڪومت هوندي اتي امن امان، انصاف، بنيادي سهولتون، واپار وڙي جون آسانيون پڻ هونديون.
انڊيا ۾ 1857ع واري بلوي بعد، جنهن ۾ آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر کي ڏيهه نيڪالي ڏئي برما موڪليو ويو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هي سڀ ٻيٽ ۽ ملڪ برطانيا جي حڪومت حوالي ڪيا جن سنگاپور جو انتظام “مدراس پريزيڊنسي” حوالي ڪيو جيئن سنڌ ۽ عدن جو بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ هو. سنگاپور هر فيلڊ ۾ ترقي ڪرڻ لڳو. پهرين ته هي ڪارين مرين (Pepper) ۽ ٻين مصالحن جي خريد و فروخت جو مرڪز ٿي پيو ۽ پوءِ جيئن ئي هن پاسي رٻڙ جي پوک شروع ٿي ته سنگاپور رٻڙ جي امپورٽ ايڪسپورٽ ڪري دنيا ۾ مشهور ٿيو. ملايا ۽ انڊونيشيا جو رٻڙ سنگاپور ۾ آيو ٿي، جتي عرب، پارسي، يورپي واپارين خريد ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ڏي موڪليو ٿي. دنيا جا ڪيترائي واپاري سنگاپور ۾ ٺام ٺڪاڻو ٺاهي رهي پيا. واپار کان علاوه هنن سنگاپور توڙي ملائيشيا، انڊونيشيا ۾ هوٽلون ۽ دڪان خريد ڪيا، مال بردار ۽ مسافر جهاز هلايا، بئنڪون ۽ ٽريڊنگ ڪمپنيون کوليون ۽ ملائيشيا ۾ خاص ڪري، جاگيرون خريد ڪري پوک جو ڪم شروع ڪرايو. ملائيشيا ۾ ان ڪري، جو اتي به انگريزن جي حڪومت هئي، ان ڪري ملائيشيا ۾ انڊونيشيا کان (جتي ڊچن جي حڪومت هئي) وڌيڪ بهتر قاعدو قانون هو.
انگريزن جي سڏ تي جن سنگاپور کي اوائلي ڏينهن ۾ اچي وسايو انهن ۾ يمن جو عرب واپاري سيد عبدالرحمان السقاف (Al- Saqqaf) به هو جنهن کي سنگاپور ۾ السگاف (Al saggaf) به لکيو وڃي ٿو. هيءَ فئملي حضرمي مسلمان (Hadhrami) به سڏجي ٿي يعني هنن جو واسطو يمن جي ڏاکڻي علائقي “حضرالموت” (Hadhramaut) سان آهي، جتي جو اوساما بن لادن به هو. هن علائقي جا عرب سمنڊ جي ڪناري جا رهاڪو هجڻ ڪري هو هڪ ته سٺا جهازران ٿي گذريا آهن ۽ ٻيو سٺا واپاري پڻ. هنن جو واپار هندي وڏي سمنڊ جي آفريڪي توڙي انڊين بندرگاهن ۾ هليو ٿي ۽ وڏا امير ماڻهو هئا. هينئر به سنگاپور ۽ ملائيشيا ۾ سندن وڏيون جاگيرون، گهر ۽ ڪاروبار آهن. سخاوت ۾ به هو اڳيان اڳيان آهن. نه فقط ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ پر ممباسا، زنجبار، صوماليا پاسي به توهان کي الحضارم (حَضرمي جو جمع) عرب ملندا. حَضرمي يهودي به مشهور آهن، جيڪي هاڻ اسرائيل ۾ ئي رهن ٿا.
انگريزن جيئن ئي 1819ع ۾ سنگاپور ٻيٽ خريد ڪيو ۽ 1824ع ۾ ان کي ڊيولپ ڪرڻ لاءِ واپارين کي دعوت ڏني ته ان ئي سال يعني 1824ع ۾ “سيد عبدالرحمان” پنهنجي پٽ “سيد احمد السقاف” سان گڏ سنگاپور اچي رهيو. هو مصالحي جو واپاري هو ۽ هن پنهنجي ڪاروبار ذريعي خوب ناڻو ڪمايو ۽ ماڻهن جي بهبودي (Welfare) جو به وڏو خيال ڪيو. سندس پٽ سيد احمد ته خير جي ڪمن ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. هن 1848ع ۾ سنگاپور ۾ “السقاف ڪمپني” به کولي، جنهن جو ڪم اسٽيٽ ايجنسي، بزنيس، امپورٽ ايڪسپورٽ وغيره رهيو. سيد احمد جي شادي 1930ع ۾ ملئي ڇوڪري “راجا سيتيءَ” سان ٿي، جيڪا حاجا (حاجاڻي) فاطمه نالي هڪ امير ۽ نواب عورت جي ڌيءَ هئي. ان ڪري سيد احمد وٽ وڏو پئسو اچي ويو. هيءَ “حاجا فاطمه” اها آهي جنهن جي نالي سنگاپور ۾ بيچ روڊ تي مسجد حاجا فاطمه آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته هن پاسي “عورت حاجي” کي حاجياڻي نه پر “حاجا” سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ملئي ٻوليءَ ۾ “راجا” عورت جو ۽ “راڻي” مرد جو به نالو آهي، جيئن مٿي “راجا سيتيءَ” جو نالو آيو آهي ۽ “سيتي” نه فقط هندو ۽ ٻڌ ڇوڪرين جو پر مسلمان ڇوڪرين جو به عام نالو آهي.
