هڪ صدي اڳ جي سفر جي رُوئداد
سفرنامو بيشڪ مختصر آهي، پر بيحد دلچسپ آهي. جيتوڻيڪ مصنف ان سفر جي سادي سُودي ڳالھ لکي آهي، جيڪا ان زماني ۾ ڇپجي ها ته اُن وقت جي ماڻهن کي نه حيرت ۾ وجھي ها، ۽ نه ان کي اهم سمجھيو وڃي ها، جو ان ۾ هن هڪ عام ڳالھ ڪئي آهي، سا به مختصر انداز ۾ ته حج جو پروگرام ٺاهيم ۽ هي، هي سامان کڻي ڪري ڳوٺان نڪتس، ڪراچي پهتس اتان بحري جھاز ذريعي جدي پهتس، حج ڪيم ۽ واپس آيس. پر هي سفرنامو اڄ ان ڪري دلچسپ آهي، جو اهو هڪ دور جي تاريخ آهي. هي سفرنامو هڪ سئو سال، اڳ جو لکيل آهي. جيتوڻيڪ هڪ صدي ڪو وڏو عرصو ناهي، پر سعودي عرب، توڙي اسان جي ننڍي کنڊ ۾، ايڏيون معاشي ۽ ٽيڪنالاجيڪل تبديليون آيون آهن، جو اڄ جو نوجوان، اسان جي ملڪ جو هجي يا سعودي عرب جو، هو حيرت ۾ پئجي ويندو ته، نبي بخش چانڊئي صاحب هي ڇا لکيو آهي! هن کي ڪيتريون ئي ڳالهيون سمجھ ۾ نه اينديون. اهوئي سبب آهي، جو مونکي هن لاءِ ڀرپور Input ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي آهي. ڇو جو هڪ ته منهنجو جھازن، سمنڊن ۽ انهن سامونڊي ۽ خشڪي رستن سان واسطو رهيو آهي، ٻيو ته مونکي ان وقت جي حاجين جي تيارين ۽ احساسن جي پڻ ڄاڻ آهي. نبي بخش چانڊيوصاحب 1923ع ۾ جڏهن هي حج ڪيو، ان وقت آئون ڄاول به نه هوس، بلڪ منهنجو والد صاحب به ٽن سالن جو هو، جو هن جي ڄم جو سال 1920ع آهي ۽ منهنجي ڄم جو سال 1944ع آهي، پر مون کي ڪيتريون ننڍپڻ جون يادون، اڄ به چٽيءَ طرح اکين اڳيان آهن. مونکي پنهنجي پاڙي جي حاجين جون تياريون ۽ وڃڻ جو سفر، ان وقت کان ياد آهي، جڏهن آئون ٻئي يا ٽئي ڪلاس ۾ اٺن، نون سالن جو هوس. 1950ع واري ڏهاڪي جي حج سفر ۽ سائين نبي بخش چانڊئي صاحب جي، 1920ع واري ڏهاڪي جي حج سفر ۾، ڪو خاص فرق يا تبديلي نٿو ڏسان. منهنجي خيال ۾ هي سلسلو اڄ به اهو ئي هلندو هلي ها. پر ڇا ٿيو جو، 1970ع واري ڏهاڪي ۾ تيل جي پئسي (پيٽرو ڊالر) سعودي عرب جي قسمت، ۽ دنيا هڪ طرف يڪدم بدلائي ڇڏي ته، ٻئي طرف دنيا ۾ ٿيندڙ ترقيءَ حالتن ۾ ڦيرو آڻي ڇڏيو. اڄ جو نوجوان سوچي به نه ٿو سگھي ته، جڏهن نبي بخش چانڊيو صاحب حج تي روانو ٿيو ته، سعودي عرب ۾ ڪيڏي غربت هئي! ويندي 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به، اها حالت هئي. غربت ته اسان وٽ به هئي، پر سعودي عرب ۾ ايتري غربت هئي جو، مونکي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو، حج تي ويندا هئا ته، پنهنجي مالي حالتن مطابق ٿوري يا گھڻي زڪوٰة ۽ خيرات جا پئسا، عربن لاءِ کڻي ويندا هئا. سعودي عرب ۾ پڪا رستا به نه هئا، نه موٽر لاريون! تڏهن ته نبي بخش چانڊئي ۽ ٻين هزارين حاجين کي، جدي کان مڪي ۽ پوءِ مڪي کان مديني اُٺن تي سفر ڪرڻو پيو ٿي. امن امان جي حالت اهڙي خراب هئي جو، جتي ڪٿي عرب بدوئن قافلا ٿي ڦريا. ان جي مقابلي ۾ اسان جو انڊيا ملڪ (انهن ڏينهن ۾ پاڪستان اڃان وُجود ۾ نه آيو هو.) گھڻو گھڻو سڌريل، سهڻو ۽ مالدار هو. جنهن جو اندازو ان مان لڳائي سگھو ٿا ته، مڪي شريف ۾ جيڪي فانوس ٻرندا هئا، انهن جي تيل ۽ مرمت جو خرچ حيدرآباد دکن جو نواب موڪليندو هو.
ڏٺو وڃي ته، سڀ کان گھڻا سفرناما حج تي لکيل آهن. ظاهر آهي هر مسلمان جي اها خواهش رهي ٿي ته، هو زندگيءَ ۾ هڪ دفعو حج ڪري، ۽ نه فقط اسان جي ننڍي کنڊ جي ڪيترن ماڻهن سنڌي، بنگالي، گجراتي، مرهٽي، تامل ۽ ٻين ٻولين ۾، حجاز جو سفرنامو لکيو آهي، پر مصرين، شامين، عراقين، ايرانين ۽ يورپين به پنهنجي پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾، ڪيترائي حج بابت سفرناما لکيا آهن. پوءِ ڪيترن جا ڇپيا آهن ۽ اڄ به موجود آهن. جيئن اڄ به ابن بطوطا جو، سفرنامو جنهن ۾ حج جو به احوال آهي، موجود آهي ته، ڪيترن جا قلمي نسخا ئي غائب ٿي ويا. انهن جي سنڀال نه سندن اولاد ڪئي ۽ نه سندن ملڪ جي سرڪار. نبي بخش چانڊئي صاحب جي سفرنامي جو مثال، اسان جي اکين اڳيان آهي. سندس اولاد ۽ ماڻڪ ملاح همٿ نه ڪن ها ته، ههڙي دلچسپ ۽ تاريخي “حج نامي” پڙهڻ کان، اسان محروم رهجي وڃون ها.
دراصل منهنجي ته وڏي خواهش هئي، بلڪ جڏهن مون حج جو سفرنامو، “ڀلي پار تان ڀيرو” ۽ مديني پاڪ جو سفرنامو، “اي روڊ ٽو مدينه” پئي لکيو ۽ مديني جي ڀر واري شهر ينبوع ۾، جڏهن پنهنجي عرب دوست جي گھر رهندو هوس ته، هن جو هڪ جھونو مائٽ پنهنجي ڏاڏي جو پُراڻي کان پُراڻو حج بابت، سفرنامو اتاري رهيو هو ته، ڪيئن ان وقت دنيا جا ماڻهو، سندس شهر واري بندرگاھ ينبوع ۾ آيا ٿي، ۽ مڪي شريف عمري يا حج لاءِ ويا ٿي. ياد رهي ته جدي کان اڳ ڌارين ملڪن کان سمنڊ رستي ايندڙ ماڻهو ينبوع بندرگاھ ۾ لهندا هئا. مون پنهنجي دوست کي چيو ته اهو ڪتاب عربيءَ ۾ ڇپجڻ بعد جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿئي ته، ان جي ڪاپي مون ڏي موڪلجانءِ ته، آئون سنڌيءَ ۽ اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪندس. پر افسوس جو، اهو ڪتاب مڪمل ٿي نه سگھيو، جو اهو ايڏو ته آڳاٽو لکيل هو جو ان جا پنا ڪمزور ٿي ويا هئا ۽ ڪيترا ٽڪرا ڀُري ويا يا پاڻيءَ جا ڦڙا لڳڻ تي اکر ئي ڊهي ويا هئا. جيئن حاجي نبي بخش چانڊئي جي هن قلمي نسخي جو حال ٿي ويو هو. پر وري به ماڻڪ ملاح کي شاباس هجي، جيڪو هي سفرنامو گھڻي ڀاڱي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ هاڻ توهان جي هٿن ۾ آهي. اڄ ڪلھ جي، حاجين کي، جيٽ جھازن ذريعي ڪلاڪن ۾ جدي ۽ مڪي کان مديني پهچندي، اُتي جي فائو اسٽار هوٽلن ۾ رهندو ڏسي، آئون اهو چوندو آهيان ته جيڪر اسان جي وطن جو ڪو همراھ سئو سال اڳ جي حج ۽ سعودي عرب جو به احوال لکي ته، ماڻهن کي خبر پوي ته هي ملڪ، جنهن تي رب پاڪ جون هزارين نعمتون آهن، اتي جو گھڻو اڳ ڇا حال هو! ڪيئن اهي عرب ۽ آيل حاجي حجاز ۾ رهيا ٿي ۽ هنن سفر ڪيو ٿي. نبي بخش چانڊئي جو هي سفرنامو پڙهي خوشي ٿي ته، هي هڪ اهڙو منفرد سفرنامو آهي، جنهن کي اڄ جو نوجوان پڙهي، ضرور enjoy ڪندو ۽ کيس تاريخ جي ڄاڻ ٿيندي. البت هن سفرنامي ۾ ڪجھ اهڙيون شيون ضرور اچي ويون آهن، جن جي اڄ جي نوجوانن کي explanation جي ضرورت آهي. انهن شين مان مونکي جيڪي جيڪي ڳالهيون آئڙن ٿيون، انهن بابت آئون سمجھائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. جيئن هي مختصر سفرنامو جيڪو سمجھو ته، ڪوزي ۾ درياھ سمايل آهي، ان مان، هو لطف اندوز ٿي سگھن ۽ کين مونجھارو نه ٿئي ته مصنف هي ڪهڙيون ڳالهيون ويهي لکيون آهن.
حاجي نبي بخش خان صاحب، پنهنجي سفرنامي جي شروعات، حج جي سفر ۾، کاڌ خوراڪ جي کنيل سامان جي لسٽ سان ڪئي آهي. اڄ جو نوجوان سامان جي اها لسٽ ئي ڏسي، حيرت کائيندو ته هي ڪهڙي قسم جو سامان آهي ۽ ان سامان کي پاڻ سان کڻي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي! ڇا اٽو ۽ بصر به اتي مڪي مديني ۾ نه ٿي مليو ڇا؟ ۽ ايڏو بار کڻڻ جي اجازت به هئي ڇا؟ ڇو جو اڄ ڪلھ ته وڌ ۾ وڌ ويھ ڪلو سامان، کڻڻ جي اجازت آهي، ۽ هتي حاجي صاحب (نبي بخش چانڊيو) فقط اٽو سوا مڻ، يعني پنجاھ کن ڪلو کنيو آهي! ۽ ڇا تن ڏينهن ۾ هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ، کاڌي پيتي جي شين کڻي وڃڻ جي اجازت به هئي ڇا؟ اڄ ڪلھ ته مٺائيءَ جو، اڌ ڪلو کڻي وڃڻ تي به جَھل آهي. وڌ ۾ وڌ ضرورت جون دوائون کڻي سگهجن ٿيون. ان لاءِ به ڊاڪٽر جي ليٽر ۽ پرسڪرپشن جي ضرورت آهي ته هي همراھ بلڊ پريشر، ڊائبٽيز / يا دل جو مريض آهي ۽ هن کي گلوڪوفيج، ائمرل، هربيسار، ٽنورمن / يا لِپيگيٽ جھڙيون دوائون کڻي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مزي جي ڳالھ ته هيڏي وڏي لسٽ ۾ مصنف ڪابه دوا شامل نه ڪئي آهي! شامل به ڪيئن ڪري، ان وقت ڪٿي هئي، اهڙين بيمارين ۽ انهن جي علاج جي ڄاڻ؟ مصنف هي سفر 1923ع ۾ ڪيو آهي، جڏهن ته انگريزن کي ڊائبٽيز جي خبر ئي 1920ع ۾ پئي آهي ته، مٺا پيشاب به ٿين ٿا. اهي ڇو ٿا ٿين، انهن ۾ پئنڪرياز جو ڪهڙو ڪردار آهي، ان جو علاج ڇا ٿي سگھي ٿو..... انهن ڳالهين جي حل لاءِ ٻيا به ڪيترائي سال لڳي ويا. سو انهن ڏينهن ۾ هر ڳالھ جو علاج هو سُتي ڦڪي يا جوهر جون ٽڪيون! ۽ حاجي صاحب اهي جھور/ ڦودني جون ٽڪيون کڻي ٿي ويا، ۽ اسان جي مصنف به پنهنجي کاڌ خوراڪ جي سامان ۾ انهن ٽِڪين جو اڌ پاءُ شامل ڪيو آهي.
اڄ جو پڙهندڙ هيڏي وڏي سامان جي لسٽ ڏسي، ضرور پريشان ٿيندو هوندو ته، هونءَ ته “آسان سفر جو راز ته گھٽ سامان آهي”، پوءِ هي اسان جا حاجي صاحب ايڏو سامان ڇو ٿا ڍوئين؟ ڪنهن جهنگل ۾ پڪنڪ ٿا ملهائڻ وڃن، جتي اهو سامان ملي نه سگھندو؟ ڇا سعودي عرب جيهوٽلن ۾ هنڌ بسترو به نه هو، جو هو وهاڻا، چادرون، فراسيون ٿا کڻيو وڃن؟ ڇا هوٽلن ۾ کاڌو پيتو به نه هو جو هي ديڳڙا، توا، رقيبيون چمچا کڻيو ٿي ويا؟ جي ها! جيڪو ائين سوچي ٿو، اهو صحيح سوچي ٿو. انهن ڏينهن ۾ حج جو سفر هڪ پڪنڪ ۽ ائڊوينچر کان گھٽ نه هو. انهن ڏينهن ۾ سعودي عرب ۾ ڪٿي هيون رهائش لاءِ هوٽلون؟ ڪٿي هئا سيڌي سامان جا دڪان؟ سعودي عرب ۾ غربت جو حال اهو هو جو، هو پاڻ حج جو انتظار ڪندا هئا ته الهند (India) جھڙي سُکي ملڪ جا، ماڻهو حج لاءِ اچن ته، هنن کي به ڪجھ کائڻ پيئڻ لاءِ ڏين. عربن جون اڄ جون هي سڀ عيش عشرتون پيٽرول نڪرڻ بعد آهن، نه ته 1970ع کان اڳ، هنن جي ڪمائيءَ جو واحد ۽ وڏو ذريعو حج هو. ان جي مقابلي ۾ اسان جو “برٽش انڊيا” هڪ سُکيو ستابو ملڪ هو، جتان جا حاجي مڪي مديني ويا ٿي ته پنهنجي راشن سان گڏ، اتي جي ماڻهن کي خيرات ڏيڻ لاءِ پڻ کڻي ويا ٿي جيئن مٿي لکي آيو آهيان. 1950ع واري ڏهاڪي ۾ به مون پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي ڏٺو ته هو حج تي ويندڙ ماڻهن ذريعي، عربن لاءِ زڪوٰة موڪليندا هئا.
جيستائين سامان جي وزن جو سوال آهي، ان جي جھل پل نه هئي جو، هو پاڻيءَ واري جهاز ذريعي ويا ٿي. اڄ ڪلھ ته منيٰ ۾ به هوٽلون، دڪان ۽ البيڪ جھڙا فاسٽ فوڊ جھڙا اسٽور کلي ويا آهن. نه ته مونکي ياد آهي ته 1964ع ۾ منهنجو والد ۽ ڏاڏي حج تي ويا هئا ته، انهن سان گڏ ڏيپلي جو، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر سڄڻ ۽ ڪي ٻه ٻيا به رفيق هئا. جن کي منيٰ ۾ رڌ پچاءَ لاءِ پنهنجو چلهو کڻي وڃڻو پيو هو. اهوئي سبب آهي جو، مڪي، مديني، خاص ڪري منيٰ جھڙن ڳتيل هنڌن تي باھ لڳي وئي ٿي.
پاڻي وارن جھازن تي، حاجين کي سامان کڻي وڃڻ جي، پابندي نه هئي، پر ان هوندي به ايڏو سامان ڍوئڻ ۾، کين ته تڪليف ٿيندي هوندي. ڇو ته جدي کان مڪي، ۽ مڪي کان مديني پهچڻ لاءِ ڀاڙي تي اٺ ڪندا هئا. هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ هلڻ لاءِ، هزارين اُٺن جو قافلو گڏ گڏ نڪرندو هو. ان ڪري جو رستي تي امن امان نه هو. بدو عرب ڌاڙيل، هنن حاجين جي ڦر ڪندا هئا. مڪي کان مديني ويندي تيرهن ڏينهن لڳا ٿي. انهن 13 ڏينهن ۾ رستي تي، اسان واري حاجي صاحب نبي بخش جي قافلي تي، ٽن چئن هنڌن تي، ڌاڙيلن ڦر ڪئي، ۽ اهي بدو عرب ڌاڙيل به اهڙا بُکيا ۽ مسڪين لڳا ٿي، جو ڪنهن جا چار روپيه به نٿي ڇڏيائون. سامان ۾ وَٽا، چونئريون ۽ لوٽا به ڦري ٿي ويا. نه هيون اسپتالون نه ڊاڪٽر، نه دوائون. بيمار، پوڙهن، عورتن کي مڪي کان مديني ۽ واپس مڪي يا جدي پهچڻ لاءِ ڏينهن رات اٺن تي سفر ڪرڻو پيو ٿي. اهو اڄ جو سخت قانون آهي جو، پيٽ واري عورت کي، سفر کان جھليو وڃي ٿو. خاص ڪري اها عورت، جيڪا مٿين مهينن ۾ آهي. بلڪ اها عورت پاڻ ئي ايڏي وڏي سفر کان پرهيز ڪري ٿي جو اڄ جون عورتون، پيٽ سان ٿيڻ کان وٺي، ڊليوريءَ تائين لڳاتار ڊاڪٽرياڻيءَ کان چڪاس ۽ لئبارٽري ٽيسٽ ڪرائينديون رهن ٿيون، گائني جي ڊاڪٽرياڻيءَ جون ڏسيل دوائون کائينديون رهن ٿيون ۽ پوءِ به ٻار جي ڊليوري، قدرتي طرح سان نه، پر آپريشن سان سرانجام ڏني وڃي ٿي! پر اڳئين زماني ۾، عورت هڪ دفعو پيٽ سان ٿِي ٿي ته، ڏهين مهيني دائيءَ اچي ٻار ڄڻايو ٿي. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته دائيءَ جي پهچڻ کان، اڳ ٻار ڄمي ٿي ويو. ان جو مثال توهان کي، حاجي نبي بخش چانڊئي جي، هن سفرنامي مان به ملندو ته، مديني کان مڪي يارهن ڏينهن جي سفر ۾ رستي تي، هڪ عورت کي ٻار به ڄائو. جتي هن ڏکئي سفر ۾ ڪيترا پوڙها ۽ بيمار گذاري ويندا هئا، اتي ڪيتريون عورتون ڏکي ڊليوري ۾ به مري وينديون هيون. هو مٿين مهينن ۾ به حج جي سفر تي نڪري پونديون هيون، اهو سوچي ته، جي هن دفعي نه ويس تي پوءِ الائي، ڪڏهن موقعو ملي. حج جي سفر ۾ ڄميل اهڙن ٻارن جا فخر سان مدينا، مڪو يا مڪي نالا رکيا ويندا هئا. هاڻ ته پيٽ سان عورتن جي سفر تي پابندي آهي، سو نڪي مدينائون ٿيون ڄمن ۽ نه مَڪا. پر اڳئين وقت جا ڄميل پوڙها مَڪا ۽ مدينائون، توهان جي شهر ۾ به ضرور هوندا.
