جزا توڙي سزا جي بدلي ۾ حج
درٻار جو مولوي صاحب جيڪو اڪبر کي جيتوڻيڪ اسلام مطابق صحيح ڳالهيون ٻڌائي ٿو پر اهي اڪبر جي مرضيءَ جي خلاف هجڻ ڪري اڪبر کي پسند نٿيون اچن. هڪ ڏينهن اڪبر بيزار ٿي مولويءَ کي به چوي ٿو “درٻار جي نوڪري ڇڏي هاڻ تون مڪي هليو وڃ”. سئنيما ۾ ويٺل اهو ٻڌي ٽهڪ ٿا ڏين. يعني مڪي وڃڻ جو مذاق ٿا اڏائين.
ان بعد جدي ۾ سعودي عرب جي قومي ڏينهن واري فنڪشن تي اوصاف سعيد نالي انڊيا جي سفارت خاني جو هڪ قونصل جنرل مليو جنهن لاءِ ٻين ٻڌايو ته تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل آهي. خاص ڪري حج جي معاملي ۽ ڄاڻ ۾ اٿارٽي آهي. مون هن سان کلندي کلندي فلم ”جوڌا اڪبر“ واري مٿين ڳالهه ڪئي ته هن ٻڌايو ته اها حقيقت آهي ته ان زماني ۾ مغل حاڪم ڪنهن مان خوش ٿيندا هئا ته هن کي انعام طور پنهنجي خرچ تي حج موڪليندا هئا. ساڳي وقت هو ڪنهن مان بيزار ٿيندا هئا ۽ ان مان جان ڇڏائڻي هوندي هين ته هن کي حج تي وڃڻ جي صلاح ڏيندا هئا جنهن کي صلاح گهٽ، شاهي حڪم وڌيڪ سمجهيو ويندو هو ۽ اهو بادشاهه سلامت جي دل وٽان ڪم يا فتوا نه ڏيڻ جي سزا هوندي هئي.
بنا شڪ جي ڊاڪٽر اوصاف سيد هڪ پڙهيل لکيل ڊپلومئٽ آهي. هن ٻڌايو ته هو حج بابت ماڻهن جي مشاهدن ۽ تاريخ جو ڪتاب:
Haj: An Indian Experience لکي رهيو آهي. ان ڳالهه کي چڱا سال ٿي چڪا آهن ۽ ٿي سگهي ٿو هاڻ اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي چڪو هجي جيتوڻيڪ سال ٻه اڳ تائين مون کي نظر نه آيو. البت هن جا حج بابت مٿئين عنوان سان واسطو رکندڙ مون ڪجهه مضمون ڪنهن هنڌ ضرور پڙهيا جيڪي مون کي بيحد دلچسپ لڳا. حج بابت سندس اهي ڳالهيون هتي پنهنجي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو جيئن هنن کي اسانجي ننڍي کنڊ ۾ ماضيءَ جي ڪجهه صدين ۾ اسان وٽ حج بابت سوچ ۽ سفر جي آگاهي ملي سگهي.
پڙهندڙن کي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ کپي ته جيئن “ايران” لفظ جو وجود ويهين صديءَ ۾ آيو نه ته اهو “پرشيا” سڏيو ويو ٿي. اهڙي طرح سعودي عرب به هاڻ وجود ۾ آيو آهي نه ته هي علائقو صدين کان “عربستان” سڏيو ويو ٿي. اسلام بعد مڪي ۽ مديني جي اهميت ڪري اهو علائقو “حجاز” سڏجڻ لڳو ۽ اسان وٽ چيو ويندو هو ته حاجي حجاز روانا ٿيا آهن يا مڪي يا مديني ويا آهن. اهو هاڻ اٽڪل هڪ صديءَ کان “سعودي عرب” جي نالي سان سڏجڻ لڳو آهي.
