الطاف شيخ ڪارنر

پھتا ات پانڌيئڙا

ھي ڪتاب مختلف مضمونن جو مجموعو آھي، جنھن ۾ گهڻائي حج سان لاڳاپيل مضمونن جي آھي تنھنڪري ھن  ڪتاب جو نالو ”پھتا ات پانڌيئڙا“ رکيو ويو آھي. ھن ڪتاب ۾ مختلف ماڻھن پاران حج سفر جون ڪھاڻيون، ھندستان جي ماڻھن جي حج جي سفر جون ڪھاڻيون، سمنڊ ۽ جھاز راني بابت دلچسپ مضمون، پورچوگالين جي سفر، اسپين جي عربي نالن وارا شھر، اسپين جي 7 صديون عربن حوالي ھجڻ جو مضمون، آمريڪي حاجين جا قصا، يورپي حاجي جو پنڌ سفر ڪري حج ڪرڻ، مڪي جو پاور پلانٽ، ھڪ غير مسلم انگريز جي حج جو قصو، صحرائي جھاز کان سامونڊي جھاز ۽ وري ھوائي جھاز ذريعي حج جي سفر جي ڪھاڻي سميت 44 مضمون شامل آھن.

  • 4.5/5.0
  • 24
  • 13
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پھتا ات پانڌيئڙا

دنيا جي امير ترين شخص جو تاريخي حج

آفريڪا کنڊ جي مٿئين اڌ ۾، کاٻي پاسي يعني اولهه ۾ هڪ چڱو وڏو ملڪ آهي “مالي”. جنهن جي اتر ۾ الجيريا ۽ موريطانيا آهي، اولهه ۾ سينيگال ۽ گني (Guinea)، ڏکڻ ۾ آئوري ڪوسٽ ۽ برڪينا فاسو ۽ اوڀر ۾ نائيجر ملڪ آهي جنهن جي اوسي پاسي ۽ ٿورو پرڀرو نائجيريا، بينن، ٽوگو، گهانا، سيرياليون، لائيبيريا ۽ ٻيا ننڍا وڏا ملڪ آهن. مالي جو مٿيون، اڌ کان وڌيڪ حصو رڻ پٽ بيابان آهي. يعني صحارا جو حصو آهي. هيٺين حصي ۾ ماڻهن جي رهائش ۽ وڏا شهر آهن جيئن ته “باماڪو” جيڪو گاديءَ جو شهر آهي ۽ ڏکڻ ماليءَ مان وهندڙ ندي نائيجر جي ڪناري تي آهي. ان کان علاوه ماليءَ جو هڪ آڳاٽو شهر “ٽمبڪٽو آهي جيڪو چوڏهين صديءَ ۾ دنيا ۾ مشهور ٿيو جڏهن ملڪ جو بادشاهه منسا موسيٰ 1324ع ۾ حج تي روانو ٿيو. ٽمبڪٽو کان علاوه “جِني” شهر پڻ مشهور آهي ۽ ٽمبٽڪو وانگر هن ۾ مسجدون ۽ ديني مدرسا آهن. صحارا ٽپندڙ اٺن جا قافلا جيڪي ٽمبٽڪو ۾ آيا ويا ٿي اهي جني (Djenne) شهر مان به لنگهيا ٿي.