پڙهندڙن سان اها ڳالھ به ضروري ڪندو هلان ته، هن سفرنامي جي ليکڪ حاجي نبي بخش خان چانڊئي جي ڏينهن ۾، توڙي منهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن، ياد ٿو ڪريان ته، انهن ڏينهن ۾، يعني 1950ع واري ڏهاڪي ۾، حج جا سِڪايل، مهينن بلڪ سالن کان، حج جي سفر لاءِ پئسا گڏ ڪندا رهندا هئا. پوءِ جڏهن رب پاڪجو سڏ ٿيندو هو ته، وڃڻ جي تياريءَ لاءِ، ائين سامان ويهي ٺاهيندا هئا، جيئن هن سفرنامي جي “مسافر” لسٽ لکي آهي. اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو ته، هڪ سال اڳ واري عيدالاضحيٰ تي، ڪيل قرباني جي گوشت کي ۽ ڪي ته مڇين کي به، اس ۾ سُڪائي رکندا ها ته، دالين سان گڏ، ان سڪل گوشت ۽ مڇين کي به کڻي ويندا هئا. يعني حج جي به ائين تياري ٿيندي هئي، جيئن ڪنهن جي شاديءَ جي يا نئين گھر ٺهرائڻ جي. هينئر ته وري به ماڻهن وٽ پئسو آهي، پر جيڪي غريب آهن، اهي به شاديءَ لاءِ شادي هال بُڪ ڪن ٿا، جيڪي ٽيبل ڪرسيون، اسٽيج ۽ مهمانن جي مانيءَ جو بندوبست ڪن ٿا. نه ته اسان جي ننڍپڻ ۾، آئون ڏسندو هوس ته، گھوٽ وارا شاديءَ کان اڳ، چانور، ڇوڏا، ڪاٺيون، گيھ، مصالحا، بصر پيا گڏ ڪندا هئا. اهڙي طرح گھر ٺهرائڻ وارا به، سال ٻه کان سيمنٽ، ٽيئر، گارڊر يا ڪامون ۽ ٻيو اڏاوت جو سامان ٿورو ٿورو ڪري پيا گڏ ڪندا هئا. هاڻ ته گھر ٺهرائڻ جو ڪم به، ٺيڪيدار حوالي ڪرڻو پوي ٿو. يا قسطن تي فليٽ وٺڻو پوي ٿو.
دراصل مون کي پاڻ دل ۾ هو ته، ڪنهن اهڙي حاجيءَ جو سفرنامو پڙهجي، جنهن ۾ سامان جو به ذڪر هجي ته، هو ڪهڙي قسم جو سامان کڻي، حج تي ويا ٿي. اڄ ڪلھ، حاجي 20 ڪلو جو ذاتي سامان، جنهن ۾ ٻه ٽي وڳا، چمپل، احرام کڻي حج لاءِ وڃن ٿا، پر واپسيءَ تي ان کان وڌيڪ سامان آڻين ٿا، جو هو مڪي مديني مان کجور (تمر)، زمزم جو پاڻي، گھر جي ڀاتين لاءِ ڪچو ڪپڙو، واچون، رانديڪا ۽ ٻيا هلڪا ڦلڪا تحفا آڻين ٿا. پر سائين نبي بخش خان چانڊئي جي، ڏينهن ۾ هر حاجيءَ سان گڏ سامان جا ڪئين ٻورا هوندا هئا، جن کي جدي کان مڪي کڻي وڃڻ لاءِ، هزارين اُٺ جدي بندرگاھ ۾ موجود هوندا هئا. هر حاجيءَ جو سامان گھٽ ۾ گھٽ ٻه اڍائي سو ڪلو ٿيندو هو. جنهن ۾ اٽو، چانور، هنڌ بستري، ديڳڙن، ٿالهين، ٿالھ، دٻن، چونئرين ساندارين، سُئي سَڳي، سُوتلي، اڳٺ وجھڻي، مرچ مصالحن کان وٺي ڪپڙا وڳا ۽ ٽوال هوندا هئا. انهن ۾ ڪي ڪي ته حيرت ۾ وجھندڙ شيون به هونديون هيون. جيئن ته جھاز جي نادين (ٽانڪين) مان ۽ مڪي مديني ۽ رستي تي، کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ، رسيءَ سوڌي باردي، الٽيون ڪڍڻ لاءِ چلمچي، کوھ تان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چمڙي جي سانداري، پيشاب داني (جو خراب سمنڊ ۾ سي سڪنيس ٿيڻ مهل مسافرَ پاڻ کي نفسياتي طرح بيمار سمجھي پيشاب لاءِ اُٿن ئي ڪونه اتي ئي سُتا رهن ٿا). جيئن اسان واري مسافر به لکيو آهي ته، ”جھاز جي لُڏڻ ڪري ڪيترا ڏينهن، اهڙي ته ڦيري رهي جو، ماني به نه کائيندا هئاسين.“ جيتوڻيڪ اها ڦيري جيڪا سمنڊ جي خراب ٿيڻ تي ٿئي ٿي ۽ جنهن کي Sea Sickness سڏجي ٿو، ان ۾ پيٽ کي خالي نه رکجي. ماني نه وڻڻ جي باوُجود، زوريءَ ڪجھ نه ڪجھ کائيندو رهجي، ڀلي اُلٽيون اينديون رهن. حاجي صاحب پنهنجي سامان ۾ وَٽ سارڻ لاءِ، ڀتر کڻڻ بدران درزيءَ کان اڳڙين جا ٽوٽا کنيا آهن- سي به ٻه سير کن.
بهر حال، هن سفرنامي جي مصنف، اهو سٺو ڪيو آهي، جو سامان جي لسٽ به لکي آهي. جنهن ۾ ٻُڌايل سامان ان وقت معمولي ڳالھ هئي، پراڄ اسان لاءِ حيرت جو سبب آهي. جيئن اڄ کان ويھ ٽيھ سال اڳ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪرڻ لاءِ، مون وٽ جيڪا سامان جي لسٽ هوندي هئي، ان ۾ ڪئميرا، فلم رول (بعد ۾ ڪئميرائون ڊيجيٽل ٿيڻ تي انهن جي بيٽريءَ جو چارجر)، انٽرويو وٺڻ لاءِ يا گانا ٻڌڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊر، ٽائيم ڏسڻ لاءِ واچ ۽ وقت تي اٿارڻ لاءِ ٽائيم پيس، ٽيليفون نمبرن ۽ دوستن جي ائڊريس جي ڊائري ۽ ٽارچ جھڙيون شيون به هونديون هيون. پر اڳتي هلي اهڙو زمانو ايندو، بلڪ اڄ ئي ڪيترن کي تعجب لڳندو هجي ته، اهي هيتريون ساريون شيون کڻڻ بدران، سمارٽ فون ڇو نه ٿي کنيم؟ اهو ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ موبائيل فون ايجاد نه ٿيو هو. ان کان علاوه پڙهندڙ ان لسٽ ۾ سُرمون ۽ تيل پڙهي به سوچيندا هجن ته، جپان توڙي سُئيڊن ۾ اهي ڇو ٿي کڻي ويس؟ اهو ان ڪري جو اسان جي عُمر جي ماڻهن کي مائٽن ننڍي هوندي کان، اها سُتي وڌي هئي ته، اکين جو نور قائم رکڻ لاءِ، سُرمون ضروري آهي ۽ دماغ جي تراوت لاءِ روزانو صبح جو، وهنجي تيل هڻڻ به ضروري آهي، پوءِ ڀلي مٿي تي وار نه به هجن. ۽ هاڻ ڊاڪٽرن جو اهو ئي چوڻ آهي ته، مٿي تي تيل هڻڻ يا نه هڻڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. پراسان جي دور ۾، هر ٻار توڙي وڏو روزانو صبح جو، تيل هڻندو هو ۽ اکين ۾ سرمون پائيندو هو. اهڙي طرح ميٽ جو استعمال هوندو هو. ميٽ منهنجي خيال ۾ ملتان جي مٽي آهي، جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ صابڻ جي جاءِ تي استعمال ٿئي ٿي. اسان ننڍي هوندي ڳوٺن ۾، جسم کي ميٽ هڻي، پوءِ وهنجندا هئاسين. بعد ۾ صابڻ عام ٿي ويا ته به، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان موڪل ٿيڻ تي ڳوٺ اچبو هو ته، ڏاڏي صابڻ هڻڻ کان منع ڪندي هئي. هن جو هر وقت ضد هوندو هو ته، ٿوري دير ميٽ هڻي ويهو، پوءِ وهنجو. اسان چوندا هئاسين ته خبر ناهي، اسان جي سنڌ جون پوڙهيون ڪڏهن سڌرنديون. پر پوءِ جڏهن وڏا ٿياسين، تعليم مڪمل ڪري جھاز هلاياسين ته، برما، ٿائلنڊ، ملائيشيا ۽ جپان جي نوجوان ڇوڪرين کي منهن ۽ ڳچيءَ تي ميٽ هڻي، پنهنجي گھر جي دِڪيُن تي ويٺل ڏسي حيرت ٿي، ۽ پڇڻ تي ٻُڌايائون ته ان سان سونهن ٿي پيدا ٿئي.
بهرحال هر دور ۾، ان وقت جي حالتن ۽ ضرورت موجب الڳ الڳ شين جي اهميت رهي ٿي. هڪ خيال کان، حاجي نبي بخش خان پنهنجي سفرنامي ۾ حج جي سفر لاءِ، پوندڙ ضرورت جي شين جي لسٽ ڏئي، سٺو ڪيو آهي. جيڪا ڳالھ اڄ جي پڙهندڙن لاءِ نه فقط معلومات پر دلچسپ پڻ ثابت ٿيندي.
حاجي نبي بخش خان صاحب جي، هن سفرنامي جا پڙهندڙ شايد اهو به پڇن ته، حاجي صاحب پنهنجي حج جي سفر جو، جتي ڪٿي ڪيل خرچ روپين ۾ ڇو لکيو آهي؟ ويندڙ قافلي کي ڌاڙيل ڦرين ٿا ته، هنن لاءِ اهو لکي ٿو ته، هو هيترا روپيا ڪئش ڦري ويا ۽ هيترن روپين جو سامان کڻي ويا. ڳالھ اها آهي ته، اهو برٽش انڊيا جو زمانو هو ۽ سڄي انڊيا ۾ (جنهن ۾ اڄ جو پاڪستان ۽ بنگلاديش به اچي ويا ٿي.) سِڪي جو نالو روپيو هو، ۽ هي روپيو جنهن جو، سڪو نج چانديءَ جو ۽ تور ۾ هڪ تولو هو، نه فقط سڄي انڊيا ۾ پر سري لنڪا، برما، ويندي ٿائلنڊ، ملايا ۾ هڪ طرف، ته ٻئي طرف هنن عرب ملڪن ۾ هڪ طاقتور ڪرنسي سمجھيو ويو ٿي. ويندي ڪويت، يمن، جبوتي، بحرين ۽ سعودي عرب جي ريال کان انڊين روپيو مضبوط هو. ٻي ڳالھ ته حج تي جيڪي آيا ٿي، انهن ۾ پاڙي جي ملڪن، يمن، مصر، سوڊان جا مسلمان به هئا، پر انهن سڀني کان وڌيڪ انڊيا جا مسلمان هوندا هئا، جيڪي ڪلڪتي، بمبئي، سورت، ڪراچي ۽ انڊيا جي ٻين بندرگاهن کان سعودي عرب پهتا ٿي. جڏهن هوائي جهاز شروع ٿيا ۽ سفر جون سهولتون آسان ۽ ماڊرن ٿيون ته ملايا (ملائيشيا)، انڊونيشيا ۽ ٻين ڏورانهن ملڪن کان، ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌيو. نه ته 1950ع تائين اسان جي گھڻائي ۽ مانُ هو. گھڻا تڻا عرب غريب ۽ محنت مزدوري ڪندا هئا، جيئن اڄ ڪلھ توهان کي سکر، جيڪب آباد، گھوٽڪي ۽ بلوچستان جا ماڻهو، سعودي عرب ۾ مزدوري ۽ هارپو ڪندي نظر اچن ٿا. حج تي آيل انڊين حاجين جي دل جيتڻ لاءِ، ڪيترا عرب پورهيت اڙدو به ڳالهائيندا هئا. ان ڪري هر ڪو عرب انڊيا جي ڪرنسي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هوندو هو. جيئن اڄ ڪلھ اسان وٽ ڳوٺن جا ماڻهو به، آمريڪن ڊالر جي ڳالھ ٿا ڪن. عرب هر شيءِ جو اگهه روپين ۾ ٻڌائيندا هئا ۽ اسان جي حاجين کي، اڄ وانگر ڪراچيءَ کان، يا جدي پهچي روپيا بدلائي ريال وٺڻا نٿي پيا. ائين هجي ها ته، هن سفر جو ليکڪ ضرور لکي ها ته، هُن، هِن ريٽ تي فلاڻي بئنڪ يا مني ايڪسچينج تان، روپيا مَٽائي هيترا ريال ورتا. هرگز نه. انهن ڏينهن ۾ هر حاجيءَ جو سڄو سفر پنهنجن روپين ۾ ٿيندو هو. اهوئي حال 1960ع واري ڏهاڪي تائين دبئي ۽ ايران جي بندرگاھ “ڇابهار” جو هو. جتي نه فقط اسان جو روپيو هليو ٿي، پر هنن پنهنجي ملڪ جي سِڪي کي به، روپيو سڏيو ٿي ۽ اسان کي انهن بندرگاهن ۾ عربي يا فارسي ڳالهائڻ جي ضرورت نه ٿي پئي، پر هنن اسان سان اڙدوءَ ۾ ڳالهايو ٿي.
اسان جي روپئي، يعني برٽش انڊيا (انگريزن جي دور جي انڊيا) جي روپئي جي قدر جو اندازو، ان مان لڳائي سگھو ٿا ته، ڪراچيءَ کان جدي پاڻيءَ واري جھاز جي سفر جو، ڀاڙو 70 روپيه هو. جيتوڻيڪ اهو به گھڻو مهانگو سمجھيو ويو ٿي، جو حاجي نبي بخش چانڊئي وارن اوچي لائينر جھاز “شجاع” ۾ سفر ڪيو، جنهن ۾ 900 ماڻهو بمبئيءَ کان اڳئي چڙهيل هئا، ۽ بمبئي کان ڪراچي پهچڻ تي، ڪراچيءَ مان وڌيڪ 400 مسافر چڙهيا. جن ۾ هن سفرنامي جو مصنف، نبي بخش چانڊيو صاحب به هو. انهن ڏينهن ۾ ستر روپيا ڀاڙو ڏئي، حج ڪرڻ وارا، امير ۽ سُکيا ماڻهو سمجھيا ٿي ويا. حاجي صاحب نه فقط انگريزن جي دور ۾، سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو ۽ هاڻ پينشن تي هو، پر زميندار پڻ هو، ان ڪري برداشت ڪري سگھيو ٿي. ان جھاز کان گھٽ سهولت وارا جھاز به هئا. جن جو ڀاڙو کڻي، هن جھاز شجاع کان گھٽ هو، پر اهو به اسان جي عوام لاءِ وڏو هو، جو انهن ڏينهن ۾ ماڻهن جا پگھار ۽ ڪمايون به گھٽ هُيون. وري به اسان ننڍي کنڊ جا ماڻهو، خوش نصيب هئاسين، جو اسان وٽ سرڪاري نوڪريون، پوک، وڻج واپار ۽ ڪارخانا هئا. اڄ واري سعودي عرب يا يمن جھڙن ملڪن ۾ ته ڀينگ لڳي پئي هئي. نه هئي پوک ۽ نه هئا ڪارخانا. ڪم سڄو ڦرلٽ تي هليو ٿي، يا حج جي ٽوئرزم ۽ ميلي تي، جنهن موسم ۾ عربن، حاجين جي خدمت ڪري يا چوري چڪاري ڪري چار پئسا ڪمايا ٿي. عربستان جي ماڻهن توڙي حڪومت کي هر وقت حج جي موسم جو انتظار رهيو ٿي ته، حج لاءِ ايندڙ عوام اچي پئسو خرچي، جيئن مقامي ماڻهن جي ڪمائي ٿي سگھي. اڄ جي عربن وانگر (جيتوڻيڪ اڄ جا عرب ته امير آهن) ان وقت جي عربن کي به اها ڳالھ نه ٿي وڻِي ته، ڪو ڪنگلو، حج تي اچي يا حج تي اچي ڪو ڌنڌو ڌاڙي ڪري هتان ڪمائي وڃي. جيئن حاجي صاحب مڪي کان مديني روانو ٿيڻ جو نقشو چٽيو آهي ته، هُنن سفر لاءِ اُٺ ڀاڙي تي ڪيا. انهن ڏينهن ۾ نه روڊ رستا پڪا هئا ۽ نه موٽر لاريون. رستو به سمنڊ جي ڪناري وارو وٺي وڃڻو پيو ٿي، جيڪو اڄ واري رستي کان ڏورانهون آهي.