سيد احمد السقاف ۽ راجا سيتيءَ کي هڪ پٽ سيد محمد السقاف ۽ نو ڌيئرون ڄايون. سيد محمد السقاف کي نانگ چِڪ (Nong Chik) نالي سان به سڏيو وڃي ٿو. پاڻ 1836ع ۾ ڄائو هو ۽ 1906ع ۾ وفات ڪيائين، ملائيشيا جي جوهور رياست ۾ “نانگ چڪ” نالي ڳوٺ سيد محمد السقاف نالي آهي. اڪيلو پٽ هجڻ ڪري هن کي نه فقط پيءُ جي ملڪيت ملي، پر نانِي حاجا (حاجاڻي) فاطمه جي پڻ. سندس زمينداري ۽ بزنيس کان علاوه امپورٽ ايڪسپورٽ جو به ڪم هو. نانگ چڪ کان علاوه هو هڪ ٻئي ڳوٺ ڪُوڪپ (Kukup) جو به مالڪ هو. سنگاپور جي بيچ روڊ تي ٻين بنگلن سان گڏ اهو بنگلو به هن ٺهرايو جنهن تي بعد واري خريدار هوٽل رئفلس ٺهرائي، جيڪا انگريز ليکڪ “سمرسيٽ ماهم” جي دلپسند هوٽل هوندي هئي، جتي ايندڙ جهازرانن کان مختلف ملڪن جون خبرون ٻڌي هن ڪتاب لکيا. سيد محمد السقاف ڪيترن ئي مال بردار (Cargo) جهازن جو مالڪ پڻ هو. انهن جهازن کان علاوه هو هڪ پئسينجر جهاز “ايس ايس جده” جو به مالڪ هو، جنهن جي بدقسمتيءَ جي پاڻ ڳالهه ڪري رهيا آهيون.
سنگاپور جي هن امير عرب بزنيس مئن سيد محمد السقاف جو هي جهاز خاص حاجين لاءِ 1872ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي شهر ڊمپارٽن ۾ ٺهيو ۽ سيد محمد جي ٻين مال بردار جهازن سان گڏ سنگاپور کان جدي ۽ اوسي پاسي جي بندرگاهن ڏي سامان ۽ مسافر ڍوئي رهيو هو. سندس بدنصيب سفر 17 جولاءِ 1880ع تي سنگاپور کان شروع ٿيو، جڏهن هو ملايا جي بندرگاهه پينانگ مان ٿيندو هاڻ جدي ڏي وڃي رهيو هو. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا اهي آهن، جن ۾ چوماسي (monsoon) جي هوائن ڪري هندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا ڪجهه حصا: خليج بنگال، عربي سمنڊ وغيره بيحد خراب ٿا رهن ۽ انهن مهينن ۾ حج ٿيڻ تي حاجين کي جهاز جي لوڏن ڪري “سِي سڪنيس” ٿئي ٿي ۽ کين سمنڊ جي سفر جو مزو اچڻ بدران تڪليف رسي ٿي. هن سفر ۾ جهاز هلائڻ وارن کان علاوه هڪ هزار کن مسافر به هئا. جن ۾ 778 مرد، 147 عورتون ۽ 67 ٻار هئا. ان کان علاوه جهاز تي 600 ٽن مختلف ڪارگو به هو جنهن ۾ کنڊ، هڪ خاص قسم جو ڪاٺ، مصالحو ۽ ٻيو سامان هو. جهاز جي مسافرن ۾ جهاز جي مالڪ جو ڀاڻيجو “سيد عمر السقاف” به هو. جهاز جو ڪئپٽن “جوزف ڪلارڪ” انگريز هو، ان بعد ٻئي ۽ ٽئي نمبر وارا نيويگيٽر: فرسٽ ميٽ ۽ سيڪنڊ ميٽ يورپي هئا ۽ ٿرڊ انجنيئر به يورپي هو. جهاز تي ڪئپٽن جي يورپي زال به موجود هئي.
“جده جهاز” پينانگ مان ٿي سڄو خليج بنگال سمنڊ لتاڙي، سلون (سريلنڪا) ٻيٽ جي هيٺان ڦيرو ڪري عربي سمنڊ ۾ داخل ٿي اتر جو رخ ڪيو. رستي تي لکديپ ٻيٽ ۽ بمبئي جو ڪنارو ڏئي ڪڇ ۽ ڪراچي ڏي وڌڻ بدران اتر اولهه طرف رخ اختيار ڪيو جيئن اهو جدي پهچڻ لاءِ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ داخل ٿي سگهي. 3 آگسٽ 1880ع تي بحر احمر جي منهن وٽ راس حافون (صوماليا) جي علائقن ۾ پهچڻ سان طوفاني هوائون (جن کي اسان Hurrricane force winds سڏيون ٿا) ۽ وڏيون لهرون جهاز کي سَٽڻ لڳيون. جهاز جي اڳيان پويان ٿيڻ (Pitching) ۽ ساڄي کاٻي لُڏڻ (Rolling) ڪري جهاز جا بئالر پنهنجي بنيادن تان اکڙي ويا. جهاز جي انجنيئرن ۽ خلاصين (آڳ وارن ۽ مسترين) بئالرن جي هيٺان چپرون ۽ ڪِلا ٺوڪي بئالرن کي ٻرڻ جوڳو ڪيو پر ٽن ڏينهن بعد، 6 آگسٽ تي موسم وڌيڪ خراب ٿي وئي، جنهن جهاز کي اهڙو ته ڪُڏايو جو بئالرن کي جيڪو جهڙو تهڙو مضبوط ڪيو ويو هو اهو ڊهي پيو ۽ بئالرن ۽ جهاز جي ڀتين ۾ ڏرا پوڻ ڪري هڪ طرف بئالرن جو ٻاڦ جهڙو گرم پاڻي انجڻ روم ۾ موجود ماڻهن کي ساڙڻ لڳو، ته ٻئي طرف سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر داخل ٿي جهاز کي ٻوڙڻ لڳو. جهاز کي روڪيو ويو ۽ بئالرن ۽ انجڻ جي عارضي طور مرمت ڪئي وئي. ان بعد جهاز کي آهستي هلايو ويو، جيئن اهو هن طوفان واري علائقي مان نڪري ڪنهن ويجهي بندرگاهه تائين پهچي سگهي. بئالر به سڀ تباهه ٿي ويا هئا. فقط هڪ بئالر ٻري رهيو هو، جنهن ۾ جيڪا ٿوري گهڻي ٻاڦ تيار ٿي رهي هئي ان ذريعي انجڻ، جهاز کي ٻلي پير ڌِڪي رهي هئي. جهاز اندر جيڪو سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي رهيو هو، ان کي جهاز جي خلاصين سان گڏ حاجي مسافر به بالٽين ۽ دٻن ذريعي ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهيا. پر پاڻيءَ جو ليڪيج وڌي ويو ۽ رهيل بئالر به وڃي ڦهڪو ڪيو ۽ جهاز کي اڳتي ڌڪڻ واري انجڻ بيڪار ٿي وئي.