مالي جو 1312ع کان 1337ع تائين سلطان “منسا موسيٰ” نالي هو، جيڪو 1280ع ۾ ٽمبڪٽو ۾ ڄائو هو. 44 سالن جي ڄمار ۾ 1324ع ۾ حج تي روانو ٿيو جتان 1325ع ۾ يعني سال بعد وطن (مالي) پهتو. انهن ڏينهن ۾ آفريڪا جي ملڪن الجيريا، موراڪو، ماريطانيا، گهانا، نائيجيريا وغيره کان اٺن ذريعي حج تي سال سوا لڳي ويو ٿي جيئن ويهين صديءَ ۾ اسان جي ملڪ جي ماڻهن پاڻي جي جهازن سفينه حجاج، سفينه عرب وغيره ۾ وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ چار مهينا ٿي ورتا ۽ پوءِ 1980ع بعد جڏهن هوائي جهاز جو سفر عام ٿيو ته حج جو ٽائيم پيرڊ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن تائين ٿي پيو آهي. جن ڏينهن ۾ سلطان منسا موسيٰ (Mansa Musa) حج لاءِ نڪتو. يعني 1324ع ۾، اهو دور مالي سلطنت جو سونهري دور هو جنهن لاءِ نيهيميا (سڄو نالو Nehemia Levztion) تاريخ نويس “The 13th & 14th Century Kings of Mali” ڪتاب ۾ لکي ٿو ته منسا موسيٰ جا 25 سال حڪومت وارو دور “…was the golden age of the empire of Mali”. مالي جو هي بادشاهه جڏهن حج لاءِ نڪتو ته وڏي شان شوڪت سان نڪتو. ظاهر آهي بادشاهه ماڻهو هيڏي وڏي سفر تي هڪ عام ماڻهوءَ وانگر اڪيلو ته نه نڪرندو. جيئن هن کان اڳ وارن مضمونن ۾ لکي چڪو آهيان ته مغل بادشاهه بابر جي ڌيءَ گلبدن جڏهن شهنشاهه اڪبر جي زال سليمان سلطان بيگم سان گڏ 1576ع ۾ حج تي وئي هئي ته هن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ 40 ٻانهيون گڏ هليون هيون. ڀوپال جي راڻي سڪندر بيگم 1863ع ۾ جڏهن پنهنجي ماءُ، سابقه راڻي قدسيه بيگم سان حج تي رواني ٿي ته هنن جي خذمت ۽ ٽهل ٽڪور لاءِ 1500 عورتون شامل هيون ۽ ڀوپال جي هڪ ٻي راڻي سلطان جهان جڏهن 1903ع ۾ اسٽيم شپ اڪبر” نالي جهاز تي رواني ٿي هئي ته هن سان گڏ 300 ماڻهو هئا. بادشاهه جي ڌيءَ، زال يا ڀوپال رياست جي حاڪم راڻيءَ کي، پاڻ سان گڏ، ايترا ماڻهو وٺي وڃڻ تي ئي حيرت ٿا کائون سو چوڏهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ آفريڪا جي هڪ بادشاهه کي پاڻ سان هزارين ماڻهو وٺي حج تي نڪرڻ ۽ انهن جو رستي تي توڙي مڪي مديني ۽ ٻين شهرن ۾ ترسڻ دوران کاڌي پيتي سان گڏ رهائش جو بندوبست ڪرڻ ڇا حيرت ۾ وجهدڙ ڳالهه ناهي. در اصل هن بادشاهه جي ان شاهي سفر سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ دنيا کي خبر پيئي ته آفريڪا کنڊ ۾ مالي نالي به ملڪ آهي جنهن جي شان مان ۽ خاص ڪري دولت جو ڪو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهي.
سلطان پنهنجي لائو لشڪر سان، اٺن تي سوار قافلي سان ٽمبڪٽو مان نڪتو ۽ انهن ڏينهن جو صحرائي روٽ اختيار ڪري پهرين نائيجر ندي جو ڪنارو ڏئي ميما شهر ۾ پهتو جتان پوءِ قافلن جي وڌيڪ ترسڻ وارين مالي، موريطانيا ۽ الجيريا وارن منزلي شهرن ولاته، تغازي ۽ توات (الجيريا) ۾ منزلون ڪندا، آخرڪار مصر ۾ پهتا. توات اهو شهر آهي جتي انهن ڏينهن ۾ ڏورانهن ڏيهن مصر ۽ اسپين جي ميورڪا ٻيٽن کان مسلمان ۽ يهودي واپاري آيا ٿي. سلطان موسيٰ جي هن قافلي ۾ هن سان گڏ 60000 ماڻهو هئا. ان مان توهان اندازو لڳايو ته اٺن جو تعداد ته ان کان به وڌيڪ هوندو جو ڪيترن اٺن تي ته کاڌي پيتي، رڌ پچاءَ، هنڌ بسترن ۽ خيمن جهڙو سامان رکيو ويو هو. مٿين ماڻهن ۾ 12000 ته بادشاهه ۽ ان جي ٽولي جي خذمت چاڪريءَ لاءِ غلام هئا. سڀني مسافرن (غلامن سميت) کي بروڪيڊ ۽ پرشن سلڪ جا چوغا پهريل هئا. غلامن مان هر هڪ ٻن سيرن واريون سونيون سرون کنيون هيون. اٺن کان علاوه هن قافلي ۾ گهوڙن جو به چڱو تعداد هو. سلطان موسيٰ قافلي ۾ هلندڙ هر ماڻهوءَ ۽ جانور جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪيو هو. قافلي ۾ ٻين اٺن سان گڏ 80 اٺ اهي هئا جن مان هر هڪ تي 50 کان 300 پائونڊ (يعني 23 کان 136 ڪلو) سون جي ڀرڪٽ (ٻُورو Dust) رکي وئي هئي. سلطان منسا موسيٰ اها سون جي ڀرڪٽ (Dust) رستي تي ملندڙ هر غريب ماڻهوءَ کي مٺيون ڀري ڏيندو هليو. هن اها سون جي ڀرڪٽ نه فقط خيرات ۾ ڏني ٿي پر ان سان مختلف هنڌن تي سوکڙيون ۽ سوغاتون به خريد ڪيون ٿي. هر جمعي ڏينهن جنهن هنڌ تي قافلو پهتو ٿي اتي هن مسجد ٺهرائي ٿي.