حاجي صاحب لکي ٿو ته، “مديني وڃڻ لاءِ هرهڪ جي دل چيو ٿي، پر ڪيترا حاجي اهڙا مسڪين هئا جو، هنن وٽ اُٺن جو ڀاڙو نه هو. اهي مسڪين حاجي مڪي مُعظم ۾ پئي رُليا، جن جو تعداد هزارن ۾ هو. هُو پنهنجو خرچ کائي ويا هئا. سندن حالت قياس جوڳي هئي. ڀاڙي نه هجڻ ڪري ڪيترا حاجي، رسول پاڪ ﷺ جي، روضي جي ديدار ۽ حُب خاطر پيرين پنڌ نڪتا ٿي”. اڄ جي ماڻهن لاءِ اها ڳالھ عجيب آهي ته، هيڏو وڏو مڪي کان مديني، پراڻي رستي وارو سفر، جنهن ۾ اُٺن کي به منزلون ڪندي 13 ڏينهن لڳا ٿي. سو هنن غريبن بک، اڃ ۽ گرميءَ ۾ ڪيئن ٿي ڪيو. ڏکيو سفر ان ڪري جو انهن ڏينهن ۾ پاڻي به جتي ڪٿي نٿي مليو. رستي تي مختلف منزلن تي کوھ هئا، جن مان ڪن جو پاڻي صحيح هو ته، ڪن جو ٻاڙو. ڪٿي باردي ذريعي پاڻي ڇڪي ڪڍيو ويو ٿي ته، ڪٿي ان جا به پئسا ٿي ڏيڻا پيا. رستي تي بدامني ان کان علاوه هئي. ڦر ۽ چوريءَ جو خوف نه رڳو پيدل ويندڙ کي رهيو ٿي، پر هزارن جي تعداد ۾ گڏ هلندڙ اٺن جي قافلي وارن کي به ٿيو ٿي. جيتوڻيڪ اهي ڦورو ۽ بکيا بدو عرب به مسلمان ۽ انهن پاڪ جاين جا رهاڪو هئا، پر هنن کي نه خدا جو خوف هو ۽ نه حج جو فرض ادا ڪرڻ وارن غريب مسافرن جو قياس هو. پر حاجين جو جوش ۽ جذبو ڏسو، هنن جي کيسي ۾ پيٽ ڀري کائڻ لاءِ پئسو نه هو، ۽ نه ڀاڙي لاءِ ڏوڪڙ، ته به رسول پاڪ ﷺ جي روضي جي سچي سِڪ ايڏو مجبور ٿي ڪيو، جو هو مڪي کان مديني پنڌ نڪري ٿي پيا. ڏٺو وڃي ته اهو ته وري به ڪو وڏو پنڌ نه هو. ڪيترا عاشقانِ رسول پنهنجي ملڪ، پنهنجي شهر کان مڪي (حج) تائين پيرين پنڌ آيا ٿي. اسان جي سنڌ جا به هرسال ڪيترائي ماڻهو پيرين پنڌ حج لاءِ نڪتا ٿي. ڪيترن بابت مون به ٻُڌو ۽ ڪيترا ڏٺا. آخري ماڻهو هن سفرنامي جي مصنف، حاجي نبي بخش چانڊئي جي پاسي جو، سڪرنڊ جو رهاڪو، حاجي ڪوري هو، جنهن پنهنجن ٽن چئن ساٿين سان گڏ، پيرين پنڌ حج جي سفر جي شروعات، سڪرنڊ کان ڪئي. مختلف ملڪن مان گذرندي، هنن ڪيتريون ئي تڪليفون سَٺيون. ويندي يمن ۾ جيل به ڪاٽيائون. منهنجي ساڻس ملاقات 1968ع ڌاري دبئيءَ ۾ ٿي، جڏهن اسان پنهنجي جھاز کي پهريون دفعو دبئي ڪاهي آيا هئاسون. هن غريب دبئيءَ ۾ محنت مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪيو ٿي، ۽ بچت ڪري پنهنجو واپار وڌائي وڌائي ٽيھ چاليھ سالن بعد، دبئي جو مشهور اسٽيٽ ايجنٽ ٿي ويو. حيدرآباد ۾ سندس ”ڪوري هائوس“ ۽ سڪرنڊ ۾ ٺهرايل ماڊرن شادي هال ”سنڌ پيلس“ مشهور آهي. ٻه سال اڳ منهنجي ساڻس آخري ملاقات حيدرآباد ۾ ٿي. سو منهنجو مطلب اهو آهي ته، اڄ ڪلھ پڪن رستن ۽ بسين، ڪارين، وئگنن جي دور ۾ جڏهن ماڻهو “ٻاروچي باغ” کان ونجھيري”، يا “سڪرنڊ” کان “صابو راهو” تائين به چنگچين ۾ سفر ڪن ٿا. بقول ڪنهن ڏاهي جي، اڄ ڪلھ عورتن کان جنڊ ۽ مردن کان پنڌ ڇڏائي ويا آهن، سو ان تناظر ۾، اڄ جو ماڻهو انهن پنڌن جو سوچي به نٿو سگھي. پر حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، هن ڏٺو ته اهي غريب حاجي، جن جي هڙ ۾ پئسو نه هو، انهن پيرين پنڌ پيادي مديني منور پهچڻ جو ارادو ڪيو. هو لکي ٿو ته “انهن کي پوليس هٿ ڪري موٽائي، مڪي شريف آندو ٿي. انهن کي ٽي ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو ٿي، جتي هنن جي ماني، پاڻي به بند رهيو ٿي. انهيءَ ڪري ويچارا هزارين مسڪين حاجي، زيارت ڪرڻ کان رهجي ويا. عربن جو مطلب هو ته ڪوبه بي ثمرو حاجي، حج تي اصل ڪونه اچي. تنهن ڪري ڀانئجي ٿو ته، آئينده ڪوبه مسڪين حاجي حج تي ڪونه ويندو.”
حاجي صاحب بلڪل صحيح سوچيو. عربستان جي عربن کي ان ڳالھ جي خوشي يا روحاني راحت نه ٿي رَسي ته، مختلف ملڪن کان خاص ڪري، برٽش انڊيا کان (جتي جا ماڻهو عربن ۽ ٻين کان وڌيڪ سُکيا ستابا هئا)، اسلام جي پنج رڪنن مان، هڪ پورو ڪرڻ لاءِ هنن وٽ اچن ٿا. پر هنن کي اهوئي فڪر رهيو ٿي، جيئن هو گھڻي کان گھڻو پئسو کڻي اچن ۽ هتي اچي خرچ ڪن، جيئن سندن ڪمائي ٿئي. جي ڪڏهن ڪو خالي کيسن سان ايندو ته پيٽ ته ٻه وقت ماني هر صورت ۾ گھري ٿو، جنهن جو پورائو ڪرڻ لاءِ، هو ڀلي کڻي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کان ئي پنن يا چوري ڪن، پر اها ڳالھ به عربن کي نه ٿي وڻي. اها خيرات به مقامي ماڻهن کي ڇو نه ملي، اهو مال به مقامي چور بدو ڇو نه چوري ڪن.
ياد رهي ته اڄ به جپان، ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ جھڙن ايشيائي ملڪن کان، يورپ جا امير ملڪ، جن وٽ ٽوئرزم عام آهي، انهن جو مقصد آيل ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ آهي. اهوئي سبب آهي جو، هو اسان جھڙي ڪنگلي ملڪ جي ماڻهن مان خوش نه آهن ته، اهي ڪي سندن ملڪ ۾ اچن. ايتريقدر جو هنن جا سفارت خانا ٽوئرسٽ ويزا- يعني گھمڻ جي اجازت تڏهن ٿا ڏين، جڏهن هنن کي پڪ ٿي ٿئي ته، هي پاڪستاني جيڪو سندن ملڪ ۾ پيو پهچي، ان وٽ گھمڻ لاءِ پئسو ۽ واپسيءَ جي ٽڪيٽ آهي يا نه؟ ائين ته نه ٿيندو جو هو گھمڻ جو بهانو ڪري اتي نوڪري حاصل ڪري، مقامي ماڻهن جي روزگار تي لت هڻي. ان سلسلي ۾ پنهنجي شروع جي ملائيشيا وارن سفرنامن مان، هڪ ۾ لکي چڪو آهيان ته، ملاڪا جو چيف منسٽر جيڪو منهنجو هم عُمر ۽ دوست هو، تنهن چيو ته “مونکي اهي يورپي سياح بلڪل پسند نه آهن، جيڪي ڪنجوس آهن يا خالي کيسن سان اچن ٿا. جيڪي بس جي ٽڪيٽ ڀرڻ بدران ايندڙ ويندڙ کان لفٽ وٺن ٿا. اسان جي پارڪن ۽ ٻين تفريحي هنڌن تي گھمن ڦرن ٿا ۽ ڪوڪا ڪولا تي ٻه رنگٽ خرچ ڪرڻ بدران، ميونسپالٽي جي نلڪي مان، مفت جو پاڻي پي گذر ڪن ٿا”.
حج جي هن سفر ۾، مٿين ڳالھه لکڻ وقت، مصنف پيدل حاجين بابت لکيو آهي ته، “هنن کي شريف- يعني شريف جي پوليس واپس ورايو ٿي”. اهو “شريف” ڪير هو؟ ان جو احوال ٿورو اڳيان ڪريون ٿا. مڪي کان مديني ويندي، ان وقت جي حاجين کي 13 ڏينهن کن لڳا ٿي. چانڊيو صاحب لکي ٿو ته “تاريخ 8 ذوالقعد جي اسان جو قافلو، اٽڪل چار سئو اُٺن جو، مڪي کان مديني ڏي روانو ٿيو ۽ مديني 21 ذوالقعد تي پهتاسون”. مصنف رستي تي درپيش آيل ڌاڙيلن جي ٽن چئن ڦرن جو به احوال لکي ٿو ته، ڪيئن هنن مسافرن کان پئسا ۽ سامان به ڦري ٿي ويا. ڏٺو وڃي ته سامان به ڇا هُين- اهو ديڳڙو، ٿالهيون، چمچا، رقيبيون، پراڻا چمپل ۽ هنڌ بسترا. پر ڏسو ملڪ عربستان ۾ ايڏي غربت ۽ بدامني هئي جو ڌاڙيلن اهو سامان به نٿي ڇڏيو. ۽ شاباس هجي انهن عربن کي جن هنن ڌاڙيلن کان، اهو سامان خريد ٿي ڪيو. نه چوريءَ تي نه چوريءَ جي مال جي وڪري تي، ڪا جھل پل هئي. اڄ جو نوجوان هي سفرنامو پڙهي حيرت کائيندو هوندو ته، حاجي صاحب ڪوڙ لکيو آهي، يا ته هي ڪو ٻيو ملڪ هوندو. سعودي عرب ۾ ته قاعدو قانون ۽ پوليس ايڏي سخت آهي جو، ماڻهو ٻانگ ٻُڌڻ تي دڪان کُليل ڇڏي نماز تي هليا وڃن. سعودي عرب ۾ ته چوريءَ جي سزا هٿ ڪپڻ آهي، جنهن جي ڊپ کان ڪو چوري يا چوريءَ جو مال وڪڻڻ جو سوچي به نٿو سگھي.
منهنجو جواب اهو آهي ته، حاجي صاحب به صحيح لکيو آهي ۽ اڄ جي پڙهندڙن به صحيح سمجھيو آهي ته، هي ڪو ٻيو ملڪ آهي. يارو جن ڏينهن ۾ چانڊئي صاحب، حج جو سفر ڪيو، اهو سال 1923ع هو. ان وقت، نه هو پاڪستان ۽ نه هو سعودي عرب. اهو ته چڱو جو، حاجي صاحب جي سفرنامي ۾، هن ڪو اهڙو جُملو نه لکيو آهي ته، مونکان ڪنهن آفريڪي شيديءَ پڇيو ته، ڪهڙي ملڪ جو آهين؟ ته وراڻيو مانس، “سهڻي هندوستان جو آهيان”. ۽ پوءِ ماڻڪ ملاح، حاجي صاحب جو ان جملي سان، هي سفر نامو ڇپرائي ها ته، اسان جا ڪيترا پڙهندڙ، هن تان ائين کِلن ۽ چٿرون ڪن ها، جيئن ڊاڪٽر اقبال تان ڪي ماڻهو کلن ٿا ته، هن پنهنجي ملڪ پاڪستان جي، تعريف ڪرڻ بدران لکيو آهي ته، “سارے جہاں سے اچھا ہندوستان ہمارا” سو ڳالھ اها آهي ته، ان وقت ڪٿي هو پاڪستان؟ پاڪستان ته 1947ع ۾ ٿيو. ويندي منهنجي- جنهن جي ڄم جو سال 1944ع آهي، ان جي پهرين برٿ سرٽيفڪيٽ تي ڄم ۽ شهر جي خاني ۾ هالا نوان، سنڌ، برٽش انڊيا لکيل آهي. اهڙي طرح جن ڏينهن ۾ 1923ع ۾، چانڊيو صاحب حج تي ويو، انهن ڏينهن ۾، ڪٿي هو سعودي عرب ملڪ؟ هي سڄو ملڪ، ويندي يمن جو به ڪجھه حصو، عربستان سڏبو هو. مڪي ۽ مديني وارو علائقو “حجاز” سڏبو هو. باقي بچيل عربستان “نجد” سڏبوهو. هن ملڪ تي راڄ ترڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جو هو، جن اڳتي هلي عربستان جي حسين ابن علي الهاشميءَ کي مڪي جو “شريف” ۽ “امير” بنايو. پر چوڌاري راڄ مختلف داداگيرن، شيخن ۽ ڀوتارن جو هو، ۽ ڪو قاعدو قانون سخت نه هو. هر ڪو پنهنجي تر جو وڏيرو ۽ رئيس ٿيو پئي هليو، ۽ انهن رئيسن جو به گھڻو ڪري گذر سفر پاليل ڌاڙيلن ۽ چورن تي هو، جن آيل مسافرن (حاجين) ۽ واپار جي قافلن کي موقعو ملڻ تي ڦريو ٿي، يا ڪڏهن پاڻ مارجي ويا ٿي. بعد ۾ هي عربستان (حجاز ۽ نجد) 1937ع ڌاري ملي هڪ ٿيا، ۽ هن ملڪ جو نالو ابن سعود پنهنجي قبيلي جي نالي سان “سعودي عرب” رکيو. يعني چانڊئي صاحب جي موٽڻ بعد، 15 کن سال رکي عربستان ۾، سياسي ۽ معاشي تبديلي آئي، جنهن بابت افسوس جو، هو ٻُڌي نه سگھيو، جو ان کان اڳ 1933ع ۾ سندس وفات ٿي وئي. حج تان موٽڻ بعد هو ڏھ سال جيئرو هو، ۽ ڏٺو وڃي ته وفات تائين هو نه پاڪستان ۽ نه سعودي عرب جو ٻُڌي يا سوچي سگھيو. هتي پراڻي وقت جي حوالي سان پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته، اڄ ڪلھه ته حج لاءِ ڏورانهن ڏيهن کان به ماڻهو اچن ٿا ۽ نوڪريءَ لاءِ پڻ. سعودي عرب ۾ هر ملڪ جا ماڻهو نظر اچن ٿا، بلڪ ڏٺو وڃي ته، اسان جھڙي ويجھي ملڪ پاڪستان ۽ ايران کان وڌيڪ سعودي عرب جي گھرن، هوٽلن، ڪارخانن ۽ آفيسن ۾ فلپين، ڪوريا ۽ چين جھڙن ملڪن جا نظر اچن ٿا. نه ته 1950ع کان اڳ جو زمانو ڏٺو وڃي ته، جيئن مٿي لکي آيو آهيان، اسان جي ننڍي کنڊ انڊيا (انگريزن جي راڄ واري هندوستان) جا ماڻهو، ايترا هئا جو ڪيترائي عرب اڙدو ڳالهائيندا هئا، ۽ اهڙن ڪيترن پوڙهن عربن سان منهنجي به ملاقات ٿي، جن کي اڙدوءَ جا ڪيترائي جملا آيا ٿي. سو اڄ ڪلھ جي عربن.... اميگريشن، مُعلمن، بس ڊرائيورن، دڪانن جي مالڪن سان ڪميونيڪيشن مشڪل ٿي پئي آهي، جو اڙدو انگريزي هنن کي نٿي اچي ۽ عربيءَ کان اسان اڻ واقف آهيون. اهڙي گروپ سان حج تي وڃڻ جي پيا ڪوشش ڪنداسين، جنهن ۾ ڪو هڪ اڌ انڌي منڊي عربي ڳالهائي سگھي. پر اسان جي مصنف صاحب جي ڏينهن ۾ عربن سان Communication ڪو مشڪل ڪم نه هو، جو هو اڙدو سمجھي سگھيا ٿي. ڪيترن پڙهندڙن کي شايد ڄاڻ نه هجي ته، ننڍي کنڊ (برٽش انڊيا) کان سڀ کان گھڻا ماڻهو، حجاز (مڪي، مديني) ويا ٿي، پر انهن ۾ به سڀ کان گھڻا سنڌ صوبي جا ماڻهو هوندا هئا، جو سنڌ جي به ساڳي خشڪ ۽ گرم موسم هئي. جنهن اتي هميشه لاءِ رهڻ يا محنت مزوري ڪرڻ چاهي ٿي ته، ان لاءِ مشڪل نه هو. ٻي ڳالھ ته سنڌ مان رڳو نوڪري پيشه، هنرمند ۽ واپاري نٿي ويا، پر ڪيترائي عالم ۽ دين جا ڄاڻو پڻ ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي مدرسا خاص ڪري ٺٽي ۾، جتان ڪيترائي سنڌي علم حاصل ڪري، وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ لاءِ، يا پڙهائڻ لاءِ مديني ويا ٿي. ان جو سڀ کان وڏو مثال ته، گھوٽڪي جو سنڌي عالم، “محمد حيات السندي” آهي. جنهن وهابي تحريڪ جي، “محمد ابن عبدالوهاب” جھڙي انقلابي ۽ عالمِ دين کي پڙهايو. محمد ابن عبدالوهاب، اهو مذهبي ليڊر ۽ دين جو واقفڪار هو، جنهن “محمد بن سعود” سان گڏجي، هڪ مضبوط ملڪ، جيڪو “سعودي عرب” جي نالي سان اڄ به قائم آهي، ان جو سياسي ۽ مذهبي نقشو ٺاهيو. اسلام ۾، جيڪا ڦير ڦار اچي رهي هئي، جيئن ته ماڻهو قبرن ۽ وڻن کان دُعائون ۽ مُرادون پنڻ جهڙا شرڪ ڪري رهيا هئا، انهن سان سختي ڪئي ۽ ديني تعليم عام ڪئي.