جهاز کي ائين هوائن ۽ لهرن جي رحم ڪرڻ تي ڇڏڻ به خطرناڪ هو، جو جهاز ڪناري جي ويجهو هو ۽ ڪناري تي يا سمنڊ اندر موجود پهاڙيءَ سان ٽڪرائي ڇيتيون ڇيتيون ٿي سگهيو ٿي. اهڙي ايمرجنسيءَ جي حالت ۾ جهاز جي بنگالي، ڪوڪني ۽ ڪڇي خلاصين سڙهه اڀا ڪيا، پر طوفاني هوائن جو ايڏو زور هو جو ڪپڙي جا هي سڙهه ڦاٽي پيا يا اڏامي ويا. ستين آگسٽ وارو سڄو ڏينهن جهاز توائي ٿي هندي وڏي سمنڊ ڏي رڙهندو (drift ٿيندو) رهيو. جهاز ۾ پاڻي داخل ٿيڻ ڪري اهو هڪ طرف list ٿيڻ لڳو يعني جهڪڻ لڳو. جهاز جو ڪئپٽن ۽ ٻيا آفيسر سمجهي ويا ته هن جهاز جو هاڻ بچڻ مشڪل آهي، ان ڪري ڀڄي جان بچائجي.
هتي اهو لکندو هلان ته ان وقت تائين سامونڊي زندگيءَ ۾ ڪي سلامتيءَ جا بين الاقوامي سخت قانون وجود ۾ نه آيا هئا. هاڻ ته UNO طرفان انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن آهي جنهن جي نظر هيٺ جهاز ٺهن ٿا، جهاز هلن ٿا، جهاز هلائڻ وارن جا امتحان ٿين ٿا. وغيره وغيره. جيئن ته جهاز ٻڏڻ مهل لائيف بوٽون ايتريون هجن جن ۾ جهاز جا سڀ ماڻهو سوار ٿي جان بچائي سگهن. جهاز تي هر سوار لاءِ لائيف جئڪيٽ جو هجڻ به ضروري آهي. پر انهن ڏينهن ۾ جهاز ۾ ان قسم جي سلامتي ۽ سهولتن جي ڪا سوچ نه هئي. جهاز تي موجود حاجين اهو ئي چاهيو ٿي ته جهاز جي ٻڏڻ تائين جهاز مان پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي جيئن ڪنهن وقت به طوفان هلڪو ٿيڻ تي ڪو گس ڪري وٺجي. پر جهاز هلائڻ وارن جي نيت کوٽي هئي ۽ هنن وڌيڪ کٽراڳ ۾ نٿي پوڻ چاهيو. جيتوڻيڪ اڄ جي دور ۾ مسافرن- خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن کي پهرين بچائجي ۽ جهاز جي ڪئپٽن کي سڀ کان آخر ۾ جهاز ڇڏڻ کپي. پر هي اهو زمانو هو جنهن ۾ اهڙين ڳالهين جو پڇاڻو ڪرڻ وارو ڪير به نه هو. ان مان اندازو لڳايو ته جهاز تي فقط هڪ ٻيڙي هئي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ 20 ماڻهو سوار ٿي سگهيا ٿي. لائيف جئڪيٽ جهڙي ته ڪا شيءِ اڃا ايجاد نه ٿي هئي، شايد.
جهاز جي ڪئپٽن، چيف انجنئير ۽ ٻين آفيسرن جڏهن ڏٺو ته جهاز جي بچڻ جي ڪا اميد ناهي ته هو جهاز جي ساڄي پاسي واري ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي ان کي سمنڊ ۾ هيٺ لاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا جنهن جي مسافرن کي خبر پئجي وئي. حاجين جهاز وارن کي, کين ڇڏي نه وڃڻ جو چيو پر هنن نه مڃيو. ان تي مسافرن جو ٻيڙيءَ ۾ ڀڄي وڃڻ وارن سان زباني ۽ هٿن سان جهيڙو ٿيو. مسافرن کي ڊيڪ تي جيڪا شيءِ نظر آئي ٿي اها هنن ٻيڙيءَ وارن کي اڇلي هنئي ته جهاز تي هنن کي ڇڏي نه وڃو. طوفاني ۽ اونداهي رات واري هن جهيڙي ۾ ڪجهه جهازران ته ڪجهه مسافر سمنڊ ۾ ڪري ٻڏي ويا. ٻيڙيءَ ۾ سوار گورا (انگريز ۽ يورپي) باقي جهاز جي خلاصين ۽ مسافرن کي جهاز ۾ ڇڏي ٻيڙيءَ کي سمنڊ ۾ لاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته جهازن تي جيڪي بچاءَ لاءِ ٻيڙيون (Life Boats) ٿين ٿيون اهي ڪي بندرگاهه تائين پهچائڻ لاءِ نه هونديون آهن. چَپن تي هلائڻ واريون انهن ڏينهن جون لائيف بوٽس، توڙي اڄ جون ڊيزل انجڻ تي هلندڙ اهي ٻيڙيون فقط ان لاءِ ٿين ٿيون جيئن ماڻهن کي سلامتيءَ سان جهاز مان هيٺ لاهين ۽ پوءِ چپوئن ذريعي يا انجڻ ذريعي ٻيڙيءَ کي جهاز جي رينج کان پري ڪڍي وڃجي جيئن سڙيل جهاز جا ٽڪرا يا ٻڏندڙ جهاز پاسيرو ٿي ان ٻيڙيءَ مٿان نه ڪري. ان لائيف بوٽ ۾ ڪو ايترو تيل نٿو ٿئي ۽ نه ان ۾ ويٺل مسافرن کي ايڏي سگهه ٿئي ٿي جو چپون هلائي ٻيڙيءَ کي بندرگاهه تائين وٺي اچجي. سلامتي ۽ بندرگاهه ۾ پهچڻ لاءِ ڪنهن لنگهندڙ جهاز جو انتظار ڪرڻو پوي ٿو.