سلطان منسا موسيٰ جي هن حج جي سفر جو احوال ڪيترن ئي ماڻهن لکيو آهي ۽ ٻين زباني بيان ڪيو آهي. مصر ۾ ترسڻ دوران هو ان وقت مصر جي مملوڪ حاڪم “الناصر محمد” سان به مليو. مصر ۾ پهچڻ تي هن پهرين مصر جي اهرامن وٽ ٽي ڏينهن ڪئمپ هنئي. ان بعد هن مصر جي سلطان الناصر محمد ڏي 50000 دينار نذراني طور موڪليا ۽ قاهره ۾ 3 مهينا رهڻ جو ارادو ڪيو. هن سلطان ”مالي جي بادشاهه“ کي اونهاري جون گرميون گذارڻ لاءِ پنهنجو محل ڏنو ۽ پنهنجن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته منسا موسيٰ سان گڏ آيل سڀني ماڻهن جو چڱي طرح خيال رکيو وڃي. پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي لکندو هلان ته انهن ڏينهن ۾ مصر تي مملوڪ گهراڻي جو راڄ هو ۽ هي مملوڪ “بحري مملوڪ” سڏيا ويا ٿي. هونءَ ته مملوڪن جي مصر، شام، اردن ۽ لبنان ۾ 1250ع کان 1517ع تائين حڪومت رهي پر مصر ۾ جنهن مملوڪ خاندان (البحري) جي حڪومت رهي اها ع1250 کان 1382ع تائين سوا صدي کن رهي جن مان سلطان الناصر محمد نائون بحري مملوڪ حاڪم هو جنهن مصر تي 1293ع کان 1341ع تائين 48 سال حڪومت ڪئي. پاڻ 1285ع ۾ قاهره ۾ ڄائو ۽ 1341ع ۾ قاهره ئي ۾ وفات ڪيائين. سندس والد ترڪ نسل جو هو ۽ ماءُ منگول خاندان جي.
هتي اهو به لکندو هلان ته مشهور سياح ابن بطوطا به انهن ئي ڏينهن ۾ قاهره آيو هو. ابن بطوطا 1304ع ۾ موراڪو جي شهر الطنج ۾ ڄائو ۽ 1377ع ۾ وفات ڪيائين. هو 21 سالن جو هو ته 1325ع ۾ حج جي ارادي لاءِ پنهنجي ڳوٺ الطنج (Tangiers) کان مڪي ڏي روانو ٿيو. 1326ع ۾ هو مصر جي بندرگاهه واري شهر سڪندريا پهتو. ڪجهه هفتا اتي رهي پوءِ هو مملوڪ سلطنت جي گاديءَ واري شهر قاهره (Cairo) ۾ پهتو جتي هو مهينو کن رهيو.... يعني مالي جي بادشاهه منسا موسيٰ جي قاهري مان روانگي بعد، سگهو ئي ابن بطوطا قاهره آيو. ابنِ بطوطا پنهنجي سفرنامي ۾ ان وقت جي مصر جي هن بادشاهه سلطان الناصر محمد جي وڏي تعريف لکي آهي ته “هو ديندار ۽ پرهيزگار هو. مصر مان جيڪي حج جا قافلا گذرندا هئا انهن جي وڏي مدد ڪندو هو. جن وٽ سفر لاءِ اٺ نه هئا، ڪمزوز ۽ پوڙها هجڻ ڪري هنن کان پيرين پنڌ حج تائين وڃڻ ۾ تڪليف ٿي ٿي انهن کي نه فقط اٺ مهيا ڪندو هو پر انهن تي رستي جي سفر لاءِ کاڌي پيتي جو سامان به رکرائي ڏيندو هو.....”
