الطاف شيخ ڪارنر

پھتا ات پانڌيئڙا

ھي ڪتاب مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن  ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پھتا ات پانڌيئڙا

حاجين جي قتل جو وڏي ۾ وڏو واقعو

اڄ سخت قاعدي قانون ۽ ان تي عمل ٿيڻ ڪري سعودي عرب هڪ پُرسڪون ملڪ آهي. ماڻهو مڪي کان مديني ته ڇا ڪنهن ڏورانهين وڏي شهر يا ڳوٺڙي ڏي ڏينهن جو ته ڇا رات جو اڪيلو به سفر ڪري سگهي ٿو. اڄ جو يورپي ملڪن جو نوجوان يا سنگاپور، ملائيشيا، جپان جهڙن ايشيائي ملڪن جو نوجوان، جنهن جي ملڪ ۾ Law & Order جي حالت بهتر آهي اهو تصور به نٿو ڪري سگهي ته صدين تائين حج لاءِ ويندڙ حاجين کي رستي تي بدو عرب ڪيئن ڦريندا هئا. ويندي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. اڄ ڪلهه جا مسلمان ته حيرت کائين ٿا ته بدو عرب مسلمان ٿي ڪري عربستان، شام، عراق، مصر ۽ ٻين ملڪن کان ايندڙ مسلمانن کي، جيڪي حج جهڙي فرض جي ادائگيءَ لاءِ ايندا هئا انهن کي ٻين هنڌن تي ڇا پر حجاز ۾ به، يعني مڪي کان مديني ويندي به ڦريو ويو ٿي.
منهنجي خيال ۾ منهنجي سنڌي توڙي اردو پڙهندڙن لاءِ هي Situation سمجهڻ ڏکيو ڪم نه هجڻ کپي. اڄڪلهه رينجرس ۽ پوليس جي سختيءَ ڪري حالتون بهتر ٿي پيون آهن نه ته مون کي ٻڌايو شام جو دير سان خاص ڪري رات جو ڪو سفر ڪري سگهيو ٿي؟ خاص ڪري سکر، گهوٽڪي، شهدادڪوٽ، ڪشمور جهڙن ضلعن ۾؟ رات جو ته ڇا ڏينهن جو به بسن ڪارين کي بيهاري ڦر ڪئي وئي ٿي. ماڻهو اغوا ڪري ڪچي ۾ لڪايا ويا ٿي. پوليس به ڪنهن جي مدد ڪرڻ کان پريشان هئي يا انهن ڌاڙيلن سان مليل هئي. ڪٿي ڪٿي ته اها ڊڄندي هئي جو هنن کي پوليس کان بهتر هٿيار ۽ جديد “ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي” هجڻ ڪري هو پوليس کان وڌيڪ طاقتور ثابت ٿيا ٿي. ان معاملي ۾ اسان جي پوليس جا ڪيترائي ڪنگلا ۽ بکيا سپاهي ۽ آفيسر توڙي وڏيرا، ڀوتار، سردار انهن ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪري هنن کان حصو پتي ورتو ٿي.