جده جهاز جي هيءَ ٻيڙي (Life Boat) سڄي رات لهرن جي رخ تي تڙڳندي رهي. ٻئي ڏينهن اتان لنگهندڙ هڪ قيدين جي جهاز (Convict Ship) ايس ايس سنديئن (S.S. Scindian) وارن جي هن ٻيڙيءَ تي نظر پئي جن هن ۾ سوار سڀني ماڻهن کي پنهنجي جهاز تي چاڙهي عدن اچي ڇڏيو، جو اهو ئي ويجهو بندرگاهه هو. عدن تي انگريزن جي حڪومت هئي ۽ هي جهاز سنديئن به انگريزن جو هو. هتي اهو به لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ جڏهن انڊيا، برما، سلون، ملايا، ڪينيا، يوگنڊا وغيره تي انگريزن جي حڪومت هئي ته انهن ملڪن ۾، يا ويندي انگلينڊ ۾، چورن ڌاڙيلن کي سزا خاطر ڏيهه نيڪالي ڏني وئي ٿي ۽ ڪاري پاڻيءَ کان علاوه، خاص ڪري انگريزن کي، سزا طور آسٽريليا موڪليو ويو ٿي ته هو باقي زندگي اتي پيا هجن. سو اهي جهاز جيڪي هوندا ته عام جهازن جهڙا مسافر يا مال بردار جهاز هئا، پر قيدين کي کڻي وڃڻ ڪري اهي Convict Ships سڏبا هئا. جيئن اڄڪلهه آسٽريليا کان رڍون ٻڪريون ڍوئڻ وارا جهاز Cattle Ships سڏجن ٿا ۽ جپان مان ڪارون آڻڻ وارا جهاز Car Carriers سڏجن ٿا. عدن پهچي ”جده“ جهاز جي آفيسرن اهائي ڪهاڻي ٻڌائي ته جهاز جا حاجي مسافر طوفان ۽ انجڻ جي خرابيءَ ڪري ڇتا ٿي پيا. هنن اسان جهاز هلائڻ وارن گورن (انگريزن ۽ يورپين) سان خونريز جهيڙو ڪيو جنهن ۾ اسان جا ٻه مئرين انجنيئر قتل ٿي ويا. وڏي مشڪل سان اسان جان بچائي هتي پهتا آهيو. “جده” جهاز لاءِ ٻڌايائون ته بئالر ڦاٽڻ تي جهاز پاڻيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هنن جي اکين اڳيان ٻڏي ويو.
مزي جي ڳالهه ته جهاز ٻڏڻ کان بچي ويو هو. ان جي مسافر حاجين بعد ۾ هن حادثي مان بچڻ جي اسٽوري هن ريت ٻڌائي ته جهاز هلائڻ وارن آفيسرن جي ٻيڙي (لائيف بوٽ) ۾ ڀڄي وڃڻ بعد جهاز جي بچيل خلاصين حاجين سان گڏجي انجڻ روم مان ڏينهن رات پاڻي ڪڍي جهاز کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو. ان بعد هنن جهاز تي مصيبت مان ڪڍڻ جو جهنڊو (Distress Signal) اڀو ڪري ڇڏيو، جيڪو اتان لنگهندڙ هڪ جهاز “ايس ايس انٽينار” (S.S. Antenor) ڏسي ورتو. هي جهاز شنگهائيءَ کان 680 مسافرن کي کڻي لنڊن وڃي رهيو هو. هن جهاز وارن ڏٺو ته جده جهاز وارا پنهنجي جهاز کي صوماليا جي ڪناري راس فيلوق وٽ بيچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. ظاهر آهي اهڙي جڏي جهاز کي جيڪو هوائن ۽ لهرن جي رحم و ڪرم تي هجي اهو سمنڊ ۾ رهڻ سان ٻڏي به سگهي ٿو، سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي سگهي ٿو. ان کان بهتر اهو ئي ڪم هو ته ان کي Beach ڪيو وڃي يعني هن کي ڪناري تي چاڙهي ڇڏجي جيئن اهو جهاز پوءِ چُري پُري نه سگهي ۽ جهاز ۾ ڦاٿل مسافر خشڪيءَ تي لهي ڪنهن ويجهي ڳوٺ ۾ هليا وڃن.
“انٽينر” جهاز جده جهاز جي ويجهو آيو ۽ پنهنجن پمپن ذريعي هن ۾ موجود پاڻي ڪڍي هن جي list ختم ڪئي. يعني هن جو هڪ طرف ڏي جهڪاءُ ختم ڪري ان کي “Even Keel” تي آندو – يعني جهاز کي ليول تي بيهاريو ۽ پوءِ رسا ٻڌي ان جهاز کي ڇڪي (Tow ڪري) مسافرن سميت عدن بندرگاهه ۾ پهچايو. اها تاريخ 11 آگسٽ هئي. بندرگاهه وارا جهاز کي صحيح سلامت ڏسي حيران ٿي ويا. جهاز جا سڀ مسافر صحيح سلامت هئا!.