محمد ابن عبدالوهاب 1703ع ۾، نجد جي شهر “العيينة” ۾ ڄائو. هي شهر سعودي عرب جي گاديءَ جي شهر رياض کان، 30 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. 89 سالن جي ڄمار ۾، سن 1792ع ۾ وفات ڪيائين.
جيستائين محمد حيات السندي جو تعلق آهي ته، هن جھڙا هر دور ۾ سنڌ مان ڪيترا عالم دين يا دين جي تعليم حاصل ڪرڻ وارا شاگرد، سنڌ کان مڪي شريف ۽ مديني منوره ايندا رهيا. رڳو اهي جن پنهنجي نالي سان گڏ السندي لکرايو/ سڏرايو ٿي، اهي ئي ايترا آهن جو، جدي ۽ مڪي جھڙن شهرن ۾، “السندي” نالي گھٽين ۽ روڊن جا نالا آهن. محمد مُعين بن محمد امين الٺٽوي السندي، ابوالحسن محمد بن محمد صادق السندي، احمد بن عبدالرحمٰن السندي وغيره، ان صدي جي سنڌي عالمن مان فقط ٻن ٽن جا نالا آهن ۽ حاجين جي رهنمائي ڪرڻ وارا مُعلم ته ڪيترائي سنڌي ٿي گذريا آهن. اسان جي ڳوٺ جا ماڻهو ته هميشه، انهن کي پنهنجو مُعلم بڻائين ٿا. جيتوڻيڪ انهن جي هاڻ ٽي يا چوٿين ٽهي (Generation) سنڌي نه ٿي ڳالهائي، پر اهي پنهنجي پيءُ ڏاڏي يا پڙ ڏاڏي جو خيال ڪري، سندن وڏن جي وطن، سنڌ کان آيل حاجين جو خيال ڪن ٿا.
محمد حيات سنڌي، جنهن تي گھوٽڪي جا ماڻهو فخر ڪن ٿا ۽ جنهن جي چاچڙ قبيلي جا ماڻهو، اڄ به عادلپور جي آس پاس رهن ٿا. پاڻ وهابي تنظيم جي ليڊر محمد ابن عبدالوهاب کان ٽيهارو سال کن وڏو هو ۽ 1670ع واري ڏهاڪي ۾ گھوٽڪي جي ڀر واري ڳوٺ عادلپور ۾ ڄائو. محمد حيات السنڌي جھڙي، عالمِ دين ۽ عربي جي ڄاڻو سنڌيءَ تي منهنجي خيال ۾، نه فقط گھوٽڪي جي ماڻهن کي، پر سڄي سنڌ جي ۽ ننڍي کنڊ کي فخر هئڻ کپي، جيڪو سعودي عرب جي مشهور انقلابي ليڊر، ۽ دين جي ڄاڻو، محمد ابن عبدالوهاب جو استاد ٿي رهيو. اها ٻي ڳالھ آهي ته، محمد ابن عبدالوهاب ۽ سندس وهابي تحريڪ کي سنڌ ۾ جاهل ماڻهو پسند نٿا ڪن، ڇو جو هُن دين کي صحيح ۽ اصلي صورت ۾ رکڻ لاءِ قبرن تي پڙ چاڙهڻ، قبرن کان مُرادون گھرڻ جھڙين ڳالهين لاءِ ماڻهن کي منع ڪئي ته اهو شرڪ جو ڪم آهي. مون به وهابي لفظ اسڪول جي ڏينهن ۾ هڪ پير جي قبر جي مُجاور کان ٻُڌو، جڏهن اسان شاگردن هن طرفان ڏنل درگاھ جي مٽي عقيدت سان نه چَکي، جنهن لاءِ هن چيو ته هيءَ “خاڪ شفا” آهي يعني هن درگاھ جي ٻهاريل مٽيءَ ۾، هر بيماريءَ لاءِ شفا آهي. اسان جي کائڻ کان انڪار ڪرڻ تي، هن چيو ته “لڳي ٿو ته، توهان وهابي آهيو”. آئون سوچيندو رهيس ته وهابي ڇا آهي! بعد ۾ جڏهن خبر پئي ته، اسلام ۾ Deviation اچڻ ڪري، يعني عراق، شام، ايران، عربستان ۽ اسان وٽ قبرپرستي جھڙا شرڪ وڌڻ تي، نجد جي هن عالم، محمد ابن عبدالوهاب ان شرڪ جي خلاف تحريڪ هلائي، جيڪا اسان وٽ انهن پيرن سيدن کي پسند نه آئي، جن جي ڪمائي سندن بزرگن جي قبر پرستيءَ مان هئي. بهرحال محمد ابن عبدالوهاب کي به مضبوط ديندار بنائڻ ۾، اسان جي محمد حيات السنڌيءَ جھڙي استاد جو وڏو هٿ هو. اها ڳالھ عرب دنيا ۾ مشهور آهي، جنهن جو لکت ۾ رڪارڊ “ابن بشر” جي لکڻين ۾ آهي ته، “هڪ دفعي محمد ابن عبدالوهاب حضورﷺ جن جي روضي تي موجود هو ته، هن ڏٺو ته ماڻهو پاڻ ڪريم ﷺ جن جي قبر کي، سجدو ڪري رهيا هئا. ايتري ۾ سندن استاد محمد حيات السنڌي به اُتان اچي نڪتو، جنهن کان هن پڇيو ته، “توهان جو هنن ماڻهن لاءِ ڇا خيال آهي؟” السنڌيءَ جواب ۾ قرآن مجيد جي هيءَ آيت ٻُڌائي: “اِنَّ هٰؤُ لَاءِ مُتَـبَّــرٌ مَّا هُمۡ فِيۡہِ وَ بَاطِلٌ مَّا كَانُوا يَعۡمَلُوۡنَ۞ الاعراف۷، ۱۳۹.”
“(موسيٰؑ چيو) هي ماڻهو جنهن طريقي جي پيروي ڪري رهيا آهن، (يعني بت پرست) اها تباه ٿيڻ واري آهي. ۽ جو عمل هي ڪري رهيا آهن، اهو سراسر باطل آهي.”
ان مان اندازو لڳايو ته، اهو اسان جو سنڌي عالمِ دين هو، جنهن پنهنجي عرب شاگرد کي، اهو سبق ڏنو ته، قبرن اڳيان جھڪڻ، انهن تي پڙ چاڙهڻ، انهن کان دل جون مُرادون پنڻ، بت پرستي يعني شرڪ آهي. افسوس جو ان قسم جا شرڪ، محمد حيات سنڌيءَ جي پنهنجي وطن سنڌ ۾ اڄ به عام جام آهن.
گهوٽڪي جي هن عالمِ دين “محمد حيات السنڌي” جو نه فقط محمد ابن عبدالوهاب شاگرد هو، پر ٻيا به ڪيترا ئي مشهور عالمِ دين شاگرد ٿي رهيا. جھڙوڪ:
• محمد بن اسماعيل الامير الڪهلاني. (وفات ۱۱۸۲ھ)
• محمد سعيد بن محمد صفر (وفات ۱۱۹۲ھ)
• عليم الدين بن عبدالرشيد عباسي لاهوري (وفات ۱۱۶۸ھ، پاڻ دمشق (شام) ۾ دفن آهي.
• السيد غلام علي آزاد البلقرامي (وفات۱۲۰۰ھ) وغيره.
محمد حيات السنڌي، عادلپور ڳوٺ ۾ اڄ کان ساڍا ٽي سئُو کن سال اڳ ڄائو، هن ئي ڳوٺ ۾ وڏو ٿيو، ۽ بنيادي اسلامي تعليم حاصل ڪئي. سندس قوم چاچڙ جا ماڻهو، اڄ به عادلپور ۾ رهن ٿا، باقي سندس اولاد مديني ۾ ئي رهي ٿو. ڪنڊياري جي مفتي محمد ادريس سومرو صاحب ٻُڌايو ته، هن جو جڏهن به سعودي عرب وڃڻ ٿيندو آهي ته، هن جي اولاد سان ضرور ملندو آهي، ۽ اسان جي لاڙڪاڻي واري انجنيئر دوست عبدالوهاب سهتي صاحب ٻڌايو ته، سنڌ يونيورسٽي جي محمد رفيق مڱريو صاحب، ڊاڪٽوريٽ لاءِ محمد حيات السنڌيءَ تي ٿيسز لکي آهي، جيڪا سنڌي ادبي بورڊ وارن ڇپرائي به آهي. سهتي صاحب هڪ ٻئي سنڌي بزرگ شيخ محمد عابد جو نالو ٻڌايو، جيڪو دونگھ، ذات جو آهي ۽ اڄ ڪلھ قبا مسجد جو امام آهي. سندس والد صاحب، موري کان لڏي مديني وڃي رهيو هو.
بهرحال، محمد حيات سنڌي، وڏو ٿيڻ تي، ڳوٺ عادلپور ڇڏي ٺٽي لڏي آيو، جتي انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي مدرسا هئا. هي شهر (ٺٽو) علم حاصل ڪرڻ جو مرڪز هو ۽ سنڌ جي گاديءَ جو شهر هو، جتان بحري جهازن ذريعي ماڻهو مختلف ملڪن ڏي ويا ۽ اُتان هتي آيا ٿي. ڪجھ سال ٺٽي ۾ رهڻ بعد محمد حيات السنڌي مديني روانو ٿيو، جتي هن ابراهيم قرني ۽ هن جي پٽ محمد طاهر القرنيءَ جھڙن استادن کان دين جي وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شيخ محمد حيات السنڌي جيتوڻيڪ حنفي فقھ جي تعليم حاصل ڪئي، پر پاڻ حنبلي اسڪول جو به اسڪالر هو. سندن 1750ع (1163ھ) ۾ مديني ۾ وفات ٿي ۽ جنت البقيع ۾ دفن ٿيل آهن. سندس عربيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪجھ انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. بهرحال شيخ محمد حيات السنڌي جھڙن ڪجھ سنڌي بزرگن جو احوال ان ڪري لکيو اٿم ته، هاڻ گذريل اڌ صديءَ کان سعودي عرب ۾، ڪوريا، فلپين، چين ۽ ٻين ملڪن جي ماڻهن جو گھڻو مارو ٿي پيو آهي ۽ هنن جو مختلف ادارن: هوٽل بزنيس، ٽرانسپورٽ، آءِ. ٽي، ڪارخانن، ڪنسٽرڪشن ۾ نالو ٿي پيو آهي نه ته مڪو ۽ مدينو علم جو مرڪز سمجھيو ويو ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن جي وڏي عزت ۽ نالو هو. 1923ع ۾، جڏهن چانڊيو صاحب حج تي ويو هوندو ته، يقينن هنن جو نه رڳو مُعلم سنڌي هوندو، پر هن جي مديني ۽ مڪي پاسي، سالن کان رهيل سنڌ جي ماڻهن جي اولاد سان ملاقات ٿي هوندي. ڇو جو اڄ به سعوديءَ ۾، هن جي پاسي يعني سڪرنڊ، موري، نواب شاھ، ڪنڊياري پاسي جي ڪيترنئي جو اولاد نظر اچي ٿو، جيڪو هاڻ ورلي ڪو سنڌي سمجهندو هجي جو هو عربي ڳالهائين ٿا، پر اڄ کان سئُو سال کن اڳ جن سان سڪرنڊ جو حاجي صاحب مليو هوندو، انهن سنڌيءَ ۾ ڳالهايو هوندو. ڪاش، حج ڪري موٽڻ تي چانڊئي صاحب کي، سندس دوست يا ڪو پبلشنگ ادارو همٿائي ها ته، هو اڃان به ان قسم جون ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون لکي سگھي ها. پر انهن ڏينهن ۾ نه هئا سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌيڪا جھڙا ادارا، نه روشني، نيو فيلڊس، پيڪاڪ، ڪاڇو جھڙا پبلشر، ۽ نه وري سوجھرو، نئون نياپو، همسري ۽ ڪاوش جھڙا رسالا ۽ اخبارون. اهو به شڪر آهي جو، ماڻڪ ملاح جھڙي همراھ جي دل ۾ آيو ۽ هن همت ڪري، هي هڪ صدي کن پراڻو سفرنامو، ضعيف پنن تان اُتاري ڪتابي صورت ۾ آندو. ان قسم جا ضرور ٻين جا به حج، عُمري، ايران، عراق، شام جي زيارتن جا پراڻا ليک هوندا. ٿي سگھي ٿو، ماڻڪ ملاح جھڙي ٻئي ڪنهن همراھ کي به، انهن مان ڪو هٿ اچي وڃي ۽ ڇپرائي سگھي.
حج جو سفر، جي ڏٺو وڃي ته، ڪو آسان سفر ناهي. هردور ۾ مشڪل رهيو آهي. ويندي اڄ جي ماڊرن دور ۾، جڏهن هوائي جھاز آهن، فائو اسٽار هوٽلون آهن، جدي کان مڪي، ۽ مڪي کان مديني سفر جي سلامتي آهي. اهڙين سهوليتن هوندي به، ڪافي مشقت ڪرڻي پوي ٿي، جو هڪ ته حاجين جو تعداد تمام وڏو ٿي ويو آهي، ٻيو ته هر شيءِ ان مقرر “ٽائيم پيرڊ” ۾ ڪرڻي پوي ٿي. ائين ناهي ته، مختلف گروپ مختلف ڏينهن تي، مِنيٰ، مُزدلفه، عرفات ڏي روانا ٿين. سڀني کي هڪ ئي وقت تي مختلف ارڪان پورا ڪرڻا پون ٿا. پوڙها، عذر وارا، ٻار سڀ سفر ۾ ۽ عبادت ۾ رهن ٿا. پاڻيءَ جي جھاز واري سفر دوران ڏسندو هوس ته، ڏٻرا، ڪمزور، پوڙها حاجي، باوُجود گرمي، خراب موسم، اڃ ۽ بک ۾ به، هنن جي چهري تي خوشي نظر ايندي هئي ته، هو اسلام جو فرض پورو ڪرڻ وڃي رهيا آهن. هو اوڏانهن وڃڻ جي حُب رکن ٿا، جنهن ڏي هو روزانو مُنهن ڪري نماز پڙهن ٿا. هنن جي دلين ۾ جوش ۽ جذبو رهيو ٿي ۽ زبان تي “لَبَّـيۡكَ اَللّٰهُمَّ لَبَّـيۡكَ” جو ورد.
اڳئين زماني ۾، ويندي اسان جي ليکڪ نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، مڪي کان مديني پهچڻ ڪو سولو ڪم نه هو. حاجي سڳورا جيڪي مختلف مُلڪن کان حج لاءِ پهتا ٿي، اهي پيرين پنڌ، گھوڙن، گڏهن، اُٺن ذريعي مڪي کان مديني آيا ٿي. هن ڊگھي سفر ۾ ڪي بيمار ٿي پيا ٿي ۽ رستي تي، هنن جو موت ٿيو ٿي. ڪي رڻ پَٽ ۾ لڳندڙ ريتيءَ جي طوفانن جو شڪار ٿيا ٿي، ڪي ڌاڙيلن جي ڦر ۽ گولين جو شڪار ٿيا ٿي. ڪي سخت گرمي يا سردي، بک ۽ اُڃ وگھي گذاري ٿي ويا. بچيلن مان ڪيترا پليگ ۾ مُئا ٿي، باقي حج ڪري وطن وريا ٿي. ان ڪري حج تي نڪرڻ وارا مائٽن مِٽن کان موڪلائي نڪتا ٿي. هنن کي پڪ نه هوندي هئي ته هن سفر تان، هو سلامت موٽي سگھندا.
وقت سان گڏ سواريءَ جا طريقا بدليا. سِڙهَن وارين ٻيڙين ۾ سفر ڪرڻ بدران، هاڻ ٻاڦ تي هلندڙ آگبوٽ شروع ٿيا، جيڪي رفتار ۾ تکا هئا ۽ انهن ۾ گھڻا مسافر ويهي سگھيا ٿي. مغل بادشاھن جي دور ۾، ارڙهين صديءَ تائين، انڊيا جي حاجين لاءِ حج تي وڃڻ جا ٻه آپشن/ طريقا هئا. هڪ خشڪي رستي قافلن سان گڏ ۽ ٻيو سِڙهَن وارن جھازن (Sailing Ships) ۾ سمنڊ رستي جدي پهچندا هئا. خشڪي جو روٽ/ رستو جيڪو هندوستان جي اُتر مغرب کان ويو ٿي. بيحد ڊگھو، ڏکيو ۽ خطرناڪ هوندو هو. ان کان علاوه ڪيترن اهڙن علائقن مان گذر ٿيو ٿي، جتي جا ماڻهو حاجين جو خيال رکڻ بدران، انهن کي ڦرڻ ۽ مارڻ پٺيان هوندا هئا. انڊيا جي حاجين بحر احمر (Red sea) ذريعي جدي پهچڻ کي ترجيح ڏني ٿي. ڪي خليج ايران (Perslan Gulf) سمنڊ ذريعي حجاز پهتا ٿي. پر انهن ٻنهي سمنڊن تائين پهچڻ لاءِ، عربي سمنڊ (هندي وڏي سمنڊ جو حصو) اُڪرڻو پوي ٿو. هندي سمنڊ تي انهن ڏينهن ۾، خطرناڪ قذاقن (سامونڊي ڦورن) ۽ پورچوگالين جو ڪنٽرول هو. جن کي جتيوڻيڪ مغلن سهوليتون ڏنيون، پر اُهي مغلن جو به نه ٻُڌندا هُئا. هنن جو سڄو زور سمنڊ تي هلندڙ جھازن جي ڦرلُٽ ڪرڻ هو. سو سورهين صديءَ ۾، پورچوگالين کان مليل پاس (اجازت نامي) بنا، بحر هند ۽ بحيره احمر ۾ سلامتيءَ سان جھاز هلائڻ آسان ڪم نه هو.
