واسڪو ڊاگاما جو حاجين سان ڪيل ظلم
هاڻ پورچوگالي پُراعتماد ٿي ويا هئا. هنن وٽ هڪ طرف برازيل کان مال اچڻ لڳو هو ته ٻئي طرف انڊيا کان. هنن ماضيءَ ۾ جيڪو خرچ ڪيو ان کان گهڻو گهڻو وڌيڪ ڪمائي ورتو ۽ هنن کي اها به Idea ٿي وئي ته آمريڪا پاسي جي مقامي آدم شماري ته جاهل ۽ چٽ آهي پر انڊيا توڙي اڄ جي عربن وٽ پئسو دولت ۽ مال ملڪيت سو آهي پر پنهنجي بچاءَ لاءِ نه هٿيار اٿن ۽ نه جديد ٽيڪنالاجي. اسان جو هڪ ڪمزور ناکئو به هڪ معمولي بندوق سان هنن جي ڏهه پهلوان سوداگرن کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ بارود ذريعي ته نه فقط هنن جي بندرگاهن کي تباهه ڪري سگهون ٿا پر شهري آدمشماريءَ ۾ ڏهڪاءَ پيدا ڪري سگهون ٿا.... ٻين لفظن ۾ هاڻ فيصلو ۽ انصاف اهو ٿيندو جيڪو اسان چاهينداسين. اهوئي سبب آهي جو هنن پورچوگال کان وڪري جو سامان گهٽ پر بندوقون، بم ۽ بارود پاڻ سان خوب کنيا ٿي جو هنن جي دل ۾ اها ئي رٿ هئي ته انڊيا جي مقامي راجائن ۽ رعيت کي ڊيڄاري، ڏڪائي هنن جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻو آهي ۽ انهن تي حڪومت ڪرڻي آهي. آخر ان ۾ خراب ڳالهه ڪهڙي آهي. هو جڏهن ڪمزور، ڄٽ ۽ آرگنائيزڊ نه هئا ته ڏورانهين ڏيهه کان بدو عرب هنن جي ملڪ تي قبضو ڪري ست صديون حڪومت ڪندا رهيا.
واسڪو ڊاگاما کي پنهنجي پهرئين سفر ۾ ساڻس ٿيل جٺين جي ڳالهه ڌيان ۾ هئي. مسلمانن تي هنن کي اڳهين باهيون هيون جو انهن هنن جي ڌرتيءَ تي وڏو عرصو حڪومت ڪئي هئي ۽ ويتر جو هنن هتي ڏٺو پئي ته عربي سمنڊ بلڪه سڄي هندي وڏي سمنڊ تي عرب واپاري جهازن جي هڪ هٽي لڳي پئي آهي ۽ هو ايتري قدر جو انڊيا جي راجائن جا هنن (پورچوگالين) خلاف ڪن پيا ڀرين ته هنن لاءِ نه فقط مسلمان سوداگر پر مسلمان شهري به برداشت کان ٻاهر ٿي پيا. واسڪو ڊاگاما کي انڊيا جي ملبار ڪناري جي ويجهو جيڪو عربن جو واپاري جهاز ٿي نظر آيو ان کي هنن ٻوڙيو ٿي. انهيءَ ٻوڙ ٻوڙان ۽ مسلمانن کي مارڻ ۾ واسڪو ڊاگاما جيڪو سڀ کان وڏو ظلم ڪيو جنهن لاءِ هن جا پنهنجا تاريخدان به واسڪو ڊاگاما کي نِندين ٿا اهو حاجين جي جهاز تي حملو هو.