عدن ۾ هند سنڌ وانگر انگريزن جي حڪومت ۽ انهن جون ڪورٽون هيون، جتي جي ريزيڊنٽ ۽ سيشن جج ڪيس هلايو ۽ جهاز جي چيف انجنيئر، ڪئپٽن ۽ چيف ميٽ کي ڏوهاري قرار ڏئي هنن جي جهاز هلائڻ واري MOT سرٽيفڪيٽ کي ٽن سالن لاءِ رد ڪري ڇڏيو. هونءَ ڏٺو وڃي ته هي بدترين اخلاقي ڏوهه هو جو جهاز جو ڪئپٽن هزار کن جانين کي مصيبت ۾ ڇڏي پنهنجي زال ۽ آفيسرن کي ساڻ ڪري ٻيڙيءَ ۾ ڀڄي ويو. مسافرن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ڇا ڪجي. بهرحال قدرت جا ڪمال آهن جو نه رڳو جهاز پر ان ۾ موجود حاجي به بچي ويا، جن مان پوءِ ڪجهه خشڪيءَ ذريعي عدن کان مڪي پهتا ته ڪجهه ڀاڙي جي ٻيڙين ۽ ٻين جهازن ذريعي عربستان جي بحر احمر جي بندرگاهه جدي ۽ ينبوع ۾ پهتا. جهاز جي مالڪ سيد محمد اسقاف کي بئالرن جي مرمت تي خرچ ضرور ڪرڻو پئجي ويو، پر سندس مهانگو جهاز بچي ويو. ان سان گڏ سندس پيارو ڀاڻيجو سيد عمر اسقاف پڻ جيڪو ان جهاز تي مسافر هو.
هتي ٻه سٽون “سيد عمر اسقاف” نالي لکڻ ضروري ٿو سمجهان، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي سنگاپور گهمڻ، نوڪري يا تعليم لاءِ وڃن ٿا جتي هنن جو هر وقت لنگهه بيچ روڊ تي 1842ع جي ٺهيل حاجا فاطمه مسجد، جالان سلطان تي 1912ع جي مدرسه السقاف العربيه ۽ رئفلس هوٽل اڳيان ٿئي ٿو، جن اڳيان هو فوٽو به ڪڍرائين ٿا.... انهن عمارتن جو واسطو سيد عمر جي مامي سيد محمد (نانگ چِڪ)، نانَي سيد احمد، نانِي راجا سيتي جي والده حاجا فاطمه سان آهي.
سيد عمر بن محمد السقاف جيڪو پنهنجي مامي سيد محمد (نانگ چڪ) السقاف جي جهاز “ايس ايس جده” جي مٿئين حادثي واري سفر ۾ موجود هو، سنگاپور جي اهم شخصيت مڃيو وڃي ٿو. هو 1852ع ۾ سنگاپور ۾ ڄائو ۽ 1927ع ۾ جاوا ٻيٽ جي شهر سُڪا ڀومي (Sukabumi) ۾ وفات ڪيائين، جتي هو گهمڻ لاءِ ويو هو ۽ سندس لاش کي اتان گهرائي سنگاپور ۾ دفن ڪيو ويو. سيد عمر جي ناني کي هڪ پٽ سيد محمد (مامو) ۽ نو ڌيئرون (ماسيون) هيون: نور، لولو، ريگوئان، ماهاني، امينا، صفيه، رقيه، عائشه ۽ خديجا. انهن مان ٻن ٽن شادي ڪئي ٻين نه ڪئي. پر بزنيس ۽ خير جي ڪمن کان سنگاپور توڙي عرب دنيا ۾ مشهور آهن. سيد عمر عائشه جو پٽ هو جنهن جي پنهنجي ئي خاندان جي جنهن شخص سان شادي ٿي ان جو نالو پڻ سيد محمد اسقاف هو. پر عائشه جو ساڳي نالي وارو ڀاءُ پنهنجي اصلي نالي محمد کان علاوه Nong Chik سان پڻ مشهور هو - جيڪو ملئي نالو آهي. جيئن آئون ملاڪا جي سفرنامي ۾ اتي جي مشهور چيف منسٽر لاءِ لکي چڪو آهيان ته هن جو نالو عبدالرحيم آهي پر هو تامبي چڪ (Tambi Chik) جي نالي سان مشهور آهي. ٻي ڳالهه ته ملئي دنيا ۾- يعني سنگاپور، ملائيشيا، انڊونيشيا، برونائي وغيره ۾ اهلبيت مرد “سيد” سڏجن ٿا جيئن اسان وٽ آهي، پر اسان وٽ عورتون به سيد سڏجن ٿيون پر هتي عورتن جي نالي اڳيان “شريفان” لکيو وڃي ٿو. مٿي سيد عمر جي والده ۽ 8 ماسين جا جيڪي نالا لکيا اٿم انهن جي اڳيان شريفان لکيو وڃي ٿو. جيئن ملائيشيا جي هڪ مشهور ۽ منهنجي دلپسند ڳائڻي” شريفان ائني” آهي. يعني هن جو نالو ائني ٿيو ۽ شريفان معنيٰ سيد يا شاهه. پر اسان وٽ شريفان نالو آهي جنهن جي ذات سيد به ٿي سگهي ٿي ته ميمڻ، شيخ، انصاري به. جيئن منهنجي والده جو نالو “شريفان سومرو” آهي. هوءَ ملائيشيا ۾ جڏهن به مون وٽ رهڻ ايندي هئي ته پاڙي جون ملئي عورتون يا منهنجي آفيس جون ڪلارڪ ڇوڪريون اهو سمجهي نه سگهنديون هيون ته “شريفان” نالو به ٿي سگهي ٿو. سيد عمر السقاف جي ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ حڪومت انگريزن جي هئي پر شان شوڪت وارو محل نما گهر سيد عمر وٽ هو، جنهن ۾ وڏي ڍنڍ به هئي جنهن ۾ هر وقت ٻيڙيون ترڳنديون رهيون ٿي. دنيا جون اعليٰ شخصيتون سيد عمر اسقاف جي “بڪت تُنگال” واري هن گهر ۾ اچي رهنديون هيون. پاڻ ڪامياب بزنيس مئن سان گڏ سخي مڙس پڻ هو. سندس مامي سيد محمد 1912ع ۾ جيڪو ”السقاف عرب اسڪول“ کوليو ان جو خرچ پکو هو سڄي زندگي ڏيندو رهيو. 1922ع ۾ پرنس آف ويلس سنگاپور گهمڻ آيو ته سيد عمر هن جو نه فقط آڌر ڀاءُ ڪيو پر هن جي شان ۾ HMS. Slamat (هزمئجيسٽي شپ سلامت) جهاز جو لانچ جيڏو ماڊل جهاز ٺهرائي ان تي يونيفارم سان آفيسرن کي بيهاري ويلس جي شهزادي کي سلامي پيش ڪئي. هن جهاز کي سنگاپور جي ٽائون هال تائين ٽرئڪٽر ڇڪي آيو هو جتي پرنس آف ويلس جو آڌر ڀاءُ ٿي رهيو هو.