1885ع ۾ برطانيه جي حڪومت، انڊيا جي مسلمانن کي، جھازن ذريعي مڪي ۽ ڪربلا پهچائڻ لاءِ، مشهور ٽوئرسٽ ايجنسي “ٿامس ڪڪ” کي مقرر ڪيو. سڀ کان وڏي جھازران ڪمپني، جيڪا حاجين کي انڊيا جي بندرگاھن: ڪلڪتي، مدراس، بمبئي ۽ ڪراچيءَ مان کڻي جدي پهچايو ٿي، اها “مغل لائين” هئي، جيڪا 1888ع کان وُجود ۾ آئي. هن جا آخري جھاز “ايس ايس علوي” جيڪو 1924ع ۾ ٺهيو هو، ۽ ٻيو “ايس ايس رضواني” هو جيڪو 1930ع ۾ ٺهيو. اهي ٻئي جھاز 1958ع ۽ 1959ع ۾ اسڪريپ ڪيا ويا. يعني انهن جا ٽڪرا ٽڪراڪري انهن جو لوھ، ٽامو، ڪاٺ ۽ ٻيو سامان رديءَ ۾ وِڪيو ويو. انهن کا اڳ مغل لائين جي جھازن جا نالا هئا، سعودي (جنهن 1000 مسافر کنيا ٿي) محمدي ۽ مظفري (1460 مسافرن جا)، اسلامي (1200 مسافرن جو)، نورجھان (1756 مسافرن جو)، نِڪو بار (1170 مسافرن جو) اهي سڀ جھاز ٻاڦ تي هليا ٿي. ان ڪري انهن جي نالن اڳيان ايس ايس يعني Steam Ship لکيو ويو ٿي. انهن جھازن ۾ هڪ ڊيزل تي هلندڙ جھاز ايم. وي. اڪبر (1600 مسافرن وارو) پڻ هو. ايم. وي معنيٰ Motor Vessel .
حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾، ۽ پنج سال پوءِ به، جھازراني جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته، انڊيا کان هر سال 36000 ماڻهو، حج لاءِ جدي ويا ٿي. جن مان 20000 ماڻهن مغل لائين جي جھازن تي سفر ڪيو ٿي. باقي مسافر ٻين ڪمپنين جي جھازن تي، جن ۾ “سنديا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني” به مشهور هئي. پاڪستان ٿيڻ بعد هنن جهازن جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ 115 رپيا مقرر ڪئي وئي.
1960ع ۾ پئن اسلامڪ شپنگ ڪمپني، جنهن ۾ سعودي عرب ۽ پاڪستان جي واپارين جو حصو هو. انهن حاجين کي جدي پهچاڻ لاءِ مسافر جھاز هلايا. جنهن جو پهريون جهاز “سفينئِه حجاج” هو. ان بعد ٻيا به چار پنج جھاز هلايا، جيئن ته سفينئِه عرب، سفينئِه مُراد، سفينئِه عابد، سفينئِه عرب دوم. 1975ع ۾ هڪ ٻي پاڪستاني جھازران ڪمپني “ڪريسينٽ شپنگ ڪمپني” حاجين جو، “ايم وي شمس” نالي هڪ جھاز هلايو. هي سڀ جھاز منهنجي سامونڊي نوڪري جي شروعاتي ڏينهن جا هئا. منهنجي اتفاق سان انهن پئسنجر جھازن مان ڪنهن تي بدلي نه ٿي، پر منهنجا ڪيترا ڪلاس ميٽ، انهن جھازن تي رهيا، جن سان ڪراچيءَ ۾ يا هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙي بندرگاھ ۾، جتي اهي جھاز ڊراءِ ڊاڪنگ لاءِ ايندا هئا، پنهنجي ڪلاس ميٽن سان ملڻ وقت، انهن جھازن جو به ديدار ٿيندو هو، جيڪي خاص آرامده ۽ سهوليت وارا نه هوندا هئا. حج وارن جھازن ۾ مالڪ لاءِ اهو مسئلو رهي ٿو ته، اهي فقط حج سيزن ۾ ڪمائين ٿا، نه ته ائين ئي سفيد هاٿين وانگر بيٺا آهن. اهي جھاز هونءَ به ڪي ڪروزر يا لگزري لائينر نه هوندا هئا. انهن جي تمام گھٽ ٽڪيٽ رکي وئي ٿي، ۽ ڪجھ نقصان جھازن جي مالڪن برداشت ڪيو ٿي ته، ڪجھ حڪومت سبسيڊي ڏني ٿي. جھازن جي مرمت تي به وڏو خرچ آيو ٿي. ويتر پيٽرول مهانگو ٿي پيو، ان ڪري ڪو جھاز اسڪريپ ڪيو ويو ٿي ته، مالڪن ان جي جاءِ تي ٻيو حاجين لاءِ جھاز نه ٿي خريد ڪيو. انهن ئي سالن ۾، ايئر لائين وڌڻ لڳي، جنهن جا ڀاڙا اهڙا ڪي وڏا نه هئا، سهوليت گھڻي هئي. ان ڪري غريب غربو چار پئسا بچائي، هوائي جھاز ۾، حج ڪرڻ لاءِ وڃڻ لڳو، ۽ بحري جھازن جي سروس ختم ٿي وئي.
حاجي نبي بخش چانڊيو صاحب، جن جي هن سفر بابت هڪ ٻي به ڳالھ لکڻ، بلڪ سمجھائڻ ضروري ٿو سمجھان، جيئن اڄ جو پڙهندڙ هڪ سئُو سال کن اڳ جي لکيل، هن سفرنامي کي سمجھي، لطف اندوز ٿي سگھي.
حج لاءِ اڄڪلھ جيڪي حاجي وڃن ٿا، اهي باءِ ايئر پهرين مديني اچن ٿا، جتي ڪجھ ڏينهن، گھٽ ۾ گھٽ هفتو سوا کن رهي، جيئن مسجد النبويءَ ۾چاليھ نمازون پڙهي سگھن ۽ پوءِ حج لاءِ مڪي روانا ٿين. يا وري اهي حاجي جيڪي دير سان، وطن ڇڏين ٿا، يعني اهي جيڪي ڏسن ٿا ته حج، ڏهين ذوالحج ۾ ڪو هفتو ڏيڍ وڃي بچيو آهي، اهي پهرين مڪي اچن ٿا، يعني جدي ايئرپورٽ تي لهي مڪي اچن ٿا ۽ حج بعد هو مديني روانا ٿين ٿا. جتان پنهنجي وطن واپس ٿيڻ لاءِ مديني کان، سڌو جدي ايئرپورٽ تي اچن ٿا.
مڪي کان مديني، يا مديني کا جدي موٽڻ لاءِ سفر جا ڪيترا ئي طريقا آهن. هڪ ته نوان رستا جيڪي ٺاهيا ويا آهن، اهي اعليٰ قسم جا بنا ورن وڪڙن جي آهن. ان ڪري مڪي ۽ مديني ۾ مفاصلو پهرين کان گهڻو گھٽ آهي. سفر لاءِ بسون، ڪارون، ٽئڪسيون ۽ هاڻ ٽرين به شروع ٿي آهي. مڪي کان مديني هوائي مفاصلو 340 ڪلوميٽر آهي ۽ باءِ روڊ ڪار يا بس ۾ وڃڻ جو مفاصلو 440 ڪلوميٽر آهي. جيڪڏهن ڪو 112 ڪلوميٽر (يعني 70 ميل) في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪار هلائي ته مڪي کان مديني چئن ڪلاڪن ۾ پهچي سگھي ٿو. ڪٿي چارڪلاڪ ۽ آرامده سفر، ڪٿي اڄ کان سئُو سال اڳ حاجي نبي بخش جي ڏينهن ۾، اُٺن تي سفر، جنهن ۾ هن کي تيرهن ڏينهن راتيون لڳي ويون. بک اُڃ ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي حملي جو خوف الڳ. پر ان هوندي به بقول حاجي نبي بخش ۽ اُن وقت جي ٻين حاجين جي، هنن پاڻ کي وري به انهن حاجين کان خوش نصيب ٿي سمجھيو، جيڪي غربت سبب اُٺ جي ڀاڙي نه هئڻ ڪري، هنن مڪي کان مديني پيدل سفر ڪيو ٿي. اڄ جا عرب تيل ۽ ڪارخانن ڪري ايترا ته آسودا ٿي پيا آهن، جو مڪي کان مِنيٰ، منيٰ کان عرفات يا مزدلفه جي چند ڪلاڪ سفر ۾ به مقامي عرب ۽ سعودي عرب جي حڪومت، روزانو لکين منرل واٽر جون بوتلون، حاجين ۾ مفت ورهائي ٿي. ان کان علاوه ڪيترا امير ۽ سخي عرب، کاڌي جون مختلف شيون حاجين کي ڏين ٿا. پر اسان جي ليکڪ جي ڏينهن ۾، يعني 1923ع ۾ ۽ ان کان اڳ ايندڙ حاجي ته، غريب هئا، پر عربن جي به سخت مسڪينيءَ واري حالت هئي. نه پوک نه ڪارخانا، ڇا مان ڪمائين. عربستان جي ريگستان ۾ پاڻي به ڏکيو ٿي مليو. تڏهن ته هنن چوريون به ڪيون ٿي ۽ قافلا به ڦريا ٿي. ٻين حج سيزن ۾ حاجين جي خدمت ڪري، يا کاڌي پيتي جون شيون وڪڻي چار پئسا ڪمايا ٿي. ڏٺو وڃي ته کاڌي پيتي جون شيون به ڇا هُيون! حاجي صاحب جي قافلي، جتي منزل ڪئي ٿي، اُتي (جيئن هن لکيو آهي ته) بيضا، هنداڻا، ليمان، گدرا، واڱڻ، سڪل مڇي ئي وڪامي ٿي. ايتري قدر جو فقط ڪن هنڌن تي پاڻي مفت ۾ مليو ٿي، نه ته اهو به هنن کي مُلھ تي خريد ڪرڻو پيو ٿي. سو جڏهن قافلي جي ماڻهن ئي مهانگائي ۽ کاڌي جي کوٽ جي دانهن ٿي ڪئي ته، اُتي اُهي ويچارا مسڪين، جن کي اُٺ جي ڀاڙي جا پئسا نه هئا ۽ پيرين پنڌ سفر ٿي ڪيائون، انهن جو سفر ڪيڏو ڏکيو ٿيندو هوندو! ڪٿي واريءَ جي طوفانن ڪري پنڌ وارا پيچرا لَٽجي ٿي ويا ۽ هو رستو ڀلجي ٿي ويا، ڪٿي اُڃ بک جي ڪري، ڪٿي جهنگلي جانورن جي ڪري ته، ڪٿي ڦورو ڌاڙيلن جي حملن ڪري ته ڪٿي بيمارين جي ڪري هنن جو موت ٿيو ٿي. پر اڄ جي دور ۾ سفر جا اهي ڏاکڙا نه آهن. نه فقط پڪا ۽ بهترين ڏامر جا رستا ۽ آرامده بسون آهن، پر هاڻ ته سعودي حڪومت ٽرين به شروع ڪرائي آهي. جيڪا بيحد تيز رفتار آهي، 300 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي حساب سان هلي ٿي، ۽ مڪي کان مديني فقط ٻن ڪلاڪن ۾ پهچائي ٿي. رستي تي هُوءَ K.A.E.C شهر يعني ڪنگ عبدالله ايڪانامڪ شهر (مدينه الملڪ عبدالله الاقتصاديه) مان به ٿيندي وڃي. هي شهر K.A.E.C جيڪو ڪيڪ “Cake” به سڏجي ٿو، انهن چئن شهرن مان آهي، جيڪي هتي جي بادشاھ ٺهرايا، جن ۾ هن ڪارخانا، يونيورسٽيون (تعليمي ادارا) اسپتالون، واپاري منڊيون ۽ ٻيون شيون رکيون آهن. هنن شهرن ٺهرائڻ پٺيان، هن جي اها آئيڊيا هئي ته، سڀاڻي جي سعودي عرب جو تيل کپي وڃي ته، اهڙا طور طريقا موجود هجن، جنهن ذريعي سعودي عرب جو عوام، روزگار حاصل ڪري سگھي. هي شهر “ڪيڪ”، جدي جي اتر ۾ ڏيڍ سئُو کن ڪلوميٽر جي مفاصلي تي آهي. هتي جي حڪومت جو چوڻ آهي ته، “هي شهر 30 سالن کان ننڍي عُمر جي، نوجوانن لاءِ آهي. هن وقت سعودي عرب جا ٻه لک نوجوان، ولايت ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن جي موٽڻ تي اهي هن ملڪ ۽ هن شهر جي قسمت ئي بدلائي ڇڏيندا.” هڪ ڳالھ اها به لکندو هلان ته، سعودي عرب ۾ ترقيءَ جي لحاظ کان وڏو انقلاب اچي رهيو آهي. تعليم ته اسان جي ملڪ جا به وٺي رهيا آهن. پر انهن جو تعداد هڪ طرف گھٽ آهي، ٻئي طرف اسان جي تعليمي ادارن جو معيار گھٽ آهي، جڏهن ته سعودي نوجوان دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ان جو اندازو توهان هنن جي انگريزي ۽ فرينچ ڳالهائڻ مان لڳائي سگھو ٿا. ٻي وڏي ڳالھ اها آهي، جيڪا آئون وڌيڪ انقلابي سمجھان ٿو ته، سعودي عرب جا نوجوان، جيڪي ولايت ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڇوڪريون آهن. اهي ته ٿيا اهي عرب شاگرد ۽ شاگردياڻيون- يعني اهي ٻه لک کن، جيڪي يورپ، آمريڪا، جپان، ملائيشيا ۽ انڊيا جي يونيورسٽين ۾ تعليم وٺي رهيا آهن، پر مون مديني جي ڀر واري شهر ينبوع جا هڪ ٻه ڇوڪرين جا اسڪول ڏٺا، پنهنجي عرب دوست جنهن جي گھر آئون ٻه مهينا کن رهيل هوس، جنهن جي عرب زال انهن مان هڪ اسڪول جي ٽيچر هئي. آئون هتي جي اسڪولن جون عمارتون، سهوليتون، ڊسپلين، حاضري ۽ عرب ماسترياڻين کي عربي ۽ انگريزيءَ ۾ پڙهائيندو ڏسي، سوچڻ لڳس ته، اهو ڪو 1970 وارو ڏهاڪو به ڪو دور هو، جڏهن عرب ڄٽ ۽ گھٽ پڙهيل هئا ۽ اسان جا ماڻهو وڏن پگھارن تي هتي نوڪريون ڪري رهيا هئا. ٽائي لڳائي اسان جي ملڪ جا ڪمپائونڊر ۽ مستري، پاڻ کي ڊاڪٽر ۽ انجنيئر سڏرائي رهيا هئا، ۽ اسان جي ماڻهن جي غلط سلط گٽ مِٽ (انگريزي) ٻُڌي ان وقت جا عرب Impress ٿِي ويا ٿي، پر هاڻ بازي ئي الٽي ٿي وئي آهي. آئون ته رڳو سنڌ جا تعليمي ادارا ٿو ڏسان ته افسوس ٿو ٿئي. انڊيا جھڙو به اسان وٽ حال ناهي، جتي جي “بنارس هندو يونيورسٽي” ۽ “پوني ائگريڪلچر يونيورسٽيءَ” ۾ ڏٺو، ته 30 کن ملڪن جا فارين شاگرد هئا.
بهرحال روزانو مڪي کان مديني ٻارنهن ريل گاڏيون وڃن اچن ٿيون، ۽ هونءَ جو حاجين کي مڪي کان مديني بسين ۾ 6 ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، هاڻ ريل ذريعي ٽرين ۾ ٻن ڪلاڪن ۾ پهچن ٿا، ۽ هو هوائي جھاز جي هڪ ڪلاڪ کان هي ٽرين جو سفر وڌيڪ سهوليت وارو سمجھن ٿا.
هن ريل گاڏيءَ جي مڪي ۾ سينٽرل اسٽيشن، مڪي جي الرُصيفه (Rusaiyfah) علائقي وٽان لنگھندڙ ٽئين ‘رِنگ روڊ’ تي آهي. ڪنگ عبدالله ايڪانامِڪ سٽي اسٽيشن رابغ ۾ آهي ۽ مديني ۾ “ڪنگ عبدالعزيز روڊ” تي آهي. هراسٽيشن تي مسافرن لاءِ دڪان، ريسٽورنٽون، مسجدون ۽ ڪار پارڪنگ آهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته، سعودي عرب جي شهرن ۾، خاص ڪري مڪي مديني ۽ جدي ۾ اُبير (Uber) ۽ ڪريم (Creem) ڪمپنين جون ٽئڪسيون پڻ آهن. اسان وٽ “ڪريم” وڌيڪ مشهور آهي، پر دنيا جي ٻين ملڪن ۾ “اُبير” وڌيڪ آهي. بهرحال ابير يا ڪريم جون ٽئڪسيون، ٻين پرائيويٽ ٽئڪسين کان بهتر آهن. اهي جلدي مليو وڃن، وڌيڪ باحفاظت ۽ سستيون آهن. انهن جو ڀاڙو مقرر آهي. پرائيويٽ ٽئڪسين ۾ ڪي ڪي ڊرائيور، خاص ڪري، عرب ڊرائيور، ڀاڙي جي ٻول هڪڙي ڪن ٿا، پر پوءِ اڳتي هلي، پنهنجي وعدي تان ڦِريو وڃن.
مڪي کان مديني ۽ واپسيءَ لاءِ ڪارون، ٽئڪسيون ۽ ٽرين کان علاوه مختلف ڪمپنين جون بسون به هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو سڀ کان گھٽ آهي. انهن بسين ۾ به SAPTCO ڪمپنيءَ جون بسون وڌيڪ سهوليتن واريون آهن. اُهي سعودي حڪومت جون آهن ۽ انهن جو ڀاڙو مقرر رهي ٿو. SAPTCO لفظ “سعودي عربين پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني” جو شارٽ فارم آهي. منهنجي خيال ۾ اسان جھڙي ملڪ جي ماڻهن لاءِ، سئپٽڪو بسون سستي سواري آهن. هنن جون ٽڪيٽون توهان انهن جي بس اسٽاپن تان خريد ڪري سگھو ٿا، يا سئپٽڪو جي ويب سائيٽ تان بڪ ڪري سگھو ٿا. اڄ ڪلھ مڪي کان مديني ۽ واپسي جي ٽڪيٽ، اسان جي 7000 رپين برابر آهي. بسين ۾ آرامده سيٽون آهن ۽ مفت ۾ چانھ پاڻي بسڪوٽن جو به بندوبست آهي.