سعودي عرب جو حجاز وارو اهو علائقو آهي جنهن ۾ اسان مسلمانن جا پاڪ شهر مڪو ۽ مدينو آهن، جتي اسلام جي تاريخ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، ان ڪري هي علائقو سڄي دنيا جي مسلمانن، ننڍي کنڊ سميت، ڪشش ۽ احترام جو باعث رهيو آهي. بحر احمر (Red Sea) جو بندرگاهه “جدو” لوڪيشن جي خيال کان مڪي وڃڻ جو دروازو سڏيو وڃي ٿو، جو جدي کان مڪو 80 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. ائين ته بحر احمر جو هڪ ٻيو بندرگاهه ينبوع به حاجين لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو، خاص ڪري انهن لاءِ جيڪي پهرين مديني پهچڻ چاهين ٿا. ينبوع بندرگاهه کان مدينو 230 ڪلوميٽر آهي. جدي ۽ ينبو (ينبوع) بندرگاهن جي وچ ۾ 340 کن ڪلوميٽر فاصلو آهي. مڪي کان مديني خشڪي رستي 450 ڪلوميٽر فاصلو آهي. ينبو ۽ جدو اسان جي ماڻهن لاءِ نه فقط حج جي ڪري پر صدين کان - ويندي اسلام کان اڳ کان اهي بندرگاهه واپار وڙي جو مرڪز به رهيا آهن. حجاز جي ماڻهن هر وقت انڊيا کان ايندڙ جهازن جو انتظار ڪيو ٿي جن پاڻ سان مصالحا، هيرا، قيمتي پٿر، ريشم، صندل وڊ، عود ۽ عطر آندا ٿي. ساڳئي وقت عربن جا جهاز، سنڌ فتح ڪرڻ 712-664ع کان به اڳ سنڌ هند ۾ آيا ويا پئي. سو اهو چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن ڪڏهن کان عربستان وڃڻ شروع ڪيو.
مغلن جي دور حڪومت کان وٺي ارڙهين صديءَ تائين ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي حج تي وڃڻ لاءِ ٻه رستا هئا. هڪ خشڪي رستي ۽ ٻيو سڙهه تي هلندڙ جهازن رستي. خشڪي جو رستو جيڪو افغانستان کان يعني اتر اولهه پاسي کان ٿي وڃڻو پيو ٿي، ڏکيو ۽ خطرناڪ هڪ طرف هو ته ٻئي طرف رستي تي ڪجهه اهڙا علائقا به آيا ٿي جتي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جو راڄ هو. ڏکيو ۽ خطرناڪ ان خيال کان ته جابلو علائقا ۽ سڃ هئي. جهنگلي جانورن جو گذر رهيو ٿي. اسان جي ماڻهن گهڻو ڪري سمنڊ رستي مڪي مديني ۾ پهچڻ ۾ وڌيڪ بهتري سمجهي ٿي جنهن لاءِ هو پنهنجو عربي سمنڊ ڪراس ڪري، عدن وٽ بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) ۾ داخل ٿيا ٿي جنهن سمنڊ ۾ جدي ۽ ينبو جهڙا بندرگاهه آهن. ڪجهه ماڻهو عربي سمنڊ بعد ايراني نار واري سمنڊ ۾ ئي داخل ٿيا ٿي جيڪو ڪجهه ننڍو سامونڊي سفر آهي پر ايراني نار ۾ جيڪو دمام جهڙو سعودي بندرگاهه آهي، اتان اٺن، گڏهن، خچرن تي مڪي ۽ مديني پهچڻ ۾ وڏو فاصلو طيءِ ڪرڻو پيو ٿي. 1500 ع کان پوءِ هندي وڏي سمنڊ ۾ پورچوگالين جي موجودگي ڪري انهن جي ڀتي خوريءَ ۽ قذاقيءَ بحر احمر سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ مسئلو بڻائي ڇڏيو. پورچوگالي قزاق مسافر توڙي مال بردار جهازن کان پئسو ڦرڻ لاءِ هنن کي پنهنجي بمن ۽ بندوقن ذريعي ڏڪائڻ لڳا. هونءَ ئي شروع ۾ جو هنن ڪيترن ئي مال بردار جهازن کي لٽيو ۽ هڪ حاجين جي جهاز جي 400 کن مسافرن کي جيئري ساڙي ڇڏيو، انهن وارداتن سڀني جي دلين ۾ خوف پيدا ڪري وڌو هو. پورچوگالين جيڪو حڪم ٿي ڪيو سو اسانجي ماڻهن: هندو، مسلمان واپارين اکين تي ٿي رکيو. هو ته ڇا پر هند