اهوئي حال ڪراچيءَ جو هو. نه رڳو ملڪي واپاري، ڪارخانيدار ۽ پئسي وارا پر ڌارين ملڪن جا سفارتڪار به دهشتگردن کان ڊنا ٿي. ٽي وي جي ائنڪرن ۽ اخبارن جي مالڪن کان وٺي پوليس ۽ جوڊيشري جا عملدار به ڪجهه نٿي ڪري سگهيا. پنهنجو ڪاروبار، ڪارخانو ۽ دڪان هلائڻ لاءِ هنن کي ڀتو ڏيڻو پيو ٿي نه ته هنن جي دڪانن ۽ ڪارخانن کي ماڻهن سميت ساڙيو ويو ٿي يا کين ۽ سندن ٻارن کي اغوا ڪيو ويو ٿي. يورپ يا آمريڪا ۾ ويهي ڀلي ڪو اهو سوچي ته هن صديءَ ۾ ته ملائيشيا، ٿائلينڊ، ويٽنام ۽ سريلنڪا جهڙن ملڪن ۾ به امن لڳو پيو آهي، جتي ڪٿي حڪومت جو رعب تاب هلي ٿو. ڪيترن ملڪن ۾ ته رستن تي پوليس ناهي تڏهن به ڏوهاري سگنل ڀڃندي ڊڄن ٿا اتي پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪو نيوڪليئر پاور آهي، جنهن جي دنيا جي بهترين فوج آهي، جنهن جي پوليس کي انڊيا، سريلنڪا جهڙن ملڪن جي پوليس وانگر انگريزن بهتر ٽرينڊ ڪيو ان هوندي به ڇا ته ڏوهه ٿي رهيا آهن! نه پڪڙ ڌڪڙ ٿي ٿئي ۽ نه انصاف ٿو ملي. اهو ان ڪري به جو ويندي سياسي پارٽين جا اڳواڻ، وزير مشير به انهن سان مليل رهيا آهن. ماڻهو ڪنهن کي دانهن ڏين!
اڄ کان سئو سال اڳ تائين به عربستان (سعودي عرب، شام، عراق، جارڊن وغيره) جو اهو حال هو ۽ اهو صدين کان هلندو آيو ٿي. مملوڪن جي حڪومت هجي يا سلطنت عثمانيا، حاجين جي سفر دوران ڦر لڳي رهي ٿي. اميه توڙي عباسي خلافت ۾ به اهو ڪم جاري هو. حڪومتن حاجين سان گڏ پنهنجا ماڻهو ۽ سپاهي موڪليا ٿي پر تڏهن به بدو عرب زور هئا. هنن جي پٺيان انهن جا قبيلائي سردار هئا. حڪومتن خرچي ۽ چانهه پاڻيءَ جي نالي ۾ ڀتو پيش ڪيو ٿي تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ مال حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف علائقن جي بدوئن سندن علائقن مان گذرندڙ قافلن تي حملا ڪري هنن کان پئسا ڏوڪڙ ۽ کاڌي پيتي جو سامان ڦريو ٿي. باقي رهيو اهو سوال ته بدو مسلمان ٿي ڪري مسلمان حاجين کي ڦريو ٿي! ان جو جواب اهو آهي ته ڌاڙيل، ڦورو يا ڪنهن ڪرمنل (ڏوهاري) جو دين ايمان يا ٻولي نه ٿيندي آهي. ڇا ڪچي جا ڌاڙيل سنڌ جي سنڌي مسلمانن کي ڇڏيو ڏين؟ ڇا ڪراچيءَ جا دهشتگرد پنهجن کي بخش ڪريو ڇڏين؟ ڪڏهن به نه.
حجاز- يعني مڪي ۽ مديني ويندڙ حاجين سان رستي تي بدوئن جي ٿوري گهڻي ڦرلٽ ته هميشه لڳي رهي ٿي پر تاريخ ۾هڪ واقعو اهڙو به آهي جنهن جو مثال نٿو ملي. هن ڦرلٽ ۾ بدوئن سندن علائقي مان لنگهندڙ حاجين جي قافلي جا ٽي چار نه پر ويهه هزار حاجي ماري وڌا. اهو واقعو 1757ع ۾ ٿيو جڏهن حاجين جو قافلو حج ڪرڻ بعد مڪي کان واپس دمشق (شام) وڃي رهيو هو.