ٽرين ذريعي مڪي کان مديني فقط ٻه اسٽيشنون: جدو ۽ KAEC (ڪيڪ) اچن ٿيون. جدي اسٽيشن کي برانچ لائين ذريعي جدي جي هوائي اڏي (ڪنگ عبدالعزيز انـٽرنيشل ايئر پورٽ) سان پڻ ملايو ويو آهي.
بس ۾، مڪي کان مديني ويندي، مختلف بسون رستي تي ايندڙ، ڪجھ ننڍن وڏن شهرن ۾ ترسن ٿيون. جيئن مسافر اتي جي بس اسٽاپن تي موجود ريسٽورينٽن ۾ چانھ پاڻي پي سگھن، ۽ واش روم استعمال ڪري سگھن. ينبوع شهر ۾ جڏهن آئون پنهنجي عرب دوست وٽ ترسيل هوس ته، اسان ينبوع کان مديني وياسين ٿي جو، هن بندرگاھ واري شهر ينبوع کان مدينو منوره تمام ويجھو آهي. منهنجي عرب دوست جنهن مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ مان، تعليم حاصل ڪئي هئي، تنهن کي ڊرائيونگ جو شوق هوندو هو. سندس ڪجھ مائٽ مديني ۾ رهن ٿا ۽ ڪجھ جدي، سو مديني اچي هو سڌو رُخ مڪي ۽ جدي ڪندو هو. رات رهي وري ٻئي ڏينهن، اسين مديني ايندا هئاسين. رستي تي اسان ڪڏهن ڪهڙن ڳوٺن ۾ ته، ڪڏهن ڪهڙن ۾، ترسي چانھ يا ڪافي پيئندا هئاسين، ۽ هو مون کي انهن ڳوٺن / شهرن جي تاريخ به ٻڌائيندو هو. اهي شهر جيڪي مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ اچن ٿا، انهن کان اسان جو هر حاجي به واقف هوندو، جيڪو هن رستي تان لنگھندي، چانھ مانيءَ لاءِ يا اُتي جي مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهي ٿو. انهن شهرن جا نالا منهنجي يادگيريءَ مطابق هن Sequence نموني ۾ آهن:
مڪه المُڪرمه، عسفان، المسماھ، البيار، المواريد، الجرنافه، الرحاب، اليتمه، الحنو، ابيار الماشي، ابيار علي، مدينة المنوره.
هي رستي تي ايندڙ، ننڍن وڏن شهرن جا نالا، ائين ياد ٿي ويل آهن، جيئن خيرپور شوڪت جُماڻي، يا سکر عاشق حسين شاھ وٽ وڃبو هو ته، رستي تي ايندڙ ڪجھ شهرن جا نالا ياد ٿي ويا هئا. مورو، نوشهرو فيروز، ڀريا روڊ، ڪنڊيارو، هالاڻي، ڪوٽڙي ڪبير، هنڱورجا، راڻيپور، گمبٽ، موساڻي، ٽنڊومستي، خيرپور، ٺيڙهي، ڪرم آباد، ٻٻرلوءِ، سکر.
اسان جي حاجي نبي بخش چانڊئي، پڻ مڪي کان مديني ۽ واپس مڪي ايندي، سندس اُٺن جي قافلي، جنهن جنهن ڳوٺ ۾ ساهي پٽي آهي، يا جتي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ سڄو ڏينهن گذاريو آهي، انهن هنڌن مان هڪ هڪ جا نالا لکيا آهن. اهي نالا جن ۾ ڪجھ جي صورتخطي صحيح ناهي، پر جيئن هن عربن کان ٻُڌا تيئن لکيا آهن، جيئن رابغ شهر جو هن “رابڪ” نالو لکيو آهي. بهرحال مڪي کان مديني 13 ڏينهن جي سفر ۾، حاجي صاحب وارن جو، جتي جتي قافلو ترسيو، اهي هنڌ ۽ ڳوٺ هن ريت آهن:
فاطمه وادي، اصفهان، دف، قديمان، رابڪ، مستورا، غائر، بير اشهب، بير به حساني... وغيره. اڄ کان سئُو سال اڳ جا لکيل نالا پڙهي، اڄ جو حاجي حيرت کائيندو ته، هو ٽرين يا جنهن ٽئڪسي يا بس ۾، مڪي شريف کان مديني وڃي ٿو، هن کي رستي تي، اهي شهر ته نظر ئي نٿا اچن. آئون به پهرين وائڙو ٿي ويس، پر پوءِ مونکي يڪدم رابغ، مستورا ۽ قديمان (القضيمة) جهڙا نالا ياد اچي ويا، جتي آئون پنهنجي عرب دوست جي، مائٽن جي گھرن ۾ رهيو هوس، ۽ سمجھي ويس ته، حاجي صاحب به صحيح لکيو آهي، ۽ اڄ جي پڙهندڙن جي حيرت به پنهنجي جاءِ تي آهي ته، مڪي کان مديني اهي شهر اچن ئي ڪونه ٿا.
هڪ دفعي آئون پنهنجي دوست سان گڏ عيد الاضحيٰ تي، ينبوع ۽ مديني کان مڪي ۽ جدي روانو ٿيس. جدي ۾ رات رهي، مون واري دوست چيو ته، “الطاف! پاڻ واپس ڳوٺ (يعني ينبوع) اڄ واري رستي کان نه، پر بحرِاحمر وارو پراڻو رستو وٺي هلنداسين، جتي ٻن شهرن ۾، منهنجي مائٽن وٽ رات به رهنداسون، جو آئون سال ۾، هڪ دفعو هن عيد تي ملڻ ويندو آهيان”.
پوءِ منهنجو عرب دوست، ان پراڻي روڊ تان وٺي هليو، جنهن ڳوٺن جو ذڪر، حاجي نبي بخش چانڊئي ڪيو آهي. انهن ڏينهن ۾ ته اهي سڀ ڳوٺ هئا، پر اڄ ڪلھ “رابغ” ڪارخانن ۽ پيٽرول صاف ڪرڻ جي فئڪٽرين ڪري، هڪ وڏو ۽ امير شهر ٿي پيو آهي. اهڙي طرح ان رستي تي، هڪ شهر “مستوره” آهي. هڪ رات اتي رهيا سين، جو منهنجي عرب دوست جا ڪجھ دوست اتي مستوره شهر ۾ هئا، ۽ ناناڻا مستوره شهر کان پري ريگستان ۾ هئا. جتي پهچڻ لاءِ پڪو رستو به نه هو، ۽ اسان جو دوست، اسان کي مستوره ۾ ڇڏي، پاڻ اٺ ذريعي اوڏانهن، انهن سان ملڻ لاءِ ويو، جتان ٻئي ڏينهن موٽڻ تي اسان ينبوع هلياسين. هتي اهو به لکندو هلان ته، منهنجي زال جو نالو “مستوره” اسان وٽ سنڌ ۾ نئون هو، پر منهنجا عرب دوست ٻڌائيندا هئا ته، ان نالي سان حجاز ۾ مشهور شهر آهي، جنهن جي نالي سان ڪيترن ئي عورتن جا نالا آهن. بعد ۾ ته ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ تي خبر پئي ته، اهو نالو “مستوره” ملئي ڇوڪرين جو عام نالو آهي. انهن ڏينهن ۾، 1980 واري ڏهاڪي ۾ مشهور ملئي ڳائڻيءَ جو نالو پڻ “مستوره نور” هو. جنهن عرب دوست وٽ آئون رهيل هوس، ان ٻڌايو ته، سعودي عرب ۾ “مستوره” نالو به رکيو وڃي ٿو ته “مسطوره” به . هڪ “سَتُرَ” مان آهي ته ٻيو “سطر” مان. ٻئي نالا عرب دنيا ۾ عام آهن. هڪ جي معنيٰ Hidden يعني پڙدي ۾، Modest آهي ته ٻئي لفظ جي معنيٰ “لکيل” يعني Recorded آهي. جيستائين سعودي عرب امير ۽ ماڊرن نه ٿيو هو، پڪا رستا ۽ ڪارون بسون نه هيون، ماڻهن اُٺن تي سفر ڪيو ٿي، سو به قافلي جي روپ ۾. ان وقت سڄو زور ندين جو ڪنارو وٺي هلڻ تي هوندو هو، جيئن سنڌ ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي، ڳوٺ آباد هئا، عراق ۾ دجله ۽ فرات ندين جي ڪنارن تي، مصر ۾ نيل جي ڪناري تي، ڇو جو پاڻي انسانن ۽ جانورن جي سخت ضرورت آهي. سعودي عرب هڪ ريگستاني ملڪ آهي. اتي نديون نه هجڻ ڪري ماڻهن سمنڊ جو ڪنارو وٺي سفر ڪيو ٿي. جيئن اڄ ڪلھ ڪار ۾ سفر ڪندي ان هنڌ تي ساهي پٽيون ٿا، جتي پيٽرول پمپ هجي ۽ گاڏيءَ ۾ تيل ڀرائي سگھجي. تيئن ان زماني ۾ سعودي عرب ۾ يا آفريڪا جي صحرا رڻ پَٽ وارن ملڪن ۾، جَتَن اُنهن هنڌن تي منزل ٿي هنئي، جِتي پاڻي هجي ۽ هو پاڻ ۽ پنهنجن اُٺن کي اهو پياري سگھن. سمنڊ جو ڪنارو ان ڪري به وٺي هلڻ ۾ فائدو هو ته، ڪجھ سفر ڪو چاهي ته ٻيڙيءَ ۾ به ڪري سگھي. سعودي عرب جتي رِڻ پَٽ آهي، اُتي ان جي ٽن پاسن کان سمنڊ به آهي. توهان جيڪڏهن عربستان جو نقشو ڏسندؤ ته، هڪ پاسي جتي عمان ۽ يمن ڳنڍيل آهي، ان جي هيٺان عربي سمنڊ آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان وٺي يمن جي بندرگاھ عدن تائين آهي. عدن وٽ سمنڊ تمام سوڙهو ٿيو وڃي، ۽ سمنڊ جي ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جو ملڪ ۽ بندرگاھ جبوتي آهي. عدن کان وٺي، مصر تائين 2300 ڪلوميٽر ڊگھو بحر احمر (Red sea) آهي. يعني هي سمنڊ، عربي سمنڊ جي مقابلي ۾ ننڍو ننڍو تڏهن به ڪافي ڊگھو آهي، يعني ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين 1450 ڪلوميٽر فاصلي جو ڏيڍوڻو آهي. هن سمنڊ جي هڪ پاسي، سعودي عرب يعني ايشيا آهي ته، ٻئي پاسي آفريڪا کنڊ جا ملڪ، اٿوپيا، اريٽيريا، سوڊان ۽ مصر آهن. اٿوپيا ۽ اريٽيريا ڪنهن زماني ۾ حبش ۽ اتي جا ماڻهو حبشي سڏبا هئا. حبشي ۽ سوڊاني، سعودي عرب جي ملڪن ۾ آيا ويا پئي، جو، هي سمنڊ ايترو ويڪرو ڪونهي، هن جي وڌ ۾ وڌ ويڪر 350 ڪلوميٽر آهي. پر ڪن هنڌن تي، جدي، ينبوع ۽ دبا بندر گاهن وٽ ته 100 کن ڪلوميٽر به مس آهي. اسان وٽ آفريڪا جي هر ماڻهوءَ کي، حبشي ان ڪري چون ٿا جو، هنن عربستان ۾ عربن واتان شيدين کي حبشي سڏيندي ٻُڌو، جيڪي دراصل حبش يعني ائبيسينيا جا هئا. ان ڪري اسان وٽ سنڌ ۾ آفريڪا کان آيل هر شيديءَ کي، حبشي سڏين ٿا. جيتوڻيڪ اسان وٽ گھڻي ڀاڱي شيدي، محمد صديق مسافر تائين ممباسا ۽ زنجبار کان آيا، جيڪي ڪينيا، موزمبيق ۽ يوگنڊا پاسي جاهئا. سعودي عرب ۾ حبشين بعد، ٻئي نمبر تي آفريڪي شيدي سوڊاني آهن، ڇو جو عربستان کي سوڊان به ويجھو آهي. اڄ جي سعودي عرب کي کاٻي پاسي، يعني مغرب ۾، ڳاڙهو سمنڊ (بحر احمر) ٿو ڇُهي، جيڪو عربي سمنڊ جي عدن بندرگاھ کان شروع ٿئي ٿو. سعودي عرب جو پهريون بندرگاھ جيزان، القنفده، الليث، جده، ذهبان، ثول، رابغ، مستوره، الرايس، ينبوع، املج، الوجہ، ضبا، المويلح ۽ شرما تائين بحر احمر جي ڪناري تي يا ڪناري جي ڀرسان، سعودي عرب جا بندرگاھ يا ڳوٺڙا آهن، جيڪي سمنڊ جي ڪناري ويجھو هجڻ ڪري اُٺن تي سفر ڪرڻ وارا هتان لنگھيا ٿي. مصر ۽ لبنان پاسي کان ايندڙ بحري جھاز ته، اڄ به ينبوع ۾ حاجي لاهين ٿا ۽ اتان کڻن ٿا. جن ڏينهن ۾، يعني 1923ع کان ڪجھ عرصو اڳ تائين، جڏهن ننڍي کنڊ جا حاجي، بمبئي بدران سورت بندرگاھ مان جھاز تي چڙهيا ٿي، اُهي جدي ۾ لهڻ بدران ينبوع ۾ لٿا ٿي، ۽ حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ حاجي جدي بندرگاھ ۾ لٿا ٿي، جتان مديني وڃڻ لاءِ هنن اُٺن جي قافلي ذريعي، مٿين خشڪي جو رُوٽ وٺي، مديني ويا ٿي. ڪي حاجي، جدي مان ٻيڙين (Sailing Boats) ذريعي ينبوع تائين آيا ٿي, جيڪو خشڪي جي رستي کان وري به، بحر احمر رستي وڃڻ ڪجھ بهتر هو. گھڻو بهتر ته نه هو جو، خشڪيءَ تي قافلن کي، ڌاڙيلن ٿي ڦُريو ته سمنڊ تي قذاقن ٿي لُٽيو. سو اسان واري حاجي صاحب مڪي کان مديني وڃڻ تائين، جن جن ڳوٺن جا نالا لکيا آهن، انهن مان ڪيترن کان، اڄ جا ماڻهو واقف نه هجن. ان وقت جا حاجي ۽ اُٺن جي قافلن جا جَتَ، پاڻيءَ جي سهوليت ڪري به، ڪيترن هنڌن تي ترسيا ٿي، جيڪي ڳوٺ هاڻ ختم ٿي ويا هجن يا ماڻهو اڻ واقف هجن. جيئن اڄ کان 60 سال کن اڳ، پيٽارو وڃڻ لاءِ، پنهنجي ڳوٺ هالا کان حيدرآباد جن بسين ۾ ويندو هوس ته، اهي هر ٻن ميلن بعد، ڪنهن ڳوٺ تي بيٺيون ٿي، جتان هنن مسافر کنيا ٿي يا پنهنجي بس جي ٽميل (Leaked)، ريڊئٽر لاءِ پاڻي کنيو ٿي. هالا کان ڀٽ شاھ، ٽي چار ڪلوميٽر مس آهي، پر ان جي به وچ ۾ به هر بس، خاصخيلي ڳوٺ تي ترسي ٿي. ڀٽ شاھ بعد يڪدم جاڙا واٽر آيو ٿي. ائين مٽياري تائين پهچڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳو ٿي. هاڻ ته هالا کان بس هلي ٿي ته، فل اسپيڊ ۾ اڌ ڪلاڪ اندر حيدرآباد باءِ پاس/ ٽول پلازا تي پهچيو وڃي. رستي تي بائوديرو، سيکاٽ، کيبر جھڙي ڪنهن وڏي ڳوٺ ۾ به نه ٿي بيهي. ٻه ٽي سال اڳ هالا مان نڪرڻ بعد، گھڻي ئي ڪوشش ڪيم ته، جاڙا واٽر ڳوٺ (بس اسٽاپ) معلوم ڪريان، پر پڇڻ تي هر هڪ اڻ واقف هجڻ جو اظهار ڪيو. سو حاجي نبي بخش جو، مڪي کان مديني ويندي، جن ڳوٺن ۾، قافلو ترسيو آهي، انهن جو احوال لکيو آهي. انهن مان ٿي سگھي ٿو، اڄ ڪلھ ڪي ڳوٺ ختم ٿي ويا هجن، انهن مٿان هاءِ وي ٺهي ويا هجن، يا اهي ڳوٺ Industrial علائقن ۾ اچي ويا هجن. بهرحال حاجي صاحب، سٺو ڪيو جو، انهن ڳوٺن جا نالا لکيا آهن. ٿي سگھي ٿو اڳتي هلي، ڪنهن شاگرد کي “ماضيءَ جي حج روٽس” تي ٿيسز لکڻي پوي ته، هو هن مان Idea ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگھي ٿو.
سعودي عرب کي اُتر ۾ ايراني نار (Persian Gulf) وارو سمنڊ آهي. دبئي، دوحا، بندرعباس، ماناما، راس تنورا، ڪويت، بندر امام خميني ۽ سعودي عرب جو بندر گاھ دمام وغيره ايراني نار جا بندرگاھ آهن. سو ٻن طرفن کان سمنڊ هجڻ ڪري، سعودي عرب کي واپار وڙي يعني جھازرانيءَ ۾، فائدو رهيو آهي. هونءَ اسان جي ملڪ جا حاجي، جيڪي حج لاءِ پنڌ ايندا هئا، اُهي ڪوئٽا پاسي کان ايران ۾ داخل ٿي، پوءِ ڪويت يا عراق مان ٿيندا جبيل، الخبر کان ٿيندا، مديني پهتا ٿي. يا ايران جي بندرگاھ ڇابهار جو پاسو ڏئي، دبئي وٽ سوڙهو سمنڊ هجڻ ڪري ٻيڙين ذريعي ٽپي، عرب امارات ۾ داخل ٿيا ٿي، جتان پوءِ عُمان مان ٿي يمن ۾ آيا ٿي. جتان وري وجھ لڳڻ تي بارڊر ٽپي، عربستان ۾ داخل ٿيا ٿي.