سيد عمر جا نه فقط انگريز حاڪمن سان تعلقات سٺا رهيا پر حجاز جي سلطان “شريف” ۽ ترڪن جي سلطنت عثمانيه جي حاڪمن سان پڻ، جن طرفان کيس ايوارڊ به مليا.... هڪ ته Osmanieh Order of Turkey
۽ ٻيو High Order of Sheriff Hussain King Of Mecca.
کيس ٻن زالن مان ٽي پٽ: محمد، ابراهيم ۽ احمد ٿيا. السقاف فئملي ۾ احمد ۽ محمد نالا تمام گهڻا آهن. سڀ پٽ ۽ ڌيئرون: شريفان زينب ۽ شريفان عائشه (سندس ڏاڏيءَ جو نالو)سنگاپور جي مشهور ڪاروباري شخصيتن مان آهن. خاص ڪري ٻيو پٽ سيد ابراهيم عمر السقاف.
پڙهندڙن کي اهو سمجهڻ کپي ته يمن جي هن عرب خاندان السقاف جي سنگاپور ۾ ايتري ئي پراڻي تاريخ آهي جيتري سنگاپور ٻيٽ جي. السقاف فئمليءَ جا ماڻهو توهان کي نه فقط واپار ۾ پر سرڪاري نوڪرين، سياست ۽ فوج ۾ پڻ نظر ايندا.

شجرو اسقاف فئملي سنگاپور

سيد عبدالرحمان السقاف
(حاضرالموت جو عرب سوداگر، يمن کان 1824ع ۾ پنهنجي پٽ سيد احمد سان گڏ سنگاپور آيو.)

سيد احمد السقاف
هو ملئي خطاب “انگڪائو جنتا” سان سڏيو ويو ٿي ڄم جو سال 1804ع، وفات 1875ع.
زال: راجا سيتي ڪارائنگ چندا پوليح (ملاڪا جي امير واپاري عورت حاجا فاطمه سليمان جي ڌيءَ - ڄم: 1775ع، وفات: 1865ع.
(سنگاپور جي مسجد فاطمه هن سيد احمد السقاف جي سس فاطمه نالي آهي).
اولاد: هڪ پٽ سيد محمد السقاف ۽ 9 ڌيئرون: خديجه، عائشه، رقيه، صفيه، امينا، ماهاني، ريگوئان، لولو ۽ نور
سيد محمد السقاف جيڪو Nong chik سڏجي ٿو ڄم 1836ع وفات 1906ع، زال: چڪ آسيه
اولاد: داتو سيد احمد السقاف وڏو واپاري ۽ سخي مڙس
زالون: 1. شريفان علويا السقاف 2. فاطمه نيلي
انهن جو اولاد:
ميجر جنرل سيد محمد السقاف فوج مان 1970ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.
ليکڪ: “From Third World to First … The Singapore Story.”
عائشه بنت احمد اسقاف جو اولاد
1. سيد علي ۽ 2. سيد عمر ڄم 1852ع وفات 1927ع اولاد:
محمد، ابراهيم، احمد، عائشه ۽ زينب

آخر ۾ پڙهندڙن لاءِ هن حاجين جي جهاز جده سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي ڳالهه به لکڻ ضروري سمجهان ٿو جيڪا دلچسپيءَ جو باعث آهي. پر ان کان اڳ پنهنجي پڙهندڙن کان اهو سوال ڪندس ته هنن انگريزي ناول Lord Jim يا ان جو ترجمو پڙهيو آهي؟ ان ناول جي آڌار تي ان ئي نالي ”لارڊ جم“ سان انگريزي فلم به ٺهي آهي - هڪ 1925ع ۾ جنهن جي مون کي خبر ناهي ته اسان وٽ پاڪستان ۽ انڊيا ۾ هلي هئي يا نه، پر ساڳي نالي واري فلم 1965ع ۾ به هلي هئي، جنهن ۾ اسانجو انهن ڏينهن جو دلپسند اداڪار “پيٽر اوٽول” به آهي. اها فلم ڪراچيءَ جي اسڪالا يا بامبينو سئنيما ۾ ۽ حيدرآباد ۾ مئجيسٽڪ سئنيما ۾ هلي هئي جنهن جو ذڪر اسان جا حيدرآباد جا فلمن جا شوقين دوست پروفيسر قاضي خادم، نعيم بروهي (حليم بروهي جو ننڍو ڀاءُ) جن به ڪندا آهن. مون اها فلم ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ ٽرنيڊاڊ جي گاديءَ واري شهر ۽ بندرگاهه “پورٽ آف اسپين” ۾ ڏٺي هئي جيڪو انگريزي جي مشهور ناول نگار ۽ سفرناما لکندڙ وي. ايس. نائپال جو ڳوٺ آهي. سندس ڏاڏو ٻني ٻاري لاءِ انڊيا کان هتي ٽرنيڊاڊ ۾ آيو هو ۽ سندس پيءُ صحافي ٿيو هو ۽ اخبار ۾ ڪم ڪندو هو. وديا دهر سورج پرساد (وي ايس نائپال) مون کان 12 سال کن وڏو هو. سندس ننڍو ڀاءُ شيوادهر، جيڪو پڻ وڏي ڀاءُ وانگر لکڻ پڙهڻ جو شوقين هو، منهنجو هم عمر هو. هو 40 سالن جي ڄمار ۾ 1985ع ۾ گذاري ويو.