سنڌ جي ڪناري وارا راجا به ڪجهه نٿي ڪري سگهيا جو انهن کي مصالحن جون ٻوريون، هيرا جواهر، ڀلا گهوڙا ۽ هاٿي، تلوارون ۽ بڻڇيون ته هيون پر هنن وٽ پورچوگالين وارا بم ۽ بارود نه هئا جن جي هڪڙي ئي ٺڪاءَ تي سندن هاٿين به ٽاهه کاڌو ٿي ۽ اڳتي وڌڻ بدران پنهنجي ئي لشڪر کي چپي ماريو ٿي. اهي آهن زندگيءَ جون ڳالهيون ۽ حقيقتون! جڏهن بدو عرب، بقول ايراني شاعر فردوسيءَ جي “ڳوهه کائڻ وارا جاهل” آرگنائيزڊ ٿيا، عقل کان ڪم ورتائون ته قيصر ۽ ڪسرا- روم ۽ پرشن حڪومتن تي ته حاوي ٿي ويا پر هنن اسپين ۽ پورچوگال جهڙن ڏورانهن ملڪن تي به وڃي قبضو ڪيو ۽ هاڻ جڏهن يورپي هوشيار ۽ خبردار ٿيا ته هنن اسپين مان مسلمانن جي آخري بادشاهه کي به ڀڄائي ڪڍيو ۽ پاڻ سامونڊي رستا ڳولهي آفريڪا، ايشيا ۽ عرب ملڪن ۾ پهچي هنن کي سندن ئي گهرن ۾ ڊيڄارڻ لڳا. هندي وڏو سمنڊ جنهن تي صدين کان هن تر جا ماڻهو جهاز هلائي رهيا هئا ۽ سڪون سان واپار ڪري رهيا هئا انهن کي هر ڪم لاءِ هنن ڌارين کان اجازت وٺڻي پئي ٿي.
پورچوگالين ايڏي داداگيري شروع ڪئي، جو هنن هندي وڏي سمنڊ ۾ هلندڙ هر جهاز لاءِ ضروري ڪري ڇڏيو ته هو کانئن “پاس” جيڪا پورچوگالي ٻوليءَ ۾ ڪارٽ (Cartaz) سڏي وئي ٿي، اها وٺڻي پوندي ۽ پنهنجي واپار جو تقريبن پنجون حصو پورچوگالين کي ڏيڻو پوندو، جنهن جي بدلي ۾ پورچوگالين کين سمنڊ تي سلامتي مهيا ڪئي ٿي. سلامتي ڇا- هنن پنهنجن ئي پگهاردار قذاقن ذريعي بنا پاس واري جهاز جي ڦر لٽ ڪئي ٿي. هنن ان معاملي ۾ حاجين جي جهازن سان به رعايت نٿي ڪئي ۽ هنن خوف ۽ خطري جون اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو هڪ اهڙو به وقت آيو جو مغل درٻار جي عالمن ۽ مفتين اها فتويٰ ڏيڻ جو سوچيو ته اهڙي حالت ۾ حج لاءِ مڪي وڃڻ فرض ناهي.
مغل حاڪمن حج جي سهوليت ۽ بندوبست لاءِ ڪافي ڪم ڪيا. هنن هر سال حج لاءِ ويندڙن جي نه فقط جهازن جو بندوبست ڪيو پر ڪيترن کي سفر جو ۽ مڪي ۾ رهائش جو خرچ مهيا ڪيو. گجرات صوبي جو پراڻو بندرگاهه سورت “باب المکه” سڏيو ويو ٿي جو ننڍي کنڊ جا گهڻي ڀاڱي حاجي هن بندرگاهه کان جهاز ۾ سوار ٿي مڪي روانا ٿيا ٿي. شهنشاهه اڪبر پهريون حاڪم هو جنهن حج جو سفر رياست جي خرچ تي ڪرڻ جو بندوبست ڪيو ۽ کاڌي پيتي جي شين ۾ سبسڊي ڏني. مڪي ۾ بيمار حاجين لاءِ اسپتال ۽ دوا درمل جو بندوبست ڪيائين. 1570ع ۾ هن درٻار جو هڪ اعليٰ عملدار حاجين جو اڳواڻ ٿي وڃڻ لاءِ مقرر ڪيو جيڪو “ميرحج” سڏيو ويو ٿي ۽ هن پنهنجي صلاحڪارن مان هڪ اعليٰ درجي جو “عبدالرحيم خان خانان” مقرر ڪيو ته هو حاجين لاءِ هر سال ٽن جهازن: رحيمي، ڪريمي ۽ ٽيون سالاري جو بندوبست ڪري جيڪي حاجين کي مفت ۾ جدي کڻي وڃن. شهنشاهه جهانگير ۽ شاهه جهان جي ڏينهن ۾ به، جيتوڻيڪ ڪجهه گهٽ، حاجين جي حج جي سفر ۾ مدد ڪئي وئي ٿي. شاهه جهان لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته هو هر سال مڪي خيرات ۽ زڪوات موڪليندو هو. آئون پهرين به لکي چڪو آهيان ته سعودي عرب جي حالت ويهين صديءَ جي اڌ بعد ئي بهتر ٿي جڏهن عربستان ۾ پيٽرول نڪتو. نه ته ان کان اڳ عربستان معاشي طرح سخت غريب هو.