هتي ٻه اکر عرب بدوئن بابت لکندو هلان جن کي انگريزيءَ ۾ Bedouins سڏين ٿا. انگريزيءَ جو لفظ بيڊوئن عربي جي لفظ بداوي مان نڪتو آهي. معنيٰ صحرا (ريگستان) جو رهاڪو. عربي لفظ باديه معنيٰ ريگستان، سڄو عربستان ريگستان ۽ واري آهي. عراق ۽ مصر مٿان هوائي جهاز ۾ اڏامندي هيٺ نظر ڪبي ته نيل، دجله، فرات جهڙين ندين جي ڪنارن کي ڇڏي باقي ملڪ واري ئي واري آهي. اهو به هاڻ پيٽرول جو پئسو اچڻ ڪري، ايريگيشن جا طريقا بهتر ٿيڻ ڪري ۽ ڪجهه موسم جي تبديليءَ ڪري - يعني بارشن ڪري ڪٿي ڪٿي شهر ۽ ساوڪ نظر اچي ٿي ۽ هاڻ ته جتي ڪٿي پڪا رستا ۽ لاريون موٽرون آهن نه ته صدين تائين عربستان توڙي ان جي آس پاس جي علائقن (جن ۾ اڄ وارو مصر، فلسطين، اردن، شام، عراق وغيره اچي وڃن ٿا، انهن) جا حاجي اٺن ذريعي پيچرا وٺي حجاز پهتا ٿي. بعد ۾ دمشق کان مڪي مديني تائين هارون رشيد جي زال زبيده جهڙو تهڙو روڊ ٺهرايو، جيڪو انهن ڏينهن ۾ وڏي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي ۽ مسافر اهو فالو ڪري حجاز پهچي ويا ٿي ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڀٽڪڻ ۽ گم ٿيڻ کان بچي ويا ٿي. بدو عرب اهي خانه بدوش عرب هئا جيڪي شهرن ۾ رهڻ بدران رڻ پٽ بيابانن ۽ پهاڙي علائقن ۾ رهيا ٿي. اسان ننڍي کنڊ ۾ انيڪ ندين ڪري، يا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ گهڻين بارشن ڪري ساوڪ آهي ۽ ٻني ٻاري جو ڪم هلي ٿو پر عربستان ۾ رهائش فقط اتي ٿي سگهي ٿي جتي چشما هئا يا کوهه کوٽيو ويو ٿي. اسان جي ٿر وانگر سڄي عربستان ۾ پاڻيءَ جو مسئلو هو. رڻ پٽ مان هلندڙ قافلن به اتي ٿي ساهي پٽي جتي جتي ڪو کوهه هو. پوءِ ڪنهن هنڌ تي حاجين کي پيئڻ لاءِ مفت پاڻي ملي ويو ٿي ڪٿي ته پئسن تي به منٿن سان مليو ٿي. ٻني ٻارو يا ڪو ڪارخانو نه هجڻ ڪري چوڌاري غربت جو راڄ هو. هنن رڻ پٽن ۾ رهندڙ بدوئن کي ٻه ويلا به مشڪل نصيب ٿيا ٿي. هنن جو روزگار اٺ ۽ ٻڪريون پالڻ تي هو. جن تي هنن پاڻ به سفر ڪيو ٿي ته حج جي موسم ۾ سندن علائقي مان لنگهندڙ حج جي قافلي وارن کي به وڪڻي ڏنا ٿي، جن جا اٺ بيمار ٿي پيا ٿي يا مري ويا ٿي. ان کان علاوه هنن جي ڪمائي لنگهندڙ حاجين جي قافلن جي ڦرلٽ مان هئي. اڪيلي سر يا ٻن ٽن جي ٽولن ۾ ته ڪو سفر ڪري نٿي سگهيو. هنن ڌاڙيلن (بدوئن) ته قافلن کي به نٿي ڇڏيو.
