يورپين هندي وڏي سمنڊ ڏي اچڻ ڇو ٿي چاهيو؟
هيڏي موت ۽ مشڪل جي، يورپي هر قوم لڳي رهي ته نه فقط هوءَ پاڻ انڊيا پهچي پر ٻين کان اڳ پهچي. وڏن وڏن جهازرانن کي همٿائڻ لاءِ هنن جي ملڪ جي امير ماڻهن توڙي بادشاهه راڻين پنهنجي خرچ تي هڪ کان هڪ وڏا جهاز ٺاهي، وڏين سهوليتن ۽ انعامن جا وعدا ڪري قابل ناکئن کي وري وري ڪيپ آف گڊ هوپ ڏي ڌڪيو پئي.
سوال آهي ته هنن يورپين هندي وڏي سمنڊ ۾ ڇو ٿي پهچڻ چاهيو؟ اهو ان ڪري جو هنن جي چين ۽ جپان ۾ ٺهندڙ چيني جي سامان ۽ ڪاٽن ۽ ململ جهڙي ڪپڙي ۽ ٻين شين ۾ دلچسپي هئي. خاص ڪري مصالحن ۾! سڄو يورپ لونگ، ڦوٽن، دار چيني، ڪمال پٽ، جانفل (Nutmeg)، جاوتري (Mace)، زعفران (Saffron)، سونف (Aniseed) لاءِ چريو هو. هي سامان ايشيا جي ملڪن کان شاهراهه ريشم ذريعي ميڊيٽرينين سمنڊ جي شهر روم اٽليءَ تائين پهتو ٿي. خشڪيءَ جو هي رستو “شاهراهه ريشم” Silk Route هڪ بيحد آڳاٽو ۽ اهم رستو آهي، جنهن بابت ڪجهه سٽون الڳ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. هتي فقط ايترو لکندس ته هي رستو جپان ۽ چين جي اوڀر واري ڇيڙي کان اٽلي تائين 4000 ميل- اٽڪل 6800 ڪلوميٽر ٿو ٿئي ۽ پرشيا (هاڻ وارو ايران، افغانستان، پاڪستان جو اتر وارو حصو)، مڊل ايسٽ (بغداد، بصري، قاهري، سڪندريا وغيره) چين، ڪرغستان، قزاقستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمنستان، آذر بائيجان، جارجيا، ترڪي، آرمينيا جهڙن ملڪن مان لنگهيو ٿي. ايشيا کان يورپ جيڪي شيون ويون ٿي انهن ۾ ريشم، مصالحا، چيني ڪراڪري ۽ پورسلين جي سامان کان علاوه ٽامي ۽ پتل جون شيون، سون ۽ چانديءَ جا ڳهه، جڙيون ٻوٽيون ۽ عاج جهڙو سامان هو. اهو سامان انڊيا، جاوا، سماترا يا چين مان نڪرڻ وقت ته سستو نڪتو ٿي پر رستي تي ايشيا جي مختلف شهرن مان لنگهڻ وقت، جن تي عربن، ترڪن ۽ ايرانين جو راڄ هو، تمام گهڻو ٽئڪس لڳايو ويو ٿي ۽ هر شيءِ اٽليءَ ۾ مهانگي پهتي ٿي، جن ان تي اڃا به وڌيڪ نفعو رکي سڄي يورپ کي سپلاءِ ڪيو ٿي.
ريشم شاهراهه ذريعي مٿيون واپار جو سلسلو ان وقت اوج تي هو، جڏهن عرب خليفن ۽ ترڪ سلطانن (سلطنت عثمانيا) جي حڪومت عروج تي هئي، جن جو نه فقط مشرقي يورپ جي ملڪن رومانيا، بلغاريا، روس، آسٽريا، هنگري، البانيا وغيره تي ڪنٽرول هو، پر مغربي يورپ جي ملڪن اسپين، پورچوگال ۽ فرانس تي پڻ. يورپين اهوئي ڏٺو ته جيڪڏهن هو سمنڊ رستي انڊيا تائين پهچڻ جو رستو ڳولي وڃن ته هنن کي اهي سڀ شيون بنا ٽئڪس ۽ رستي جي چوريءَ بنا، بنهه سستيون پئجي سگهن ٿيون ۽ ساڳي وقت هو يورپ جون به ڪيتريون ئي شيون شراب، بارود، بندوقون، جانورن جون کلون ۽ وول، آفريڪا مان ڦاسايل شيدي غلام وڏي اگهه تي انڊيا، چين، ملايا ڏي وڪڻي سگهن ٿا.
يورپين اهو به ڏٺو ته هي عرب ۽ ترڪ سلطنتون شاهراهه تان لنگهندڙ هن مال تي ٽئڪس هڻي اڻ سڌيءَ طرح اسان مان پئسو ڪڍي پنهنجي فوج لاءِ غلام ۽ سپاهي خريد ڪري اسان جي ئي خلاف استعمال ڪن ٿا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ سلطنتن ۽ حاڪمن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪارخانا هڻي يا ائگريڪلچر ۽ ايريگيشن جا طريقا سڌاري عوام کي خوشحال ڪرڻ ۽ ملڪ سڌارڻ جهڙي ثقافت يا رسم و رواج نه هو. سڄو ڪم هليو ٿي ڦرلٽ تي. سو اميه توڙي عباسي خلافتن توڙي سلطنت عثمانيا جي سلطانن شاهراهه ريشم تان يورپ ڏي ويندڙ سامان تي ٽئڪس هڻي - يعني يورپين مان پئسو ڪڍي، پنهنجي فوج مضبوط ڪري انهن ئي يورپين کي کلا هنيا ٿي. سو يورپين اهو ئي محسوس ڪيو ته ان عذاب مان جان ڇڏائڻ لاءِ هر صورت ۾ انڊيا تائين پهچڻ جو ڪو سامونڊي گس (Sea Route) ڳولڻ ضروري آهي.