هڪ ٻئي مصري تاريخ نويس “ابن الياس” مصر جي حاڪم “سلطان الناصر محمد” لاءِ لکيو آهي ته.... “مصر ۾ بادشاهه الناصر جو ذڪر جتي ڪٿي هلي ٿو ۽ اوسي پاسي جي ملڪن جا حاڪم به هن جي عزت ڪن ٿا ۽ کيس تحفا موڪليندا رهن ٿا....”
سلطان الناصر محمد جو والد ۽ وڏو ڀاءُ به مصر جا ناميارا سلطان ٿي رهيا. الناصر جي وفات بعد سندس اَٺَ پٽ ۽ چار پوٽا مصر جا سلطان ٿيا. سلطان حاجي الصالح نالي سندس پوٽو 1382ع ۾ البحري مملوڪ گهراڻي جو آخري سلطان ٿيو. مالي جي بادشاهه سلطان منسا موسيٰ نه فقط مصر جي سلطان الناصر محمد ۽ هن جي خاندان کي تحفا ڏنا پر غريبن ۾ به سون ورهايو. هن پنهنجي ماڻهن توڙي جانورن لاءِ کاڌو پيتو يا گاهه پٺو خريد ٿي ڪيو ان لاءِ هن سون جا بسڪيٽ ڏنا ٿي. مصر جا واپاري به مال مفت ڏسي هر شيءِ جو ٻيڻو ٽيڻو اگهه وڌائي وڪڻڻ لڳا. منسا موسيٰ جي سون جي خرچ ڪرڻ ڪري مصر ۾ ايترو ته سون وڌي ويو جو ان جو 25 سيڪڙو ملهه ڪِري پيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ماليءَ جو هي بادشاهه حج ڪري موٽيو ته هن وٽ خرچ لاءِ پئسو ڏوڪڙ گهٽجي ويو ۽ هن کي مصر جي واپارين کان اوڌر وٺڻي پئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماليءَ جو هي حاڪم هڪ امير ترين ماڻهو هو جنهن لاءِ ٽائيم مئگزين به لکيو ته هي دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ هو. 30 جولاءِ 2015ع واري TIME رسالي ۾ هڪ مضمون آيو هو ته The 10 Richest People of All Times يعني اڄ ڏينهن تائين جيڪي دنيا ۾ 10 امير ترين ماڻهو ٿي گذريا آهن انهن مان ماليءَ جو هي بادشاهه هڪ هو جنهن لاءِ مضمون نگار لکي ٿو ته:
“There’s really no way to put an accurate number of his wealth.” ابن بطوطا قاهري ۾ اچي جيڪي ماليءَ جي بادشاهه سلطان منسا موسيٰ بابت ڳالهيون ٻڌيون، ان جي آڌار تي هو پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته ”منسا موسيٰ کان هر ڪو ڊنو ٿي. ملڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن پهرين هن جي اڳيان سجدو ڪري پنهنجي مٿان ڌوڙ جي ڇڻڪار ڪئي ٿي. بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي به پيرن ۾ سئنڊل سپاٽو پائڻ جي اجازت نه هئي. ڀُل چڪ ٿيڻ تي به هن جو قتل ڪيو ويو ٿي. بادشاهه جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن کي ڇڪ ڏيڻ جي اجازت نه هئي پر جيڪڏهن بادشاهه کي ڇڪ اچي وئي ٿي ته ان وقت سڀني پنهنجو سينو پٽيو ٿي”.
منسا موسيٰ مغربي آفريڪا جي ٻين بادشاهن وانگر حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي هڪ خاص اسٽائيل ۾ روانو ٿيو. هن سان گڏ وڏو تعداد باڊي گارڊن ۽ ڪورٽ جي اهم ماڻهن جو پڻ هو. هنن پاڻ سان گڏ سينگاريل گهوڙا ۽ رنگين جهنڊا به کنيا هئا. هن سان گڏ وڏي زال “اناري ڪناتي” پڻ هئي جنهن جي خذمت لاءِ 500 ٻانهيون هيون.