ريگستان ۾ رهندڙ هنن بدوئن جو هڪڙو ٺام ٺڪاڻو نه هو. هو گهرن بدران تنبن ۾ رهيا ٿي ۽ پنهنجي مال کي چارڻ لاءِ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، هر وقت پاڻي ۽ گاهه جي چئن ڪانن جي تلاش ۾ رهيا ٿي. منجهن شهرن ۾ رهندڙ عربن وارو حال افعال نه هو ۽ بدوءَ جي اڄ به عرب دنيا ۾ ٻي معنيٰ “جاهل” سمجهي وڃي ٿي. جيئن اسان وٽ لفظ “ڄٽ” استعمال ٿئي ٿو. تيئن عرب دنيا ۾ ڪنهن کي بدو سڏڻ آهي. ينبوع ۾ جنهن عرب ڪلاس ميٽ دوست جي گهر ٻه مهينا کن رهيس اهو ته ٻهراڙي کان آيل هر عرب کيي ته بدو سڏيندو ئي هو پر آفيس ۾ پنهنجي ماتحت جي ڪم مان خوش نه ٿيندو هو ته منهنجي اڳيان ئي هن کي بدو چوندو هو ۽ پوءِ مون کي چوندو هو “بس قدرت کڻي تيل ڏياريو آهي ۽ اسان وٽ هر ڪو اوچي گاڏي ۽ بنگلو رکيو ويٺو آهي نه ته اسان عربن ۾ نوي سيڪڙو اڄ به بدو آهيون. آئون سندس ڳالهين تي کلندو هوس ۽ پاڻ کي ڪنٽرول ۾ رکندو هوس ته ڪٿي منهنجي وات مان اهو لفظ نه نڪري جو مون سمجهيو ٿي ته هو عرب ٿي ڀلي ٻين عربن کي بدو چون پر منهنجي چوڻ تي دل ۾ ڪندو. جيئن اسان وٽ وڏا ماڻهو ۽ شهري ٻين کي ڄٽ چوندا. ويندي اهو به چونداسين ته “ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو ڀلو”. پر ٻئي ڪنهن ڌارئين واتان ٻڌنداسين ته اسان کي چڙ ۽ ڏک ٿيندو. جيئن برمودا ۾ هڪ هندوءَ جي واتان پنهنجي ڌيءَ کي اهو ٻڌائيندي مون کي ڏک ٿيو هو ته سنڌ جا مسلمان “ڄٽ” سڏبا هئا. جيئن هڪ دفعي ڪنهن ڦورو سنڌي هندو دڪاندار کي پڪو واڻيو سڏڻ تي منهنجي اوڏ دوست دل ۾ ڪيو هو. پر مون ڏٺو ته پاڻ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻين کي “واڻيو” سڏيندو هو.... چي شل نه واڻيو ٻن پئسن جو فائدو ڏسي، هن کان دوستي ۽ مائٽي به وسري ويندي ان معاملي ۾ انگريز پهلوان آهن، هو پاڻ تي به چرچا ڪندي نٿا ڪيٻائين.
بهرحال ڪجهه به هجي، اڄ عرب دنيا ۾ اسان کان وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جا ڄاڻو ٿي پيا آهن پر هنن کي اڄ به ڪيترائي بدو سڏين ٿا ۽ انهن بدوئن عربستان جي ريگستان ۾ ڪئين صديون خانه-بدوشن واري زندگي گذاري قافلا ڦريا ۽ قتل ڪيا. مسلمانن هوندي به روزگار خاطر اهي اهي ڪم ڪيا جنهن کان اسلام منع ڪري ٿو. يعني ڦريون، ڌاڙا، قتل .... ڀلي صوم و صلوات جا پابند هجن. هو ڇا چوندا آهن ته “چوري منهنجو ڌنڌو، نماز منهنجو فرض”. هنن اهي ڪم يعني ڌنڌا صدين تائين ڪيا. هاڻ قاعدي قانون جي سختيءَ ڪري وڃي ٺاپر آئي آهي نه ته اڄ کان ستر سال اڳ به جڏهن آئون ڇهن سالن جو هوس ته اسان جي ڳوٺ جا حاجي ٻڌائي رهيا هئا ته هنن جو مڪي کان مديني اٺن جي سفر دوران رستي تي بدو الهه تلهه ڦري ويا. پر شاباس هجين. هو ڇا چوندا آهن ته “پريان سندي پار جي مڙيئي مٺائي، ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري”. هنن لاءِ مٺي محبوب جي ديس جا ڌاڙيل به ڀلارا هئا. هو اهو ئي ٻڌائي رهيا هئا ته “بدو سڳورا” هنن جو سڀ ڪجهه ڦري ويا. ڪنهن سنڌيءَ جي اها ڳالهه ته توهان ضرور ٻڌي هوندي جيڪو عربن مان متاثر ٿي هنن جي تعريف ڪري رهيو هو ته هن جو ڪنهن عرب سان جهيڙو ٿي پيو. “ آئون عرب کي سنڌيءَ ۾ گاريون ڏيندو رهيس پر شاباس هجي عرب کي هو مون کي عربيءَ ۾ دعائون ئي ڏيندو رهيو”.