1960ع واري ڏهاڪي جا آخري سال ۽ 1970ع جا شروع وارا سال منهنجي جن جهازن تي نوڪري ٿي انهن جو روٽ ويسٽ انڊيز، USA ۽ ڪئناڊا پڻ رهيو ۽ ٽرنيڊاڊ جي هن بندرگاهه “پورٽ آف اسپين” ۾ انهن سالن ۾ به ۽ بعد ۾ به هتان لنگهڻ وقت جهاز کي راشن ۽ تيل پاڻيءَ لاءِ ترسائيندا هئاسين جو هي “ڊيوٽي فري” بندرگاهه هو جتي اسان ڌارين کي ڪنهن به شيءِ خريد ڪرڻ تي ٽئڪس نه ڏيڻو پوندو هو. هر قسم جا انگريزي ڪتاب پڻ سستي اگهه تي ملي ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ شيوادهر جو پهريون ناول Fire Flies ڇپيو هو. بعد ۾ A Hot Country ۽ ٻيا ڪتاب به ڇپيا. منهنجي ساڻس ۽ اتي رهندڙ ٻين سنڌي هندن ۽ سکن سان به ملاقات ٿيندي هئي. شيوادهر (سڄو نالو: شيوادهر سري نِواسا نائپال) مون کي جيڪي ڪتاب پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندو هو، انهن ۾ “لارڊجم” پڻ هو. هن ٻڌايو ته لارڊ جم ناول جو مصنف جوزف ڪنراڊ (Joseph Cunrad) نه فقط هن جو پر سندس وڏي ڀاءَ وِديا دهر سورج پرساد نائپال (V.S.Naipal) جو به فئوريٽ ليکڪ آهي.
بعد ۾ مون کي اها به خبر پئي ته “لارڊ جم” ناول جو ليکڪ جوزف ڪنراڊ نه فقط مٿين نائپال ڀائرن جو فئوريٽ رهيو پر ٻين به ڪيترن ئي وڏن اديبن جو رهيو آهي جن تي ڪنراڊ جي ڪردارن جو اثر رهيو آهي. جيئن ته: ٽي ايس ايليٽ، گرهام گريني، ماريا دابروسڪا، ايف، اسڪاٽ فٽزگرالڊ، ويندي ارنيسٽ هيمنگوي، فلپ راٿ، وليم باروز ۽ ٻيا ڪيترائي ادب هن کي مڃين ٿا. 1985ع ۾ جڏهن هو 38 سالن جو هو ته هن جو پهريون ناول Almayer,s folly ڇپيو هو، جنهن انگريزي پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو، ڇو جو جوزف ڪنراڊ پولينڊ جو رهاڪو هو جنهن جي مادري ٻولي پولش هئي. ويهن سالن بعد هو انگريزي ڳالهائڻ سکيو سا به اسڪول مان نه پر ماڻهن سان، خاص ڪري جهاز جي خلاصين ۽ بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ دڪي جي مزورن ۽ ملاحن سان ڳالهائي ڳالهائي سکيو. توهان ڪيترائي اهڙا ڊاڪٽر ڏٺا هوندا جيڪي ٺلها MBBS هوندا پر هو ماهر سرجنن کان بهتر اکين جو آپريشن، ڊليوري وغيره ڪندا هوندا. هالا ۾ سائين غلام رضا ڀٽو صاحب جو هڪ مائٽ شيرل ڀٽو هوندو هو جيڪو انگريزيءَ جا ٻه لفظ به پڙهيل نه هو پر هو هر قسم جي جراحي ڪري ويندو هو. سندس پٽ ناصر ۽ علي ڏنو به سٺا جراح ۽ ڊاڪٽر ثابت ٿيا. ماڻهو پڙهيل لکيل ڊاڪٽرن کي ڇڏي هنن وٽ ويندا هئا. ائين ته شاهه لطيف به ڪهڙو ايم فل يا پي ايڇ ڊي هو، پر ان جهڙو ڪو شاعر پيدا نه ٿي سگهيو آهي. آصف زرداريءَ سان کڻي ڪيترا به اختلاف هجن پر جتي ٻيا پڙهيل ڳڙهيل سياستدان پٺيان رهجي ويا اتي هي پاڪستان جو پهريون صدر آهي جنهن نه برابر تعليم جي باوجود ملڪ جي فوجين، ڪورٽن ۽ مخالف ڌر جي سياستدانن کي منهن ڏئي پنهنجو پنج سال ٽرم مڪمل ڪيو. اهڙي طرح پنهنجو پيٽارو جو ڪلاس ميٽ محمد رفيع ڪاڇيلو سڃاڻان جنهن شايد انٽر به نه ڪئي پر ڇا سندس مطالعو، مشاهدو، تجربو ۽ ڄاڻ هئي جنهن سان نه فقط ملڪ جا وڏا وڏا سياستدان، فوجي جرنيل، اعليٰ تعليم يافته ماڻهو پر انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ به ڳالهائيندي محظوظ ٿيندي هئي. سو اسان جو هي اديب جوزف ڪنراڊ هو جنهن ڪنهن يونيورسٽيءَ مان ته ڊگري حاصل نه ڪئي پر ڪنهن ڪاليج يا هاءِ اسڪول مان به نه پڙهيو. پاڻ ڪير هو. يعني سندس پروفيشن ڇا هئو؟ هو جهازن جو ڪئپٽن هو ۽ جهازن جو ڪئپٽن ٿيڻ لاءِ نيويگيشن، سي مئن شپ، Astronomy، چارٽ ورڪ، ڪارگو هئنڊلنگ ۽ Stability جهڙا اهم سبجيڪٽ هو دنيا جي ڪهڙي نيول اڪيڊميءَ مان پڙهيو؟. ڪٿان به نه! هن کي ننڍي هوندي کان سامونڊي زندگيءَ سان لڳاءُ هو. هو 17 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو ملڪ پولينڊ ڇڏي فرانس جي بندرگاهه مارسيلي (Marseille) ۾ آيو ۽ فرانس جي جهازن تي خلاصي ڇوڪري (Seaman) جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو. هو مختلف جهازن تي مختلف ملڪن جا سير ڪندو رهيو. رسا ڇڪڻ ۽ ڊيڪ ڌوئڻ واري خلاصي بعد هو رڌڻي ۾ ڀاڄيون ڇلڻ ۽ ٿانوَ ڌوئڻ جي ڪم تي لڳو. ان بعد اسٽيورڊ ٿيو. ان بعد ڪئپٽن لاءِ جهاز جو اسٽيئرنگ ويل جهلي بيهڻ وارو سکاڻي (ڪوارٽر ماسٽر) ٿيو. پوءِ ٿرڊ ميٽ، سيڪنڊ ميٽ ۽ چيف ميٽ ٿيندي ٿيندي جهاز جو ڪئپٽن ٿي ويو!