حاجين جي جهاز سان جنهن ظلم جو مظاهرو واسڪو ڊاگاما ڪيو ان جو سر بستو احوال هن جي آرماڊا ۾ سوار ٻن سندس ئي پورچوگالين لکيو آهي. هڪ طرف واسڪو ڊاگاما جي انڊيا تائين سمنڊ جو رستو ڳولڻ ۾ اوليت جي واکاڻ آهي ته ٻئي طرف هن جي حاجين جي جهاز ۽ حاجين سان ڪيل ظلم جي بدنامي ۽ گلا آهي. انڊيا جي بندرگاهه ڪاليڪٽ ويجهو پهچڻ وقت هنن کي جيڪو عرب سوداگرن جو جهاز ٿي مليو، واسڪو ڊاگاما هن کي ٻوڙڻ جو حڪم ٿي ڏنو. اتي هنن کي هڪ حاجين جو جهاز نظر آيو جيڪو ڪاليڪٽ جي بندرگاهه مان لنگر کڻي مڪي ڏي پئي ويو. (واسڪو ڊا گاما سان گڏ سوار ٿومي (Thome Lopes) ۽ گاسپر ((Gaspar Correia) تاريخدان پنهنجي ڪتاب Lendas da India جنهن جو انگريزي ترجمو (Legends of India) ۾ اکين ڏٺو احوال لکيو آهي. هي ڪتاب پورچوگالين جي انڊيا تي حڪومت جي احوال جو اوائلي ڪتاب چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ هن هي ڪتاب تمام کهري انداز ۾ لکيو آهي. گاسپر انڊيا ۾ وڏو عرصو رهيو. اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه سال ۽ خوب دولت ٺاهيائين. ان بعد هو ملاڪا اچي رهيو جتي پڻ پورچوگالين جي حڪومت هئي. چون ٿا ته هن کي دشمنيءَ ۾ ملاڪا جي گورنر ايسٽيوائو ڊاگاما (واسڪو ڊاگاما جي پٽ) مارائي ڇڏيو.
پاڻ حاجين جي جهاز جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ۾ 50 عورتن سميت 400 حاجي هئا. واسڪو ڊاگاما سڀني حاجين ۽ ان جهاز تي موجود جهاز جي مالڪ ۽ مصر جي سفير کي ڪمرن ۾ بند ڪري پهرين انهن جو پئسو ۽ قيمتي سامان لٽيو ۽ پوءِ ان کي باهه ڏني. عورتون پنهنجن ٻارن کي هٿن ۾ کڻي انهن جا واسطا ڏينديون ۽ رحم لاءِ منٿون ڪنديون رهيون پر واسڪو ڊاگاما پنهنجي جهاز جي Port Hole (گول دريءَ) مان نظارو ڏسندو رهيو. ان بعد هن پنهنجن جهازن کي ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ لنگرانداز ڪري ڪاليڪٽ جي راجا کي چيو ته هو هڪدم پنهنجي شهر ۾ رهندڙ عرب ۽ مقامي انڊين مسلمانن کي شهر نيڪالي ڏئي. هندو راجا زئمورين صلحنامي لاءِ پنهنجي مندر جو اعليٰ ٻائو واسڪو ڊاگاما ڏي موڪليو. ڊاگاما هن کي جاسوس قرار ڏنو ۽ حڪم ڏنو ته هن ٻائي جا چپ ۽ ڪن ڪپيا وڃن ۽ پوءِ ڪتي جا ڪن هن جي مٿي تي سبي کيس واپس ڪيو ويو.
ان بعد واسڪو ڊاگاما ڪاليڪٽ بندرگاهه ۾ داخل ٿي شهر تي بمباري ڪئي ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل هڪ چانورن سان ڀريل جهاز پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ان ۾ موجود سڀني ناکئن جا هٿ، ڪن ۽ نڪ ڪپي گهر موڪليو. اوسي پاسي ۾ خوف طاري ٿي ويو ۽ هنن جي وات مان نڪتل لفظ قانون سمجهيو وڃڻ لڳو. هي سفاڪي ۽ ظلم جا هي ڪم ڪري واسڪو ڊاگاما جڏهن لٽ جي سامان سان ڀريل جهازن سان وطن پهتو ته هن جو هيرو جيان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو.
ايران جي شهر مشهد ۾، امام رضا جي روضي ڀرسان نادر شاهه جو مجسمو ڏسي جيئن مون کي دهلي ياد ايندي آهي جنهن کي هن ساڙيو ۽ ماڻهن جو ڪوس ڪيو تيئن لسبن بندرگاهه ۾ واسڪو ڊاگاما جو مجسمو ۽ شهر جي روڊ رستن ۽ پل تي واسڪو ڊاگاما جو نالي پڙهي مون کي انڊيا جو ڪاليڪٽ شهر ۽ حاجين جو جهاز ياد ايندو آهي جنهن تي هن بمباري ڪئي، انسانن کي ساڙيو ٻاريو ۽ جسم جا عضوا ڪپيا.