بهرحال حضور صلعم جن جي ڏينهن ۾ بدو عرب ڦرلٽ کان مشهور هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترن کي رب پاڪ اهڙي هدايت نصيب ڪئي جو هو نيڪ ۽ ڀلارا انسان ٿيا جيئن ته حضرت ابوذر غِفاري جنهن جو قبيلو “بنو غِفاري” ۽ ڪنيت “ابوذر” هئي. بنو غِفار قبيلو چوري ۽ رهزنيءَ ۾ شهرت رکندو هو. خود ابوذر بابت راوي خفاف جو بيان آهي: “هو رهزني ڪندو هو يعني ڦرلٽ ڪندو هو. دلير مڙس هو، يڪي سر قافلا ڦريندو هو. ڀنڀرڪي مهل بستين تي غارتون ڪندو هو ۽ وڳن جا وڳ هڻيو ويندو هو. ڪڏهن گهوڙي جي پٺ تي سوار ٿي ماڻهن جا مال ڪاهيندو هو ۽ ڪڏهن خونخوار جانور وانگر پيدل حملا ڪندو هو....”
اسلام جي ظهور وقت ابوذر جي عمر ٽيهه سال کن هئي. انهيءَ ڦوهه جوانيءَ واري زماني ۾ جڏهن هو دليري ۽ غارتگريءَ ۾ پنهنجي قبيلي کان ٻاهر مشهور ٿي چڪو هو تڏهن هن جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو انقلاب آيو جو هو اسلام کان اڳ ئي بت پرستي، رهزني ۽ ٻين جاهلي رسمن کي ترڪ ڪري هڪ اڻ ڏٺل خالق ۽ مالڪ جو پوڄاري بنجي ويو. عربن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي هڪ اُمي (الهامي تعليم کان اڻ واقف ۽ اڻ پڙهيل) ۽ بدو قوم هئا. هنن جي معاشري ۾ بت پرستي، جنسي آزادي، شراب، قبائلي تعصب، ڦرمار، غارتگري ۽ قتل عام هو. اهڙي بگڙيل جاهل معاشري ۾ ابوذر غِفاريءَ ۾ جيڪا تبديلي آئي سا حيرت انگيز هئي. هڪ ڀيري هنن جي علائقي ۾ سخت ڏڪار پيو. ابوذر جو قبيلو غِفار “منات” جي بت جو پوڄاري هو. ان ڪري قبيلي جي سردار سڄي قبيلي کي حڪم ڏنو ته ڏاچين ۽ گڏهن تي سامان ٻڌو ۽ سڀئي “منات” جي مندر تي هلو. منات جي راضي ٿي ويو ته مينهن کي موڪل ٿيندي ۽ سڄو ملڪ ملير ٿي ويندو. ٻئي ڏينهن هو سڀ منات جي تيرٿ لاءِ روانا ٿيا. ڪجهه ڏينهن جي سفر بعد بنو غِفار جو قبيلو منات ديوتا جي چرنن ۾ پهچي ويو ۽ جاهلي طريقي مطابق ان جو طواف ۽ سجدو بجا آندائون ۽ نذر نياز باسيائون جڏهن رات ٿي ته سڀ سمهي رهيا. ابوذر کي ننڊ نه آئي. هو جاڳندو رهيو. هن کير جو پيالو کڻي وڃي منات بت اڳيان رکيو ۽ سامهون واريءَ تي ليٽي سوچڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ لومڙي آئي ۽ منات اڳيان رکيل سڀ کير پي، مٿس پيشاب ڪري وري ريگستان ۾ غائب ٿي ويئي. ان منظر ابوذر تي ڏاڍو اثر ڪيو. روايت آهي ته هن اتي جو اتي هڪ شعر چيو: “ارَب يبول لثعلبان عقلي راس ه لَقَد ذَل منَ بالت عَلي ه الثعالب”. (ترجمو: “ڇا اهو خدا ٿي سگهي ٿو جنهن جي مٿي تي لومڙيون پيشاب ڪن؟ جنهن جو اهو حال هجي سو ته پاڻ ئي ذليل و خوار آهي”).