شهنشاهه اورنگزيب جيڪو مغل بادشاهن ۾ بيحد الله لوڪ ۽ درويش صفت چيو وڃي ٿو، حج جي معاملي ۾ حاجين جي دل کولي مدد ڪندو هو. هر سال هن جا ٻه جهاز سورت مان حاجي کڻي جدي پهتا ٿي. اورنگزيب بادشاهه جي ڌيءَ زيب النساءِ پڻ حج تي ويندڙ مسافرن جي مدد ڪئي ٿي. ڪيترن جو ته سڄو خرچ هن ڏنو ٿي. انهن مسافرن ۾ 1676ع ۾ هن صفي بن ولي القزنوي کي به حج لاءِ اسپانسر ڪيو جيڪو اسڪالر ۽ عالم هو. القزنوي هن سفر جو تفصيلي احوال قلمبند ڪيو، جيڪو “انيس الحج” جي نالي سان ممبئي جي پرنس آف ويلس ميوزيم ۾ موجود آهي.
مغل سلطنت جي ڏينهن ۾ ماڻهن کي مختلف سببن ڪري حج لاءِ موڪليو ويو ٿي جيئن ته: هو پنهنجو فرض ادا ڪري سگهن، ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، شاهي خاندان جي سٺي طرح خذمت ڪرڻ لاءِ هنن کي انعام طور موڪليو ويو ٿي ۽ جيئن شروع ۾ لکي چڪو آهيان ته اهي ماڻهو يا سرڪاري ڪامورا جن مان حاڪم بيزار هئا، انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ مغل بادشاهه انهن کي سزا طور حج تي روانو ڪري ڇڏيندا هئا. حج کي سياسي هٿيار طور به استعمال ڪيو ويو ٿي. اهي ماڻهو جن مان حاڪمن کي خوف رهيو ٿي ته متان اهي حاڪم خلاف نفرت پيدا ڪن يا متان ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ڪن ته هنن کي هڪ قسم جي سياسي ڏيهه نيڪالي ڏيڻ لاءِ حج موڪليو ويو ٿي.
شهنشاهه همايون لاءِ مشهور آهي ته هن پنهنجي ڀاءُ ڪامران کي انڌو ڪرڻ بعد 1553ع ۾ حج تي روانو ڪري ڇڏيو جتي هو 1557ع ۾ گذاري ويو. همايون شهنشاهه بابر جي پهرين زال “ماهم بيگم” مان هو. بابر جي وفات بعد همايون تخت تي ويٺو پر سندس ويڳو ڀاءُ ڪامران (بابر جي ٽي يا چوٿين زال گل رخ بيگم جو پٽ) سندس تخت پويان لڳو رهيو. مرڻ وقت بابر همايون کان وعدو ورتو هو ته پنهنجي ڀاءَ جو قتل هرگز نه ڪجانءِ. سو همايونءَ ڪامران مان جان آزاد ڪرڻ لاءِ کيس قتل ته نه ڪيو باقي ٻئي اکيون ڪڍي حج تي روانو ڪري ڇڏيو. مٿي پڻ لکي چڪو آهيان ته اڪبر بادشاهه به ڪيترن کي پيار محبت سان پنهنجي درٻار مان دفع ڪرڻ لاءِ حج تي موڪليو هو جيئن ته بئرام خان کي جيڪو هن جي فوج جو نه رڳو ڪمانڊر هو، پر اڪبر جو استاد ۽ صلاحڪار به هو پر پوءِ اڪبر جڏهن ڏٺو ته هي بادشاهه جي ڪمن تي ڪجهه وڌيڪ ئي حاوي پيو ٿئي ته هن کي حج جي تياري ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. شهنشاهه