پورچوگالين جي انڊيا اچڻ وقت مغل حاڪم ڪٿي هئا؟
پهرين ڳالهه ته جنهن جي طاقت هئي ان حڪومت ڪئي ٿي. عربن کي طاقت، ٻڌي، عقل هو ته هنن اسپين، پورچوگال ۽ فرانس تائين وڃي قبضو ڪيو. اهڙي طرح ترڪن ويجهو توڙي ڏورانهن ملڪن تي حملا ڪري فتح يابي حاصل ڪئي ۽ هاڻ اهڙو دور هو جو يورپي سياڻا ٿي ويا هئا ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سائنس ۾ وڌي ويا هئا. هنن نه فقط بهتر جهاز ٺاهي خطرناڪ سمنڊ ڪراس ڪري سامونڊي رستا ڄاڻي سڃاڻي ورتا، پر هنن ايجاد ڪيل طاقتور بندوقن ۽ بارودن ذريعي مختلف ملڪن ۾ خوف ۽ هراس برپا ڪري انهن ڌرتين تي قبضو ڪري ورتو ۽ ان جو شڪار مغل بادشاهه به ٿي ويا جڏهن انگريز ننڍي کنڊ ۾ آيا. پر اها پوءِ جي ڳالهه آهي. گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون پوءِ جي، جن ڏينهن ۾ يعني 1498ع، واسڪو ڊاگاما انڊيا پهتو، انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هو اڪبر، همايون، عالمگير، شاهجهان يا اورنگزيب، وغيره؟ انهن جو وڏو ظهيرالدين بابر جنهن مغل سلطنت جو انڊيا ۾ بنياد رکيو اهو پنڌرهن سالن جو هو. هو اڄ واري ازبڪستان جي فرغانا ماٿري واري شهر انديجان (Andijan) شهر ۾ فرغانا جي گورنر مرزا عمر شيخ جي گهر ۾ 1483ع ۾ ڄائو. فرغانا ماٿري وارو علائقو هڪ ئي هو پر هاڻ جيئن پنجاب جو ڪجهه حصو انڊيا ۾ ٿو اچي ته ڪجهه پاڪستان ۾، تيئن فرغانا ماٿري اڄڪلهه وچ ايشيا جي ٽن ملڪن: ازبڪستان، ڪرغيزستان ۽ اتر تاجڪستان ۾ اچي ٿي، جتان نارين ۽ ڪارا درياهه وهن ٿا.
انڊيا ۾ مغل سلطنت جو پايو رکڻ کان اڳ هو ڪجهه سال فرغانا ۽ ڪابل جو به حاڪم ٿي رهيو. ان بعد هن انڊيا تي ڪاهه ڪئي جتي دهلي آگري پاسي ابراهيم لوڌيءَ جو راڄ هو ۽ راجپوتانا ۾ ميواڙ جي راڻا سنگهه جي بادشاهت هئي. ابراهيم لوڌيءَ سان پاڻيپٽ شهر ۾ بابر جو 1526ع ۾ مقابلو ٿيو. جنهن ۾ ابراهيم لوڌي مارجي ويو. پاڻيپٽ شهر شير شاهه سوريءَ واري گرانڊ ٽرنڪ روڊ (G. T.Road) تي آهي، جنهن جو تفصيلي ذڪر انڊيا واري پهرئين سفرنامي “دهليءَ جو درشن” ۾ ڪيو اٿم. اسان جي ملڪ جا ٽوئرسٽ جيڪي لاهور مان بس ذريعي دهلي وڃن ٿا، انهن جو پاڻيپٽ شهر مان لنگهه ٿئي ٿو. هي شهر اسانجي صدر ضياءُالحق جي جنم ڀومي “چنديڳڙهه” اچڻ کان 170 ڪلوميٽر پوءِ اچي ٿو. پاڻيپٽ پهچڻ بعد دهلي شهر ڪو 90 ڪلوميٽر مس آهي.
بهرحال بابر 1526ع ۾ دهليءَ جي تخت تي ويٺو، ايستائين پهرين پورچوگالي، واسڪو ڊاگاما جهڙن کي انڊيا ۾ قدم رکي 27 کن سال ٿي ويا هئا ۽ هنن ڪاليڪٽ، ڪنور، ڪوچين ويندي گوا تائين پنهنجا پير چڱي طرح ڄمائي ورتا هئا. پورچوگالي جي چاهين ها ته هنن لاءِ بابر ۽ همايون جهڙي چرسيءَ سان مقابلو ڪرڻ ڪو ڏکيو ڪم نه هو، جو پورچوگالين وٽ ان دور جي حساب سان اعليٰ قسم جا هٿيار هئا، بارود هو، Cannons (توپون) هيون جن جي ٺڪائن ۽ تباهيءَ سان شينهن مڙس به ڊڄي ٿي ويا ۽ هٿ ٻڌي آڻ ٿي مڃيائون. نه ته دادو ۽ خيرپور ضلعي جيڏي هڪ ڏورانهين ملڪ پورچوگال جي رهاڪن جي ڪهڙي مجال جو پنهنجي گهر کان هزارين ميل ڏور ککر ۾ اچي کڙو هڻن؟ ملبار ڪناري جا هي حاڪم جن وٽ سون ۽ چاندي ته جام هو، پر جي هٿيار هجن ها ته ڇا 1498ع ۾ پورچوگالي سندن ڌرتي تي قبضو ڪري سگهن ها؟ اسان جي سڄي ننڍي کنڊ جي اها ڪهاڻي آهي. سنڌ جي در وٽ ڪڇ، گجرات، راجستان، مهاراشتر ۾ سالن کان انگريز ڄمايو ويٺا هئا، سندن ٺڳين، بدمعاشين ۽ اٽڪل بازين جون ڪهاڻيون ۽ قصا اسان ٻڌندا رهياسين. اسان جا حاڪم جي همٿ ڪري هڪ بهترين فوج ۽ هٿيار گڏ ڪري وٺن ها ته 1843ع ۾ ڇا انگريز ايڏو آسانيءَ سان سنڌ تي قبضو ڪري سگهن ها؟ اهو ئي حال اڄ به آهي. اڄ جو هٿيار بم بندوقون ۽ نيوڪليئر پاور ناهي. اڄ جو هٿيار تعليم صحت ۽ معاشيات آهي. اسان جا حاڪم عوام کي انهن شين کان خالي رکي رڳو پنهنجي لاءِ وڏيون ڪارون، سونن ڪموڊن وارا گهر ۽ ڊالر پائونڊن جون ٿڦيون قبضي ۾ ڪري گد گد پيا ٿين. زمين هنن جي پيرن هيٺان پئي نڪري.... عوام جي ته هنن تباهي آڻي ڇڏي آهي پر هنن جا اهي خواب ته سندن ڦٻايل مال مان سندن ست پيڙهيون بنا محنت جي ويهي عيش ڪنديون، اهي خواب به چڪناچور ٿي رهيا آهن. هلاڪو خان جهڙو ڪو نه ڪو انسان يا ادارو سندن جمع ڪيل سڀ ڪجهه کڻي عباسي خاندان جي آخري خليفي المستعصم بالله جهڙي حالت ڪري هليو ويندو . جنهن سون چاندي خزاني جا اسٽور ته وڃائي ڇڏيا، پر بغداد کي به باهه ڏياري ڇڏي!