ان کانپوءِ هن ڪجهه پٿر منات ڏانهن اڇلايا ۽ پاڻ پاسا ورائيندي رات ڪاٽيائين. صبح جو پنهنجي قبيلي وارن سان گڏ پنهنجي بستيءَ ڏي روانو ٿي ويو.
آهستي آهستي هن جي قلب ۾ توحيد جو نور چمڪڻ لڳو. هن اعلان ڪيو ته هن ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ، هنن جبلن، بيابانن، سج، چنڊ، تارن ۽ آسمان کان مٿانهون هوندو. اهو ئي عبادت جي لائق آهي ۽ نه ڪه لات، منات ۽ عزيٰ جا بت، بنو غِفار جي ڏاڍي مڙس ابوذر جي دل ۾ توحيد جي تجلي ٿي ته هن بتن ۽ مندر ڏانهن وڃڻ ڇڏي ڏنو. راوي ابو معشر چوي ٿو ته ابوذر جاهليت جي زماني ۾ ئي هڪ خدا جو قائل هو. جيئن ئي اسلام جي روشني ڦهلجڻ لڳي ته ابوذر اسلام ۾ داخل ٿيو. ٻين ماڻهن تائين دين جو پيغام رسائڻ لاءِ حضور صلعم جن پاڻ يا سندن قاصد ويا، پر ابوذر رضي الله عنه سلمان فارسي رضه وانگر حق جي تلاش ۽ هدايت جي جستجو ۾ سندن خذمت اقدس ۾ ازخود پهتو. پاڻ پنجون شخص هو جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ مشهور اصحابي ٿي گذريو آهي.
ابوذر غِفاريءَ جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم ته ڪيترا بدو وقت سان گڏ عالم، ديندار، سياستدان ۽ سائنسدان به ٿيا. عرب دنيا ۾ تيل نڪرڻ ڪري جتي ڪٿي جدت اچي وئي. اڄ بيابانن ۾ اهڙا پڪا روڊ ۽ وڏين عمارتن وارا شهر، ايئرپورٽ ۽ گاڏيون آهن جو جتي ڪٿي يورپ جو ڏيک ٿو نظر اچي. هر عرب روزگار کي لڳل آهي ۽ سندس اولاد اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي پر گذريل صديءَ جي شروع واري چوٿي تائين سعودي عرب ۾ بيروزگاري ۽ بک هئي. ريگستان ۾ رهندڙ بدو عرب- بقول اسان سنڌين جي “بدو سڳورا” پيٽ گذر لاءِ ڇا ڪن؟ هنن لاءِ حج لاءِ ايندڙ مسافرن جي ڦرلٽ ڪرڻ ئي وڏو روزگار جو ذريعو هو. 1757ع وارو جيڪو بدو عربن وارو ڦرلٽ وارو واقعو ٿيو هو، انهن ڏينهن ۾ اڄ واري مصر، عراق ۽ سعودي عرب تي حڪومت ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيا جي هئي. سلطنت عثمانيا وارن حاجين جي بچاءَ لاءِ نه فقط گڏ گڏ سپاهي ۽ فوج موڪلي ٿي پر دمشق کان مديني تائين رستي تي بدوئن جي اهم قبيلن جي سردارن کي ڀَتي خاطر پئسو به ڏنو ٿي. شام، ترڪي، وچ ايشيا ۽ اوسي پاسي کان حج لاءِ هلندڙ مسافر دمشق ۾ اچي گڏ ٿيا ٿي ۽ پوءِ اتان قافلي جي صورت ۾ هزارين اٺن جو قافلو مديني لاءِ روانو ٿيو ٿي. سلطنت عثمانيا جا سپاهي صوبي جي گورنر جي اڳواڻي ۽ حڪم هيٺ هليا ٿي جيڪو “والي” يا “امير الحج” به سڏيو ويو ٿي. رستي تي بدو قبيلن جي ڀتي لاءِ پئسو هٿ ڪرڻ به هن جو ڪم هو. سفر شروع ڪرڻ کان اڳ هن “اميرالحج” دمشق شهر جي ماڻهن کان ڀتي لاءِ چندو ورتو ٿي.