جهانگير پنهنجي پرشن ڊاڪٽر حڪيم مادرا جي علاج مان ناخوش ٿي ڏيهه نيڪاليءَ لاءِ مڪي ڀڄائي ڪڍيو. پڙهندڙن کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ کپي ته انهن ڏينهن ۾ پاسپورٽ يا ويزا جو رواج شروع نه ٿيو هو. اڄ اسان کي سعودي عرب نه فقط دين ايمان جي ڪري بهتر لڳي ٿو پر روزگار ڪمائڻ ۽ رهائش لاءِ ماڊرن لڳي ٿو ۽ ڪنهن به مسلمان کان پڇبو ته هو اتي رهڻ کي ترجيح ڏيندو پر پيٽرول نڪرڻ کان اڳ تائين اسان جا ماڻهو مڪي ۽ مديني فقط فرض جي ادائيگيءَ خاطر ويا ٿي. هنن لاءِ ننڍي کنڊ (اڄ جي انڊيا، پاڪستان، بنگلاديش) جا شهر وڌيڪ خوشحال ۽ سکيا ستابا هئا. اسانجو ننڍو کنڊ دريائن ۽ ماٿرين، ميون ۽ موسمن ڪري عربستان توڙي ملائيشيا جهڙن ملڪن کان به بهتر هو. سو انهن ڏينهن ۾ اسانجي پاسي کان روزگار لاءِ ته ڪو ورلي عربستان ويو ٿي. امير ماڻهو مڪي ۽ مديني جي سڪ ۾ اتي وڃي رهيا ٿي ۽ خرچ پکي لاءِ پنهنجو وڏو پئسو کڻي ويا ٿي. ان ڪري عربستان جي ماڻهن هنن جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو ٿي جو هنن مان انهن جو به فائدو هو. جيئن همايون جو ڀاءُ ڪامران مڪي ويو ته هو ڪو عام ماڻهو ته نه هو. کڻي هندوستان جو بادشاهه نه هو پر ڪابل ۽ قنڌار جو ته حاڪم هو. سو پنهنجي ۽ پنهنجي فئملي ۽ مددگارن لاءِ وڏي دولت ۽ مال کڻي ويو هوندو ۽ مرڻ تائين، يعني جيڪي چار سال رهيو ان ۾ به رکي رکي خوب پئسو گهرايو هوندائين. سو انهن ڏينهن ۾ اسان جي ماڻهن جو هر ملڪ ۾ مان ۽ آڌر ڀاءُ هو. اڄ ڪلهه اسان لاءِ، ويندي اسان جي مسلمان ملڪن ۾ ئي، نفرت ان ڪري آهي جو هر ملڪ سمجهي ٿو ته اسانجي انهن جي ملڪن ۾ رهڻ سان هنن جو ڪو فائدو نه ٿيندو بلڪه اسان اتي پهچي روزگار حاصل ڪري مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪنداسين. نه فقط ايترو پر ڪمايل پئسو اتي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي ملڪ موڪلي ڏينداسين. يعني هنن جي فارين ايڪسچينج کٽائينداسين.
مٿين مغل بادشاهن سان گڏ هڪ ٻيو بادشاهه اورنگزيب جو نالو به کڻندو هلان ته هن به پنهنجي سلطنت جي جج (قاضي) قاضي القضات کان زبردستي استيعفا وٺي مڪي روانو ڪري ڇڏيو. مطلب ته انهن ڏينهن جي حاڪمن لاءِ حجاز هڪ بهترين جاءِ هو جتي هنن ڦڏي باز مائٽن، عتاب هيٺ آيل نوابن (Nobles) ۽ تخت کي کسڻ جون اٽڪلون ڪرڻ وارن کي ڀڄائي ڪڍيو ٿي.