حاجي نبي بخش چانڊئي جو، سئُو سال کن اڳ جو حجاز جو، هي سفرنامو پڙهي، هڪ ٻي ڳالھ به ڌيان ۾ آئي، جنهن تي پڻ آئون ڪجھ سِٽون لکڻ چاهيان ٿو. جيئن اڄ جو پڙهندڙ خاص ڪري اهو جنهن سامونڊي سفر نه ڪيو آهي، ان جي معلومات ۾ واڌارو اچي سگھي. چوندا آهن ته ٻه شيون اهڙيون آهن، جن جو نظارو ڪرڻ سان، انسان ٿڪجي نٿو. هڪ رڻ پَٽ ۾ تارن سان ڀريل آسمان، ۽ ٻيو سمنڊ. سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل کي ته سامهون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ ته هر وقت وڻي ٿو، پر جڏهن توهان سامونڊي سفر ۾ آهيو ته، پوءِ جيستائين سمنڊ ماٺو آهي، يعني منجھس اٿل پٿل ناهي، يا جي لهرون آهن ته پٺيان جون آهن، جنهن کي اسان Following sea سڏيون ٿا. (جنهن ڪري جھاز جي رفتار وڌيو وڃي) ته، سامونڊي زندگيءَ جهڙي پُرڪشش، فرحت بخش ۽ دل کي باغ بهار ڪرڻ جھڙي، موسم، سونهن، نظارو ۽ زندگي ناهي، پر جڏهن سمنڊ وَٽَ کائي ٿو، سامونڊي لهرون يا طوفاني هوائون جھاز کي، سامهون کان لڳن ٿيون، جھاز جي مٿي کڄي وڃڻ (pounding) يا اڳيان پويان هيٺ مٿي ٿيڻ (Pitching) يا جھاز جي کاٻي پاسي لُڏڻ (Rolling) ڪري، هڪ طرف جھاز کي نقصان رسي ٿو ته، ٻئي طرف جھاز تي سوار ماڻهن (جهاز هلائيندڙن ۽ مسافرن) کي ڦيري، دل ڪچي، پيٽ خالي ٿي وڃڻ بعد به لڳاتار اٻڙاڪ ۽ اُلٽيون رهن ٿيون. ڪنهن ڪم ۾ دل نٿي لڳي، زندگي کان سخت مايوسي ٿئي ٿي. ڪن حالتن ۾ ننڊ جو اهڙو گھيرٽ اچي ٿو جو، اٿڻ تي دل نٿي چوي. ان بيماريءَ کي اسان “Sea Sickness” سڏيون ٿا. سالن جا سال جھاز هلائڻ ۽ ان حالت جو مقابلو ڪرڻ ڪري، اسان Seafarers کي وري به ايتري تڪليف نٿي ٿئي. اسان سمجھون ٿا ته ان ۾ نفسياتي عنصر به موجود آهي جو، جيئن ئي هڪ يا ٻن ڏينهن يا چند ڪلاڪن بعد، سمنڊ صحيح ٿئي ٿو يا ڪو بندرگاھ اچيو وڃي، يعني وڏين ڇولين واري سمنڊ مان نڪري تانگهي ۾ جھاز پهچي ٿو ته، هر ماڻهو منٽن ۾ صحيح ٿيو وڃي. نه فقط هيءَ دنيا وڻڻ لڳي ٿي، پر کائڻ پيئڻ تي به دل چوي ٿي. سي سڪنيس دوران ڇا ذهني ۽ جسماني ولوڙ هئي، اها ڳالھ ياد به نٿي اچي، ڌيان ۾ به نٿي رهي. سي سڪنيس جي حالت ۾ چانھ (پاڻياٺ) جھڙي شيءِ سڀ کان گھڻي دل ڪچي ڪري ٿي، جنهن کي ڏسڻ سان اُٻڙاڪ اچن ٿا. پر جيئن سمنڊ صحيح ٿئي ٿو يا سمنڊ جي وڏين بگڙيل ڇولين کان منهن موڙڻ کانپوءِ، سمنڊ جون وڏيون ڇوليون سامهون بدران پٺيان جون ٿيو پون ته هر هڪ جي صحيح ٿيڻ ۾ ٻه منٽ به نٿا لڳن. چانھ ۽ ڪافي پيئڻ تي به دل چوي ٿي. هونءَ سي سڪنيس جي حالت ۾، جڏهن اُلٽيون ٿيڻ تي، پيٽ خالي ٿيو وڃي ته، ضروري آهي ته، ڪجھ نه ڪجھ کائبو رهجي. ڇو ته اُلٽيءَ ۾ اهو نڪري وڃي ته يڪدم وري ڪجھ کائجي. پيٽ خالي هرگز نه رکجي. ڇو جو حالت ان وقت خراب ٿي ٿئي جڏهن ڪو خالي پيٽ تي اُٻڙاڪ ڏئي ڪجھ ڪڍڻ چاهي ٿو. ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اُلٽي نڪرڻ تي، فرحت محسوس ٿئي ٿي. پر اُها رُڳو چند منٽن لاءِ. ان بعد وري لڳندو ته بي چيني آهي. خالي پيٽ تي زور ڏئي اُلٽي ڪڍڻ جي ڪوشش سان جسم جون رتوبتون (Juices) نڪريو اچن جن جي نڪرڻ ڪري ماڻهو ڪمزوري محسوس ڪري ٿو ۽ اڃان به وڌيڪ اُلٽي لاءِ زور ڪرڻ تي رت اچي ٿو، جيڪا گھڻي نقصان ڪار ڳالھ آهي.
حاجي نبي بخش جي ڏينهن ۾ ڪو ورلي ديسي ماڻهو جهاز هلائڻ وارو هو. سڀ گورا هئا. اسان جي ڏينهن ۾، اسان مسافرن کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندا هئاسين ته ماني نٿي وڻي ته به کائو. جيتوڻيڪ سي سڪنيس جي حالت ۾ نفسياتي طرح ماڻهو ايڏي مايوسي ۽ بوريت محسوس ڪري ٿو، جو هن کي نه ڪا ڳالھ وڻي ٿي نه ڪنهن شيءِ جو فڪر رهي ٿو. جھاز جي لوڏن ڪري، ڪمري ۾ شيون پيون هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن يا اٿلن پٿلن، ته به هن کي پرواھ نٿي رهي. بهرحال اسان واري حاجي صاحب جي ڏينهن ۾، جھاز هلائڻ وارا گورا آفيسر به ڪوشش ڪندا هئا ته، حاجين جو پيٽ خالي نه رهي. ان ڪري، هو جھازران ڪمپنيءَ طرفان سفر ڪندڙ حاجين کي بسڪيٽ ڏيندا هئا ۽ انهن کي کائڻ لاءِ ڪڏهن دڙڪا ته ڪڏهن چَٽَ ٻڌندا هئا ته کائو. پر حاجي سڳورا به ڏسندا هئا ته، اهي کائڻ سان الٽين جو نئون سلسلو شروع ٿيو وڃي. مونکي ياد آهي ته، اسان ننڍي هوندي، يعني اڄ کان سٺ ستر سال اڳ، حاجين کان انهن بسڪيٽن بابت ٻڌندا هئاسين، جن کي هو نشي جا بسڪيٽ سمجھندا هئا. جيتوڻيڪ اهي بسڪيٽ نشي جا نه هوندا هئا. ننڊ جو گھيرٽ هونءَ ئي Sea Sickness جي حالت ڪري ٿيندو هو. پر حاجي سڳورا، انهن کي نشي جا بسڪيٽ تصور ڪري، کائڻ بدران سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. پوءِ پيٽ سان عورت وانگر سڄو ڏينهن ويٺا اُٻڙاڪ ڏيندا هئا، جنهن سان گلو به خراب ٿيو پوي.
هاڻ سوال آهي ته، اها خراب موسم يا خراب سمنڊ جنهن ۾ Sea Sikness ٿئي ٿي، ائين ڪڏهن ٿئي ٿو؟ ان لاءِ ڪو ڏينهن يا Duration مقرر ناهي. ڪڏهن ته سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙڻ دوران ٻن کن هفتن ۾ سمنڊ ۾ ڪا چُرپُر به نظر نٿي اچي، ڪڏهن ته ڪنهن ننڍي ۽ سوڙهي سمنڊ ۾ به ماڻهو ڦاسيو وڃي. طوفانن ۽ ڇتين ڇولين جو سلسلو، ڪڏهن ته ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ هلي ٿو، ڪڏهن ٽي ٽي چار چار ڏينهن به موسم خراب رهي ٿي. پر اهو آهي ته ڪي ڪي سمنڊ سال جي ڪجھ مهينن ۾، بيحد بگڙيل بالما رهن ٿا. جيئن ته خليج بنگال وارو سمنڊ . سياري ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ جو ڪجھ حصو ۽ جپاني سمنڊ. مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جا مهينا، جيڪي سانوڻيءَ جا مهينا به سڏجن ٿا، انهن ۾ اسان وارو عربي سمنڊ به توبهه زاري رهي ٿو. ٿڌو ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي. اهڙي حالت ۾ اتي وڏن وڏن ناکئن کي به پگھر اچيو وڃن. تڏهن ته هنن مهينن ۾ سرڪار طرفان خبردار ڪيو ويندو آهي ته، تفريح لاءِ سمنڊ جي ڪنارن تي نه وڃو، ۽ مهاڻن کي پابند ڪيو ويندو آهي ته، پنهنجيون ڪاٺ جون، ڪمزور ٻيڙيون ڪڍي اونهي ۾ ڪاهي نه وڃن. حاجين جي جھازن کي ڪراچيءَ کان جدي وڃڻ لاءِ، عدن تائين هن سمنڊ (عربي سمنڊ) مان گذرڻو پوي ٿو. ان بعد ڳاڙهو سمنڊ شروع ٿئي ٿو. ڳاڙهي سمنڊ ۾ به اونهاري ۾ گھڻي ڇتائي رهي ٿي، ان کان علاوه گرمي پڻ.
حاجي نبي بخش چانڊئي جي، ڏينهن ۾ توڙي کڻي، هو “شجاع” نالي جھاز تي، ڊيڪ بدران ڪئبن جو مسافر هو. پر انهن ڏينهن ۾ توڙي پوءِ به سفينئِه حجاج جھڙن جھازن تي، ڪٿي هئا ايئرڪنڊيشنر يا اڄ وانگر سينٽرلي ايئرڪول ڪمرا جن ۾ ٿڌڪار هجي، سو هنن مهينن (مئي، جون، جولاءِ ۽ آگسٽ) ۾ عربي سمنڊ يا بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) اُڪرڻ ڪا رومانس جي ڳالھ نه هئي. اسان اڄ جي ماڊرن جھازن ۾ به لوڙيون ڀوڳيون ٿا، سو ان وقت جي جھازن ۾ حاجين جي ڇا حالت هوندي، جيڪي جھازن تي هر ڪمري (ڪئبن)، هر ڪمري جي ٻاهران گھٽين ۾ ۽ ڊيڪ تي ٺهيل هئچن (گدامن) ۾ سٿيا ويا ٿي. پر ان هوندي به سمنڊ جي سونهن، پنهنجي جاءِ تي آهي، ۽ مون کي هو ته نبي بخش چانڊيو صاحب هيترا ڏينهن (اوٽ موٽ ٻه هفتا) سمنڊ تي رهڻ بعد، سمنڊ تي آيل لطف ۽ نظر آيل قدرت جي نظارن، سج جي لهڻ، اڀرڻ، ڇولين، سفيد گجي، نيري پاڻي، افق ۽ شفق جو به احوال لکندو. پر هن انهن سڀني ڳالهين بدران لکيو آهي ته، “سمنڊ تي سڀني کي ڦيري رهي ٿي.....” وغيره. حاجي صاحب جي ان ڳالھ مان مون کي لڳو ته، حاجي صاحب غلط مهينن ۾ سفر ڪيو آهي. پر ڪيئن خبر پوي ته آيا هُو مئي، جون، جولاءِ يا آگسٽ مهيني ۾ حج تي ويو يا اتان موٽيو. هن پنهنجي سفر جون تاريخون انگريزي مهينن بدران اسلامي مهينن ۾ لکيون آهن. انهن مطابق هن جدي لاءِ ڪراچي 15 شوال 1341 هجري تي ڇڏي آهي. يعني جهاز لنگر کنيو آهي، ۽ حج جي ادائگي بعد اتان جدي مان جھاز، ڪراچيءَ ۾، 30 ذوالحج 1341 هجريءَ تي پهتو آهي. هجري ۽ عيسوي پراڻي ڪئلينڊر ۾ معلوم ڪيم ته، 15 شوال، سال 1923ع جي پهرين جون ٿئي ٿي. يعني جدي ويندي، هن جُون جو پهريون هفتو سمنڊ تي گذاريو ۽ سندس ڪراچي واپسي 29 ذوالحج يعني 14 آگسٽ تي ٿي آهي. يعني واپسيءَ تي هنن (حاجي صاحب جن) آگسٽ مهيني جي ٻئي هفتي ۾، بحراحمر ۽ بحر عرب لتاڙيو آهي. سو ظاهر آهي، کين انهن ڏينهن ۾، اهي سمنڊ خراب ترين مليا هوندا.
حاجي صاحب جي سفرنامي جي، هڪ اڌ ٻي ڳالھ به، اڄ جي نوجوانن لاءِ Clear (چٽي) ڪندو هلان. حاجي صاحب پنهنجي هن سفر ۾ ڪراچيءَ کان جدي ويندي، جھاز جي عدن ۽ “ڪامران” ۾ ترسڻ جو ذڪر ڪيو آهي. ان کان سواءِ “لم لم جبل” جو ذڪر ڪيو آهي ته، اتي پهتاسون ۽ شرعي حڪم موجب، احرام ٻَڌوسون. اڄ جو پڙهندڙ، خاص ڪري، اهو جنهن حج يا عُمرو نه ڪيو هوندو، جي ڪيو به هوندو ته، باءِ ايئر ويو هوندو، اهو حاجي صاحب جي اها ڳالھ، جبل واري پڙهي، وائڙو ٿي ويو هوندو ته آيل جھاز جبل تي چڙهي ويو يا حاجي جبل تي چڙهي ويا! اهي سڀ ڳالهيون سمجهائڻ ضروري ٿو سمجھان. جھاز هلائڻ ڪري، مونکي انهن جي خبر پيئي. پر لم لم جبل جي خبر، مون کي ان کان به اڳ جي هئي، جڏهن کان هوش سنڀاليو هوم. مون پنهنجي ڳوٺ جي حاجين کان حج جي سفر جو احوال ٻڌندي، ان جبل جو نالو ٻڌو ٿي. حاجي نبي بخش چانڊيو صاحب هي سفر 1923ع ۾ ڪيو. يعني پهرين جنگ عظيم جي خاتمي (1918ع) کان پنج سالن بعد. 1517ع کان وٺي، پهرين جنگ عظيم جي خاتمي، يعني چئن صدين تائين عربستان تي ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ تُرڪيءَ جي سلطنت عثمانيه وارن جي حڪومت رهي. ان بعد حجاز، خاص ڪري مڪي تي شريف گھراڻي جي حڪومت رهي. 1923ع ۾، اسان جو حاجي صاحب حج پهتو هو. ان ئي سال شريف گھراڻي جي حاڪم، حسين بن علي الهاشميءَ پاڻ لاءِ خليفي بنجڻ جو اعلان ڪيو، پر پوءِ 1925ع جي آخر ڌاري “ابن سعود”، شريف (هاشمي گھراڻي) کي ڀڄائي ڪڍيو. ان ڏينهن کان اڄ تائين، سعودي عرب تي سعود گھراڻي جي حڪومت آهي. هوڏانهن اسان ڏي انڊيا تي انگريزن جي حڪومت هئي. سنڌ ميرن جي حڪومت تائين الڳ مُلڪ هو. ان تي 1843ع کان انگريزن جي حڪومت ٿي، جيئن سنگاپور کي “مدراس پريزيڊنسي” ۾ رکيو ويو هو، ائين سنڌ کي ۽ يمن جي بندرگاھ عدن کي، (جنهن تي پڻ انگريزن جي حڪومت هئي) بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ رکيو ويو هو. عدن، انڊيا، سنڌ، سنگاپور، ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) ۾ انگريز سرڪار جو پاسپورٽ هليو ٿي. سڄي انڊيا جا ماڻهو، سنڌ سميت عدن ۾ به بنا ويزا جي ايندا ويندا رهيا ٿي. ڪيترا عدن جا، يمني عرب انڊيا جي، مختلف شهرن ۾ Settle هئا، جن مان هڪ جو احوال پنهنجي سئيڊن واري سفرنامي ۾ به ڪيو اٿم. عدن جي اُن انجنيئر محمد مبارڪ کي هنديءَ جا به ڪجھ لفظ آيا ٿي، جو هن ٻُڌايو ته هن جو ڏاڏو مدراس ۾ رهيو ٿي، جنهن وٽ ننڍپڻ ۾، هو گھمڻ ويندو هو.