مختلف ملڪن جي بندرگاهن جي ماڻهن ۽ پنهنجي جهاز جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي ٻڌي ۽ اکين سان مشاهدا ڪري هن لکڻ شروع ڪيو. سندس ناولن جا ڪيترائي ڪردار ته سندس جهازران ساٿي هئا، جن سان گڏ هن جهاز تي سفر ڪرڻ وقت ڏکيا سکيا ڏينهن گذاريا. ڪٿي ڪانگو نديءَ جي ماڻهن هن کي متاثر ٿي ڪيو ته ڪٿي بورنيو ٻيٽ جي ملئي ماڻهن. ڪٿي انڊيا جي بنگالي ۽ تاملن، ته ڪٿي سري لنڪا جي ٻڌ سنهالين هن جي حساس دل تي اثر ٿي ڇڏيو، جن جو احوال هن پنهنجن ناولن ۽ ڪهاڻين ۾ ٿي لکيو.
جوزف ڪنراڊ 1874ع کان 1894ع تائين ويهه سال کن سامونڊي زندگيءَ سان وابسته رهيو، ان بعد به هن خوشيءَ سان نه پر بي دليءَ سان جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي جو هڪ ته هن جي صحت صحيح نه رهڻ لڳي ۽ ٻيو ته هن کي لکڻ سان ايڏي چاهت ٿي پئي جو هن نوڪري ڇڏي هڪ مَنو ٿي گهڻي کان گهڻو لکڻ چاهيو ٿي.
جوزف ڪنراڊ جا ڪيترائي ناول، ڪهاڻين، مضمونن ۽ جگ بيتين جا ڪتاب آهن. اڄ جي نوجوانن، خاص ڪري يونيورسٽين جي شاگردن کي هيٺيان ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، جيئن ته:
* (1895ع) Almayer’s Folly هي ناول بورنيو ٻيٽ تي رهندڙ هڪ ڊچ جي ڪهاڻي آهي جيڪو اتي سون جي ڳولا ڪري ٿو. سندس زال مقامي ملئي آهي جنهن مان هن کي هڪ ڌيءَ نينا آهي جنهن تي اتي جو هڪ ملئي شهزادو عاشق ٿئي ٿو ۽ شادي ڪري ٿو. هي ناول بورنيو ٻيٽ، صباح، سراواڪ، برونائي پاسي جي بئڪ گرائونڊ ۾ آهي. هن پاسي جوزف جو جهاز ڪيترائي دفعا ايندو ويندو رهيو. هن ناول جي آڌار تي فرينچ ٻوليءَ ۾ فلم ٺهي چڪي آهي ۽ ڪجهه سال اڳ ملائيشيا ۾ Hanyut نالي سان ملئي ٻوليءَ ۾ ٺاهي وئي آهي. جوزف ڪنراڊ جو هي پهريون ناول هو.
An Outcast of Islands جوزف ڪنراڊ جو هي ٻيو ناول جنهن جو واسطو سندس سامونڊي سفرن سان آهي. هن ناول تي ان ئي نالي سان انگريزي فلم ٺهي چڪي آهي.
Children of the sea- سال 1897ع ۾ ڇپيو
Heart of Darkness- 1899ع ۾ ڇپيو
Lord Jim- 1900ع ۾ ڇپيو
Typhoon- 1902ع
Nostromo- 1904ع
Chance- 1913ع
Victory- 1915ع ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب آهن جن مان ڪيترن تي انگريزي، فرينچ ۽ ٻين ٻولين ۾ فلمون ٺهي چڪيون آهن.
اسان “لارڊ جم” ناول جي ڇو ٿا ڳالهه ڪريون؟ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جوزف ڪنراڊ جو هي هڪ بهتر ناول آهي ۽ ويهين صديءَ جي هڪ سئو بهترين انگريزي ناولن مان هڪ آهي پر هتي اسان هن ناول جو ذڪر ان ڪري کنيو آهي جو هي ناول مٿي بيان ڪيل حاجين جي جهاز “ايس ايس جده” جي حادثي کان متاثر ٿي جوزف ڪنراڊ لکيو آهي. هن حادثي جي ڪهاڻي لکڻ لاءِ جوزف سنگاپور ۾ اچي رهيو هو. هي ناول ۽ سندس فلم بلڪل مٿئين “جده” جهاز واري حادثي مطابق آهي پر ليکڪ پنهنجي ناول Lord Jim ۾ جيڪو حاجين جو جهاز ٻڌايو آهي ان جو نالو S.S. Jeddah بدران S.S.Patna (اسٽيم شپ پٽنا) ڪيو آهي.
پولينڊ جنهن ملڪ سان هن ليکڪ “جوزف ڪنراڊ” جو واسطو هو انهن پنهنجي ملڪ جي بندرگاهه گڊانيا (Gdynia) ۾ جوزف جي ياد ۾ بالٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي لنگر جي شڪل جو هڪ وڏو يادگار ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن جي هيٺان پولش ۽ انگريزي ٻولين ۾ جوزف جي هيءَ Quotation ڏني آهي:
“There is nothing more enticing, disenchanting & enslaving than the life at sea…”
اهو جملو ’لارڊ جم‘ ناول جي ٻئي باب جو پهريون جملو آهي.