سلطان منسا موسيٰ لاءِ مملوڪ ڪورٽ جو “ابن امير حاجب” لکي ٿو ته “جتي منسا موسيٰ نماز روزي جو پابند هو ۽ قرآن جو ڄاڻو هو اتي هن پنهنجي وڏن کان هلندڙ ان رسم کي به برقرار رکيو جنهن مطابق هن جي رعيت مان ڪنهن کي سهڻي ڌيءَ هوندي هئي ته هن کي ڪجهه عرصي لاءِ بادشاهه سلامت جي حوالي ڪرڻي پيئي ٿي”.
ابن امير حاجب لکي ٿو ته هُن منسا موسيٰ کي آگاهه ڪيو ته ”سرڪار! ڪنهن به ڇوڪريءَ سان بنا نڪاح جي هم بستري ڪرڻ جي اسلام ۾ اجازت نه آهي”. جنهن تي منسا موسيٰ وراڻيو: “ڇا بادشاهن کي به نه آهي؟”
ابن امير حاجب چيو: “جي ها! بادشاهن کي به ان جي اجازت ناهي”. ان کانپوءِ منسا موسيٰ ان رسم کان سختيءَ سان پرهيز ڪئي.
منسا موسيٰ جي هن تاريخي حج جي ڪري سندس ملڪ مالي ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن تي، توڙي يورپ تي وڏو اثر ٿيو ته حج پڻ اسلام ۾ فرض آهي جنهن جي ادائيگيءَ لاءِ دنيا جا مسلمان مڪي شريف وڃن ٿا. حج تان واپسي تي منسا موسيٰ پاڻ سان گڏ هڪ اندلسي عمارتساز به آندو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن ٽمبڪٽو ۾ مسجد ڊيزائين ڪئي. هن بادشاهه حجاز مان حضور صلعم جن جي اولاد مان چئن ڄڻن کي مالي ۾ اچي رهڻ جي به دعوت ڏني جيئن سندس ڌرتيءَ تي هنن جي قدمن ڪري رحمت رهي.
تاريخدان نيهيميا مطابق، منسا موسيٰ جي حج جي هن سفر جو احوال ڪيترن ئي مسلمانن ۽ غير مسلمانن بيان ڪيو آهي ۽ نه رڳو آفريڪا ۽ مصر جي ماڻهن جي دلين جي نقشي ۾ پر يورپ جي عيسائين ۽ يهودين جي پڻ، مالي ملڪ، هن حج جي سفر بعد جڳهه حاصل ڪئي.
ماليءَ ۾ مسجدون ٺهرائڻ ۽ دنيا جي مسلمان ملڪن مان اسلامي عالمن کي پنهنجي سلطنت ۾ گهرائڻ جو ڪريڊٽ پڻ منسا موسيٰ کي ڏنو وڃي ٿو. منسا موسيٰ پنهنجي ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مدرسا به ٺهرايا، جيڪي اڄ يونيورسٽين جي صورت ۾ موجود آهن جن کي لڳ ڀڳ 700 سال اچي ٿيا آهن.
ماليءَ ۾ اڄ ڪلهه تعليمي معيار کان هي يونيورسٽيون ٽاپ جون آهن:
“دي يونيورسٽي آف بامڪو” جنهن ۾ 60 هزار شاگرد ۽ 600 استاد آهن.
University of Sankore جيڪا جامعه سنڪوري ۽ سنڪوري مدرسو به سڏجي ٿي جيڪا ٽمبڪٽو ۾ آهي. اها 989ع ۾ مسجد سنڪوري بعد ٺهي ۽ منسا موسيٰ جي ڏينهن ۾ ته هن يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آفريڪا جي سڀني ملڪن جا شاگرد آيا ٿي. هن يونيورسٽي جي لائبريري انهن ڏينهن ۾ مصر جي “سڪندريا لئبريري” بعد ٻئي نمبر تي مڃي وئي ٿي. هن ۾ چئن کان ستن لکن تائين ڪتابن جا نسخا هئا. هن مدرسي ۾ تعليم وٺڻ لاءِ مسجد سنڪوري ۾ 25 هزار کٿابين جي رهائش جو پڻ بندوبست هو.
يونيورسٽي آف ٽمبڪٽو. هن يونيورسٽيءَ ۾ ٽمبڪٽو جي ٽن مسجدن جا مدرسا اچي ويا ٿي.