مزي جي ڳالهه اها ته هنن، مغل حاڪمن، حج تي ويندڙ عوام کي پئسي ڏوڪڙ يا سفر جي ته سهولت ڏني ٿي، انعام خاطر يا همدردي خاطر توڙي سزا خاطر ماڻهن کي حج ڪرڻ جي صلاح يا تلقين ته ڪئي ٿي پر مون کي مغلن بادشاهن توڙي شاهي خاندان جي ماڻهن يا نوابن ۽ سردارن ۾ ڪو مرد نٿو ملي جنهن پاڻ حج ڪيو هجي. ان جو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته حالت اها رهي ٿي جو ڪو بادشاهه گادي ڇڏي رڳو ڀر واري شهر ڏي ويو ٿي ته ٻئي ڪنهن پهلوان مڙس اچي ان جي تخت تي قبضو ڪيو ٿي. جيئن همايون بنگال ۾ دشمنن سان وڙهڻ ويو ته پٺيان سندس ڀاءَ ڪامران سندس تخت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابل کان دهلي پهچي ويو. بئرام خان حج تان موٽيو ته هن جي جاءِ تي فوج جو ٻيو ڪمانڊر ٿي ويو ۽ کيس وري نوڪري نه ملي. سو ڪو به بادشاهه، شهزادو، سردار، اداري جو اڳواڻ پنهنجي مرضيءَ سان حج تي نٿي ويو..... کيس زوريءَ يا اهاني بهاني موڪليو ويو ٿي. عام رواج اهو ئي هو ته شاهي خاندان جون عورتون اڪثر حج يا تجارت لاءِ ويون ٿي.
مغل شاهي خاندان جي پهرين عورت جنهن حج ڪيو اها همايون بادشاهه جي راڻي - جيڪا هن جي پهرين زال پڻ هئي، “بيگا بيگم” هئي. حج ڪرڻ کانپوءِ هوءَ حاجا بيگم به سڏي وڃڻ لڳي. همايون جو دهليءَ ۾ مقبرو هُن جي هِن زال بيگا بيگم (حاجي بيگم) ٺهرايو. همايون جو پٽ اڪبر جيتوڻيڪ همايون جي ٻي زال زبيده مان هو پر بيگا بيگم کيس نپايو ۽ ايڏو پيار ڏنو ۽ گڏ گڏ رکيو جو ڪيترا ماڻهو بيگا بيگم کي اڪبر جي ماءُ ٿا سمجهن.
مغل گهراڻي جي شاهي عورتن ۾ شهنشاهه بابر جي ڌيءَ “گلبدن بيگم” کي به شامل ڪري سگهجي ٿو جنهن 1576ع ۾ اڪبر اعظم جي زال “سليمان سلطان بيگم” ۽ 40 ٻين ساهيڙين ۽ خذمتگار عورتن سان گڏ “سليمي” نالي جهاز تي حج جو سفر ڪيو. هن ٽولي جي سيڪيورٽي لاءِ “الاهي” نالي هڪ ٻئي جهاز تي سرڪاري عملدار ۽ سپاهه به روانو ٿيو. گلبدن بيگم وارا 1582ع تائين مڪي ۾ رهيا. هنن ان دوران چار حج ۽ ڪيترائي عمرا ڪيا. گلبدن جيڪا بابر جي ٻي زال دلدار بيگم مان همايون جي ويڳي ڀيڻ هئي، “همايون ناما” لکڻ کان مشهور آهي جنهن ۾ هن همايون جي زندگيءَ جو احوال لکيو آهي. اهو ڪتاب هن پنهنجي ڀائٽي شهنشاهه اڪبر جي چوڻ تي لکيو. هتي اهو به لکندو هلان ته مڪي کان واپسي تي عدن وٽ گلبدن جي جهاز جو ڪنهن زير آب ٽڪريءَ سان ٽڪر ٿي پيو ۽ جهاز جي مرمت لاءِ کين ڇهه ست مهينا عدن ۾ رهڻو پيو.
انهن ڏينهن ۾ اسانجي ننڍي کنڊ جي خوشحالي ۽ عرب ملڪن جي مسڪيني حالت جو اندازو توهان هن ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا ته جڏهن گلبدن بيگم ۽ شهنشاهه اڪبر جي زال سليمان سلطان بيگم مڪي لاءِ انڊيا کان نڪتا ته اڪبر بادشاهه هنن کي ڪيترائي تحفن جا پئڪيٽ ٺهرائي ڏنا ته جيئن هو مڪي ۾ رهائش دوران خيرات طور ڏيندا رهن. انڊيا کان آيل هن شاهي ٽولي جي خبر مڪي جي آس پاس ته ڇا شام ملڪ تائين مشهور ٿي وئي، جتان پڻ ڪيترائي ماڻهو بيگمن کان خيرات (تحفا) وٺڻ آيا.