دمشق ۽ مديني جي وچ ۾ سڀ کان وڏو ۽ خطرناڪ بدو قبيلو “بني صخر” جو آيو ٿي. هونءَ حاجين جو نالو نه وٺڻ لاءِ هنن کي پئسو ڏيڻ جو اهو طريقو هليو ٿي ته هنن جي ڊمانڊ موجب اڌ پئسا مديني ويندي وقت ڏنا ويا ٿي ته اڌ پئسا حج تان موٽڻ تي ڏنا ويا ٿي. هن بدنصيب سفر ۾ حج جي اڳواڻ “اميرالحج” بدوئن جي سردار کي ويندي وقت پئسا نه ڏنا. شايد هن واپسي تي ڏيڻ ٿي چاهيا يا هن پنهنجي کيسي ۾ رکڻ ٿي چاهيا. ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته هنن بدوئن جي قبيلي “بني صخر” جو مخالف قبيلو ان ايريا ۾ ڪافي مضبوط ٿي چڪو هو، جنهن قافلي جي ڪمانڊر “اميرالحج” تي زور آندو ته هو هاڻ بني صخر وارن کي ڀتو ڏيڻ بدران کين ڏئي.
حج تان واپسي تي بگڙيل بني صخر جي بدوئن هن قافلي تي حملو ڪري ڏنو. پهرين ته اڳيان هلندڙ سپاهين تي ان کان پوءِ جيڪي ٿي سامهون آين انهن تي. سڀ حاجي هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا پر جيڪي هنن جي ور چڙهيا انهن کي ڦريائون ۽ قتل ڪيائون. ڪيترن ئي مردن توڙي عورتن کي اگهاڙو ڪرڻ ڀڄائي ڪڍيائون. رڻ پٽ جي گرمي ۽ اڃ ۾ ڪيترائي تتل واريءَ تي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويا. جڏهن آخر ۾ دمشق ۾ ڳڻپ ڪئي وئي ته خبر پئي ته ويهه هزار جي آسپاس ماڻهو مري ويا. يعني انهن ۾ ڪي قتل ڪيا ويا ته ڪي اڃ بک ۽ تتل واريءَ ڪري فوت ٿي ويا.
