هڪ مهاراجا جو مڪي پهچڻ ۽ مسلمان ٿيڻ
دراصل اها ڳالهه هرگز صحيح نٿي لڳي ته سنڌ کي محمد بن قاسم فتح ڪيو، ان بعد اسلام سنڌ ۾ آيو، جتان پوءِ باقي ننڍي کنڊ ۾ پکڙيو. سنڌ کي “باب السلام” سڏڻ پنهنجي جاءِ تي پر محمد بن قاسم جي حملي کان اڳ ئي سنڌ ۾ عرب رهيا ٿي. جن جو واسطو گهڻو ڪري واپار سان هو ۽ اسان جا ڪيترائي سنڌي هندو واپار جي سلسلي ۾ عربستان ڏي ويا ٿي ۽ ڪيترا اتي ئي رهي پيا ٿي ڪيترا ته پڙهيل ڳڙهيل ۽ عربي جي ڄاڻ هجڻ ڪري عربستان ۾ واپار کان علاوه ٻيا ڌنڌا ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم پڻ ڪندا هئا. عربيءَ کان علاوه هو فارسيءَ جا به ڄاڻو هئا.
اهڙي طرح عرب واپاري سرانديپ، بنگال، جاوا، سماترا ۽ چين تائين آيا ويا ٿي. جهازرانيءَ ۾ يعني ان دوران جهڙا به جهاز هئا، انهن کي هلائڻ (Navigation) ۽ موسم جي معلومات، هوائن جي رخ ۽ سامونڊي ڇولين جي طرف کان عرب، چيني توڙي ملباري ۽ اسان جا انهن ڏينهن جا سنڌي وڏا قابل هئا. هونءَ اها ٻي ڳالهه آهي ته ان دور ۾ اسان جي ناکوئن توڙي بادشاهن جو ڪم “ڪجهه تورايو ڪجهه چورايو” تي هلندو هو. اسان جا يعني جيڪا دنيا ان وقت تائين ايجاد ٿي چڪي هئي، انهن جي حاڪمن جو ڪم ملڪ ۾ ائگريڪلچر ۽ ايريگيشن ۾ سڌارو آڻڻ يا ڪارخانا هڻي ملڪ هلائڻ نه پر اوسي پاسي جي ڏيهن تي حملو ڪري، ڦرلٽ ڪري، مال پنهنجي ملڪ ۾ آڻڻ هوندو هو. اهو ئي ڪم يورپ جي ملڪن ۾ به هليو پئي ۽ ناروي پاسي جا ”وائڪنگ” مشهور ڦورو سڏيا ويا ٿي. اهو ئي ڪم اسان جي عربي سمنڊ ۾ به هليو پئي ۽ عربن توڙي اسان جي سنڌين ۾ جتي وڻجارا ۽ واپاري مشهور هئا اتي قذاق (سامونڊي ڦورو) به ٽاپ جا هوندا هئا.
عربن جو ملبار ڪناري وارن بندرگاهن ۾ واپار جي سلسلي ۾ ڪافي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو ۽ ڪيرالاجي هن بادشاهه جي عربن ۽ ايرانين سان سٺي دوستي هئي. هونءَ به انهن ڏينهن ۾ نه اخبارون هيون نه ريڊيا. مختلف ملڪن جون خبرون جهازرانن کان پونديون هيون. ڪجهه روايتن موجب اهو چيو وڃي ٿو ته چنڊ جو ٻه اڌ ٿيڻ وارو نظارو جنهن جو قرآن ۾ به ذڪر آهي، انڊيا جي هن راجا چيرامن پيرومل به ڏٺو. حيرتزده بادشاهه، هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه جي پنهنجن نجومين کان به پڪ ڪئي، پر هن کي اهو سمجهه ۾ نه آيو ته اهو ڇو ٿيو ۽ ان جي پس منظر ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. ڪجهه ڏينهن بعد مالابار بندرگاهه ۾ عربن جا ٻيڙا اچڻ شروع ٿيا. جو انهن ڏينهن ۾ هي علائقو واپار جي وڏي منڊي هو. مختلف ملڪن کان جهاز وڪري جو سامان کڻي آيا ٿي ۽ هتي خريد و فروخت ڪئي ٿي. ملبار ڪناري تي ٻارهوئي هڪ چهچٽو متل هوندو هو. موسم مطابق يعني هوائن جي بدلجندڙ رخن مطابق ڪڏهن اتراهن بندرگاهن (عربستان، ايران، سنڌ) کان جهاز پيا ايندا هئا ته ٻي موسم ۾ ڏاکڻن بندرگاهن (سريلنڪا، مالديپ، ملايا، خليج بنگال ويندي چين) کان جهاز اچي لنگرانداز ٿيندا هئا ۽ مال جي وڪري، سامان جي ادل بدل (Barter System) کان علاوه ناکئا پنهنجن جهازن جي مرمت ڪندا هئا ۽ ٿڪ ڀڃندا هئا. مالابار جي هن بادشاهه چيرامن پيرومل جو پري پري تائين، ويندي سرانديپ (اڄ واري سلون تي)، اثر رسوخ هليو ٿي. انهن عرب سوداگرن مان هڪ ٽولو بادشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ سرانديپ (سلون) وڃڻ جي اجازت گهري. ڳالهين دوران بادشاهه کي حضرت محمد صلعم جن بابت واقفيت ٿي ۽ هو پنهنجي پٽ کي سلطنت جو وليعهد (Regent) بنائي پاڻ هنن عربن جي موٽڻ تي هنن سان گڏ عربستان ڏي ڪوچ ڪيو جيئن حضرت محمد صلعم جن سان ملي سگهي.