اهڙي طرح ننڍي کنڊ جون ٻيون اهم عورتون جن حج ڪيو انهن ۾ بجاپور جي راڻي آهي جنهن 1616ع ۾ حج ڪيو، ڀوپال جون بيگمات، سڪندر بيگم (جنهن 1863ع ۾ حج ڪيو) ۽ سلطان جهان جنهن 1903ع ۾ حج ڪيو. انهن سڀني ۾ سڪندر بيگم جي مختلف حيثيت چئي سگهون ٿا جو هوءَ ڪنهن بادشاهه جي راڻي نه هئي پر بذات خود رياست جي حاڪم سربراهه (Ruling Head of State) هئي. سو اهو چئي سگهون ٿا ته انڊيا جي بادشاهن ۽ حاڪم راڻين ۾ هيءَ پهرين هئي جنهن حج ڪيو. هن هي سفر پنهنجي والده قدسيه بيگم (جيڪا ڀوپال جي سابق راڻي هئي) ۽ 1500 کن ٻين ساهيڙين، جيڏين، خذمتگار عورتن سان گڏ ڪيو. چار ڏهاڪا بعد سلطان جهان بيگم جيڪا 1901ع کان 1926ع تائين ڀوڀال رياست جي حاڪم هئي، اها 1903ع ۾ پاڻ سان 300 کن ٻانهيون، ساهيڙيون ۽ مائٽياڻيون وٺي اسٽيم شپ اڪبر (S.S. Akbar) ذريعي حج تي رواني ٿي پر هوءَ پنهنجي ماءُ وانگر جدي بندرگاهه تي لهڻ بدران، اڳيان ينبوع ۾ لٿي، جتان هوءَ پهرين مديني وئي ۽ پوءِ مديني کان خشڪيءَ رستي مڪي آئي.
رامپور رياست جي نواب “قلب علي خان” 1872ع ۾ حج ڪيو. واپسيءَ تي هن ڪيترائي هٿ جا لکيل اسلامي نسخا آندا جن ۾ ستين صديءَ جو لکيل قرآن شريف به هو جنهن جو تعلق چون ٿا ته حضرت عليءَ سان آهي. مغلن جي حڪومت ٿي ته هنن به اڳتي هلي حاجين جي سفر تي ڌيان ڏنو. 1885ع ۾ برطانيا جي حڪومت ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي سهوليت لاءِ جيڪي حج لاءِ مڪي وڃن يا زيارتن لاءِ ڪربلا وڃن ٿا، “ٿامس ڪڪ” نالي هڪ مشهور ٽريول ايجنسيءَ کي مقرر ڪيو. برٽش حڪومت اهو قبول ڪيو ته هنن تي اها ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هتان جي حاجين جي سفر جي سلامتيءَ جو بندوبست ڪريون. انهن ڏينهن ۾ سڀ کان وڏي شپنگ لائين “مغل لائين” هئي جنهن جي جهازن ننڍي کنڊ جي مختلف بندرگاهن: ڪراچي، سورت، مدراس، چٽگانگ، ممبئي وغيره مان حاجي ۽ ٻيا مسافر کڻي سعودي عرب، ايران، عراق يا انگلينڊ ۽ يورپ پهچايا ٿي. مسافرن سان گڏ هن ڪمپنيءَ جا مال بردار جهاز به هئا. مغل لائين جا سڀ کان پراڻا جهاز ”ايس ايس علوي“ ۽ ”ايس ايس رضوي“ هئا. انهن کان علاوه ٻين جهازن جا نالا هئا ايس ايس سعودي، ايس ايس محمدي، ايس ايس مظفري، ايس ايس اسلامي، ايس ايس نورجهان، ايس ايس نڪوبار ۽ ايم وي اڪبر.
انڊيا جي ورهاڱي بعد حاجين جي سهوليت لاءِ هر ملڪ پنهنجا پنهنجا جهاز مقرر ڪيا. پاڪستان جي بندرگاهن ڪراچي ۽ چٽگانگ مان سفينه حجاج، سفينه عرب، شمس، رستم جهڙا جهاز ڪجهه سالن لاءِ حاجين کي جدي پهچائيندا رهيا پر پوءِ 1980ع ڌاري انڊيا توڙي پاڪستان ۽ بنگلاديش مان سمنڊ رستي حج تي وڃڻ بند ٿي ويو. ان جي جاءِ تي هاڻ هوائي جهاز حاجين کي مڪي ۽ مديني وٺي وڃن ٿا.