هن حملي ڪري سڄي سلطنت عثمانيا صدمي ۾ اچي وئي. هلڪا ڦلڪا حملا ته هر سال حاجين جي قافلن تي ٿيندا رهيا ٿي پر ڪنهن به هيڏي وڏي قتل عام جو نه سوچيو هو. دمشق توڙي سلطنت عثمانيا جي گادي واري شهر استنبول ۾ حاڪمن کي چپ لڳي وئي. هر سال ڪعبي جو غلاف ترڪي جي حاڪم لاءِ کڄي ويندو هو. بدو ڌاڙيل اهو به کسي ويا جيڪا سلطنت عثمانيه جي وڏي بي عزتي سمجهي وئي ته هو غلاف ڪعبه کي به بچائي نه سگهيا. هن قافلي جي حاجين ۾ ڪيترائي دمشق ۽ استنبول جا اعليٰ عملدار ۽ درٻار جا ڪامورا ته هئا پر وقت جي سلطان جي ڀيڻ به ان قافلي ۾ شامل هئي جيڪا پڻ مارجي وئي. انهن ئي ڏينهن ۾ 30 آڪٽوبر 1757ع تي ترڪيءَ جو حاڪم سلطان عثمان سوم گذاري ويو ۽ سلطان مصطفيٰ سومر تخت تي وهڻ سان دمشق جي صوبائي عملدارن ۽ شاهي ڪامورن کي، جن جي ڪري هن سفر جو بندوبست صحيح طرح نه ٿي سگهيو، سخت سزائون ڏنيون. نون مقرر ڪيل آفيسرن علائقي جي ٻين قبيلن جي سردارن ۽ ڀوتارن جي معرفت بني صخر قبيلي جي اڳواڻن جون خوشامدون ڪري ۽ پئسا ڏئي هنن کان ڦر ڪيل ڪجهه اهم سامان ۽ غلاف ڪعبه واپس حاصل ڪيو ۽ سلطان ڏي استنبول موڪليو. پڙهندڙ ان مان اندازو لڳائي سگهن ٿا ته سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) جنهن جو رعب تاب هڪ پاسي رومانيا، بلغاريا تائين ته ٻئي پاسي انڊيا ۽ ملايا تائين هليو ٿي، جنهن جي حڪومت شام، مصر ۽ سعودي عرب تي به هئي ۽ جنهن جي دوستي چين ۽ جپان جهڙن ڏورانهن ملڪن جي حاڪمن سان به هئي پر هو صحرائي بدوئن کي ڪجهه به نه ڪري سگهيا .... هنن جو مقابلو نه ڪري سگهيا.... ايتريقدر جو غلاف ڪعبه حاصل ڪرڻ لاءِ به هنن ويتر پئسو ڀريو.
هن قافلي جو اميرالحج حسين پاشا انهي ئي سال ٿيو هو، جو اهو حادثو ٿيو. نه ته ان کان اڳ اسد پاشا چوڏهن سالن تائين امير هو پر ڪو وڏو حادثو نه ٿيو. ترڪي جي سلطان کي ان تي به شڪ ٿيو ته شايد هن کي نوڪريءَ تان لاهڻ ڪري هن بني سخر قبيلي جي بدوئن کي حملي لاءِ بڇ ڪئي هجي. سو سزا خاطر اسد پاشا کي يونان جي هڪ ٻيٽ Crete (ڪريٽي) تي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو. ڪريٽي ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ پنجون نمبر وڏو ٻيٽ آهي. يونان ۽ ترڪي ٻئي پاڙيسري ملڪ آهن ۽ تاريخ ۾ ڪي ٻيٽ ڪڏهن ترڪيءَ حوالي رهيا ٿي ته ڪڏهن يونان حوالي، جيئن قبرص (Cyprus) ٻيٽ تي ترڪ به رهن ٿا ته يوناني به ۽ اتي ٻئي ٻوليون ڳالهيون وڃن ٿيون. قبرص به ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ هڪ مشهور ٻيٽ آهي.
بهرحال سابق اميرالحج (گورنر) کي ڪريٽي ٻيٽ تي پهچائڻ کان اڳ هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري استنبول موڪليو ويو ۽ ڪيترائي ڏينهن شاهي محل جي ٻاهران بانس جي ڏنڊي تي لڙڪندو رهيو.
ڪيڏو عجيب اتفاق آهي جو ايترن حاجين جو هي قتل 1757ع ۾ ٿيو ۽ ترڪ حڪومت گورنر کي ڏيهه نيڪاليءَ جو حڪم ڏنو. پورن سئو سالن بعد 1857ع ۾ انگريز حڪومت بهادر شاهه ظفر کي رنگون ڏيهه نيڪالي ڏئي ٿي ۽ دهليءَ جي گهٽين ۾ بادشاهه جي خاندان سان گڏ هزارين مسلمانن کي قتل ڪيو وڃي ٿو!.