ٻي ڳالھ اها ته، اڄ جي جھازن ۾، هڪ ته تيل رکڻ لاءِ، تمام وڏيون ٽانڪيون آهن. ايتري قدر جو ڪراچيءَ کان، ڪئناڊا سفر جيترو تيل اسٽور ڪري سگھجي ٿو ۽ رستي تي ڪا ايمرجنسي يا ڪم ناهي ته، ڪٿي به بنا بيهڻ جي، سِڌو ڪئناڊا به پهچي سگھجي ٿو. اهڙي طرح پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ لاءِ به، وڏيون ٽانڪيون آهن ته، هر جھاز تي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان، مٺو پاڻي ٺاهڻ لاءِ، مشينون Fresh Water Evaporators به آهن، جيڪي روزانو گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ ٽن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهي سگھن ٿيون. جيتري قدر کاڌي جو سوال آهي ته، اڄ ڪلھ هر جھاز تي، طاقتور ريفريجريشن ۽ ايئرڪنڊيشنڊ سسٽم آهي. جهازن جون ڪئبنون (ڪمرا) ايئرڪنڊيشنڊ ڪرڻ کان علاوه، گوشت ۽ مڇي رکڻ لاءِ، وڏا ڪمرا (Cold Storage) آهن. جن ۾ ٽن چئن مهينن. جو فروزن گوشت رکي سگھجي ٿو. هڪ ڪارگو (مال بردار) جھاز، جنهن تي 40 کن ماڻهو ٿين ٿا. ان جي ڪولڊ اسٽوريج ۾ به گھٽ ۾ گھٽ ٽيھ چاليھ ذبح ٿيل ۽ کل لٿل ٻڪريون ۽ ڏهاڪو کن ڍڳيون ٽنگيل رهن ٿيون. سو اڄ ڪلھ جا جھاز ڪنهن رستي جي بندرگاھ تي ترسڻ بنا، دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين يڪساهيءَ سفر ڪري سگھن ٿا. پر 1923ع ۾، جڏهن حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب حج ڪيو ته شجاع نالي هن جھاز يا ڪنهن ٻئي جھاز ۾ اهڙا بندوبست نه هئا. نه جھازن ۾ ايڏي ترقي آئي هئي نه بندرگاھن ۾ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي. جھازن کي هر ٿورن ڏينهن بعد، ڪنهن بندرگاھ مان، اڳتي جي سفر لاءِ راشن پاڻي ۽ مشين جي ٻارڻ لاءِ، تيل خريد ڪرڻو پيو ٿي. ڪراچيءَ کان جدي ويندي تقريبن اڌ رستي تي جھاز وارن کي، عدن بندرگاھ سَڻائو پيو ٿي، جيڪو انگريز حڪومت جي هٿن ۾ هو. هونءَ به انگريزن جتي به حڪومت ڪئي ٿي، اتي جا شهر، بندرگاھ، جهازراني، ريلوي نظام ٺيڪ ڪري رکيو ٿي، جيئن بعد ۾ سنگاپور ۽ پينانگ بندرگاھن کي به هنن ٺاهي ڇڏيو هو. پر سائين! عدن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي! انهن ڏينهن ۾ توڙي 1960ع واري ڏهاڪي تائين، جڏهن اسان تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين ته، اسان جي هن تر ۾ عدن جي وڏي هاڪ هئي، جيڪو ڊيوٽي فري بندرگاھ هجڻ ڪري، اتي هر وقت جھازن ۽ ٽوئرسٽن جي ڌم لڳي رهي ٿي. عدن جون مارڪيٽون، رات جو به کليل رهيون ٿي. خبر ناهي ڪهڙو مسافر جھاز، رات جو، ڪنهن وقت بندرگاھ ۾ اچي وڃي ۽ ٿي سگھي ٿو، اهو فقط چند ڪلاڪن لاءِ ترسي، جيئن حاجي صاحب جي، جھاز جو عدن ۾ فقط چئن ڪلاڪن جو Stay رهيو. دڪاندارن جھاز وارن مان خوب ڪمايو ٿي. ساڳي وقت عدن ڊيوٽي فري هجڻ ڪري مسافرن به خوب شاپنگ ڪئي ٿي.
ڪراچي بندرگاھ کان، عدن 1650 کن ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي آهي. انهن ڏينهن ۾ پاڻي وارا جھاز ڏھ کن ناٽن (knots) جي رفتار تي هليا ٿي. يعني هڪ ڪلاڪ ۾، هن ته 10 ناٽيڪل ميل سفر ڪيو ٿي. جيڪا رفتار انهن ڏينهن ۾، وڏي ڳالھ سمجھي وئي ٿي. رفتار جي حساب سان پاڻي وارن جھازن جي، اڄ به ڪا خاص رفتار نه آهي. جيڪي جھاز مون هلايا، انهن ۾ اڌ کان وڌيڪ جپان، جرمني، يوگوسلاويه ۽ اسپين جا ٺهيل هئا. انهن ۾ ڪيترا نوان ۽ ان وقت جا ماڊرن هئا، پر انهن جي به سراسري رفتار، سورنهن سترنهن ناٽ رهي ٿي. يعني ڪلاڪ ۾ اهي سورنهن سترنهن ناٽيڪل ميل هليا ٿي. پر پٺيان جو سمنڊ ۽ پٺيان جي تيز هوا هوندي هئي ته، اهي ان ڏينهن 20 جي رفتار تي به هليا ويندا هئا. يعني انجڻ ته ساڳي رفتار تي هلندي هئي، پر جھاز، ڪار وانگر روڊ تي نه، پر پاڻيءَ ۾ هلي ٿو. جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن پٺيان يا اڳيان سمنڊ جون ڇوليون ۽ هوائون ڌڪين ٿيون. سو انهن جي رفتار، ڪڏهن 20 ٿي وئي ٿي ته ڪڏهن سامهون يعني مخالف جي ڇولين ڪري ڏھ يا يارنهن ناٽ به ٿي وئي ٿي. سمنڊ تي فاصلو ناٽيڪل ميلن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جيڪو ميل اسان جي زميني ميل کان ڪجھ وڏو ٿئي ٿو. ڪراچي کان عدن بندرگاھ 1650 ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي هجڻ ڪري، ڏھ ناٽ وارو جھاز ڇهن کان ست ڏينهن وٺي ٿو. حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب جي جھاز، ڪراچي 15 شوال تي ڇڏي، ۽ 22 شوال تي عدن پهتو. يعني هنن کي ست ڏينهن لڳي ويا، معنيٰ هنن جي جھاز جي رفتار 10 ناٽ هئي.
ڪراچيءَ مان، لنگر کڻڻ تي، جھاز ڪجھ وقت پاڪستان وارو ڪنارو ڏئي مغرب ڏي هلي ٿو ۽ سامهون گڊاني آهي، ان بعد پاڪستان جا بندرگاھ اورمارا، پسني، گوادر، جيواني اچن ٿا. پر جھاز ڪناري کان، ڪافي پري اونهي سمنڊ مان هلي ٿو، جو ڪناري جي ويجهو تانگھو پاڻي رهي ٿو. ڪَلَ جي جھازن کان اڳ جڏهن سڙھ تي هلندڙ ٻيڙيون هُيون ته ان وقت ناکئن (Navigators) جي اها ڪوشش هوندي هئي ته، جيترو ٿي سگھي، ڪناري جي ويجھو هلجي ۽ ڪنارو ڪنارو ڏئي هلجي.
پاڪستان جي، آخري بندرگاھ جيواني بعد، ايران جي سرزمين شروع ٿئي ٿي. اسان جيڪڏهن اهوئي طرف يعني اولھ وٺي وينداسين ته، خليج عُمان ۽ آبنائي هُرمز (Strait of Hormuz) واري سامونڊي سوڙهي گھٽيءَ مان گذري خليج فارس (Persian Gulf) ۾ داخل ٿي ويندا سين، جنهن ۾ هڪ پاسي ايران جا بندرگاھ: ڇابهار، ماھ شهر، بندر لينگھ آهن ته، ٻئي پاسي دبئي، دوحا، دمام، جبيل، خافجي، عجمان، مناما ۽ آخر ۾ ڪويت جو پورٽ آهي. اسان دبئي يا سعودي عرب جي “دمام” بندرگاھ ۾ وڃڻ لاءِ هن سمنڊ (خليج فارس) ۾ گھڙندا هئاسين، جيڪو (دمام) سعودي عرب جو اتراهون بندرگاھ آهي. جدو ۽ ينبوع، سعودي عرب جا ڏاکڻا بندرگاھ آهن. جيڪي بحراحمر (Red Sea) سمنڊ ۾ آهن. هن ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڃڻ لاءِ ايران جي پاسا بندر وٽان جھاز کي ڏکڻ طرف موڙڻو پوي ٿو، ۽ عُمان جو ڪنارو ختم ٿيڻ تي، يمن جي سرزمين شروع ٿئي ٿي، ۽ جتي اها اولھ ڏي مُڙي ٿي، ان کان اڳ عدن بندرگاھ اچي ٿو.
عدن ۾ ترسڻ بعد، جھاز جدي لاءِ، لنگر کڻي ٿو، ۽ بيرام ٻيٽن بعد باب المنديب وٽ، ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. ڳاڙهو سمنڊ يعني بحيره احمر، جنهن کي ڪي بحر قُلزم به سڏين ٿا. عدن کان جدي باءِ روڊ به وڃي سگھجي ٿو، خاص ڪري ڪناري واري رستي کان، جيڪو حاجي صاحب جي، حج کان ٽيهارو سال پوءِ پڪو ٿيو، جنهن تان موٽر ڪارون ۽ بسون به هلن ٿيون، جيڪو سعودي عرب جا بحراحمر جي ڪناري وارا شهر، الشقيق، القحمة، البرڪ، القوز، القنفداہ، المظيلف، دوقہ، حفار، الزواهر، الوسقہ، الليث، الغالہ، القطان باشعيہ، جده، ڳنڍي ٿو.
عدن کان جدي تائين، باءِ روڊ 1440 ڪلوميٽر فاصلو آهي. سمنڊ رستي به ڪجھ ايترو ئي 756 ناٽيڪل ميل آهي يعني ڪناري جا 870 ميل ٿيا. 60 ميل هڪ سئو ڪلوميٽر برابر آهن، سو 870 ميل سي ٿيا 1450 ڪلوميٽر. ڏھ ناٽ رفتار وارو جھاز، عدن کان جدي ٽي ڏينهن وٺي ٿو.
حاجي صاحب پنهنجي سفر ۾ لکي ٿو ته، عدن کان 22 شوال تي نڪتا سين، ۽ ٻن ڏينهن بعد 24 شوال تي سندس جهاز ڪامران پهتو، اتي رات رهي، ڪراٽين ڪرائي. ڪراٽين ميڊيڪل چيڪ اپ آهي. ڪنهن ملڪ ۾ جھاز وڃڻ تي ان جھاز کي ان ملڪ جي بندرگاھ ٻاهر بيهاري جھاز ۾ سوار مسافرن ۽ جھاز جي عملي جي ميڊيڪل چيڪ اپ ڪئي وڃي ٿي ته اهي صحتمند آهن يا نه. ائين نه ٿئي ته ڪنهن کي ڪا اهڙي وچڙندڙ بيماري هجي، جيڪا پوءِ ان بندرگاھ جي ماڻهن کي به لڳي وڃي. خاص ڪري حج تي آيل وڏي هجوم جي ته چيڪ اپ ضروري آهي، جو اهڙي رش ۾ ملڪ کان هر حاجي باءِ ايئر وڃي ٿو. ايئر پورٽ تي لهڻ بعد هر حاجيءَ جي اميگريشن، ميڊيڪل ۽ ڪسٽم ٿيو وڃي ۽ ثبوت خاطر ته، هو پنهنجي ملڪ مان، اهي مقرر ڪيل سُيون هڻائي آيو آهي، پنهنجي ڊاڪٽر جو هيلٿ ڪارڊ ڏيکاري ٿو. پر حاجي نبي بخش چانڊئي جي ڏينهن ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ حاجين جي جھاز کي بحرِ احمر ۾ ڪامران نالي ٻيٽ تي روڪيو ويو ٿي. (هن ٻيٽ جو نالو اسان جي سامونڊي نقشن ۾ ڪمران آهي، جنهن لاءِ حاجي صاحب، ڪامران لکيو آهي). بحرِ احمر ۾ هي يمن جو سڀ کان وڏو ٻيٽ، اٽڪل 108 چورس ڪلوميٽر آهي. جنهن جي ڊيگھ 18 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 7 ڪلوميٽر ٿيندي. هن ٻيٽ جي اڄ ڪلھ آدمشماري 2200 ماڻهو آهي. هن ٻيٽ جي هڪ پاسي کان پهاڙيون به آهن ۽ سڀ کان اوچي پهاڙي “جبل يمن” آهي. هن پاسي جي سمنڊ تي ڪنٽرول رکڻ لاءِ، سورهين صديءَ ۾ پورچو گالين، هن ٻيٽ ڪمران تي Out post ٺاهي هئي، جيئن ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکي سگھجي. بعد ۾ اوڻهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾، هن تي ترڪن جي سلطنت عثمانيه وارن جو قبضو ٿيو، جن اوڀر آفريڪا، ايراني نار ۽ انڊيا پاسي جي حاجين لاءِ ڪئارنٽائين اسٽيشن ٺاهي. 1949ع ۾ هي ٻيٽ برٽش وارن جي اثر هيٺ رهيو، ۽ هنن هن ٻيٽ جي انتظام هلائڻ، لاءِ عدن جي گورنر کي، هن ٻيٽ ڪمران جو به گورنر مقرر ڪيو. 1967ع ۾، هي ٻيٽ ڏکڻ يمن جو، حصو ٿيو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ ٻه يمن هئا، ڏکڻ يمن ۽ اُتر يمن. 1972ع ۾ اتر يمن وارن، هي ٻيٽ ڏکڻ يمن وارن کان کسي، ان جو انتظام پنهنجي حوالي ڪيو. 1990ع ۾ اتر ۽ ڏکڻ يمن ملي هڪ ٿيو، ۽ هي ٻيٽ ان مليل يمن جي حڪومت هيٺ آيو.
آخر ۾ حاجي صاحب جي بيان ڪيل، “لم لم جبل” بابت به، ڪجھ سِٽون لکان ٿو، جيئن پڙهندڙ، خاص ڪري، اهي جيڪي عُمري يا حج تي، مڪي شريف نه ويا آهن، هيءَ ڳالھ سمجھي سگھن ته هيءَ اها جاءِ آهي، جتان جدي (مڪي) ڏي وڌڻ کان اڳ، احرام ٻَڌڻ کپي.
احرام بابت آئون، پنهنجي حج جي سفرنامي، “ڀلي پار تان ڀيرو” ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان ته “احرام” جي معنيٰ حرام ڪرڻ آهي. مڪي جي ايراضيءَ ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ، حاجي جڏهن حج يا عُمري جي نيت ڪري ٿو ۽ تلبيه پڙهي ٿو ته هن تي ڪجهه شيون حرام ٿيو وڃن، جيڪي هونءَ جيتوڻيڪ حلال آهن. مثال طور خوشبوءِ لڳائڻ، مٿو ڍڪڻ، ننهن ڪترڻ، جانورن يا پکين جو شڪار ڪرڻ، وغيره. ساڳي وقت “احرام” انهن سفيد اڻ سبيل چادرن کي به چئجي ٿو، جن کي حاجي احرام جي حالت ۾ استعمال ڪن ٿا. انهن مان هڪ چادر گوڏ طور استعمال ڪئي وڃي ٿي ته، ٻي جسم جو مٿيون حصو ڍڪڻ لاءِ. احرام جي حالت ۾ عورتون سبيل ڪپڙا پائي سگھن ٿيون. انهن مٿان عبايا يا وڏي چادر اوڍين ۽ رومال سان مٿي کي چڱي طرح ڍڪين، جيئن هڪ وار به نظر نه اچي.
مڪي وڃڻ وقت، حاجيءَ کي، ڪهڙي هنڌ کان اڳتي وڌڻ کان اڳ احرام ٻَڌڻ کپي، ان جاءِ کي ميقات سڏجي ٿو. ميقات جي معنيٰ ئي آهي “ٻُڌايل جاءِ” يا مقرر ڪيل جاءِ. مختلف طرفن کان عُمري يا حج لاءِ، مڪي پهچڻ لاءِ اهي جايون، پاڻ ڪريمﷺ جن مقرر ڪيون. مثال طور مديني منوره کان، مڪي ڏي ويندڙن لاءِ، احرام ٻَڌڻ لاءِ، جيڪا جاءِ (ميقات) مقرر ڪئي وئي آهي، اها ذوالحُليفهه آهي. اها مديني کان 6 ميلن جي فاصلي تي آهي. اهڙي طرح سعودي عرب جي نجد واري علائقي، يعني رياض، جبيل شهرن کان مڪي ڏي ويندڙن لاءِ، قرن المنازل نالي جاءِ مقرر آهي. يعني هن جاءِ کان اڳتي وڌڻ لاءِ احرام ٻَڌي عُمري يا حج جي نيت ڪرڻي آهي. اهڙي طرح مصر ۽ شام کان ايندڙن لاءِ، جُحفهه ميقات جي جاءِ آهي. اها جاءِ رابغ شهر جي ويجھو آهي. پاڪستان کان جيڪڏهن ڪو پيرين پيادو نڪري (اڳئين زماني ۾ ته حج لاءِ ماڻهو ائين ئي پيرين پيادا يا اُٺن تي نڪرندا هئا) ته هنن لاءِ ميقات جي جاءِ “يلم لم” آهي، (جنهن لاءِ حاجي نبي بخش صاحب لم لم لکيو آهي، جو عربيءَ جا ڪيترائي لفظ، مختلف ٻولين ۾ مختلف طريقن سان اچاريا وڃن ٿا). هيءَ جاءِ يلم لم مڪي جي ساڄي پاسي، يمن طرف آهي. جدو مڪي جي ٻئي طرف کاٻي پاسي آهي. اسان جڏهن هوائي جھاز ۾ جدي اچون ٿا ته، يلم لم ٽپڻ بعد، مڪو شريف ۽ پوءِ جدو اچي ٿو. ان ڪري اسان کي ڪراچي، اسلام آباد يا لاهور مان جھاز ۾ چڙهڻ کان اڳ، احرام ٻڌڻ کپي. هوائي جھاز ۾ جڏهن جدي ڏي روانو ٿيون ٿا ته، يلم لم مٿان لنگھڻ کان اڳ پائلٽ خبردار ڪري ٿو ته، اسان مڪي وڃڻ لاءِ ميقات واري جاءِ کي، ڪراس ڪرڻ وارا آهيون، جيئن ڪنهن کي نيت ڪرڻي هجي ته ان وقت ڪري وٺي. ڪنهن کان گھران يا ڪراچي ايئرپورٽ تان احرام ٻَڌڻ وسري ويو آهي ته، هو اُن وقت هوائي جھاز ۾ ٻَڌي سگھي ٿو. پر هوائي جھاز ۾ ڪپڙا لاهي، احرام ٻَڌڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ جي هڪ يا ٻن کان وڌيڪ حاجي آهن ته هو ڪٿي ڪپڙا بدلائيندا، جڏهن جھاز تي ٻه کن واش روم مس ٿين ٿيون. باقي اهو آهي ته، پاڻي وارو جھاز بحرِ احمر ۾ جڏهن يمن ٽپي، “يلم لم” جي سِڌائي ۾ پهچي ٿو ته ڪئپٽن جھاز کي روڪيو ڇڏي، جيسين سڀ حاجي احرام ٻَڌي حج يا عُمري جي نيت ڪري وٺن. ان کان پوءِ، جهاز جدي ڏي وڌي ٿو. سو اها آهي، اسان ننڍي کنڊ کان ايندڙ ماڻهن جي لاءِ، ميقات جي جاءِ، جنهن لاءِ حاجي نبي بخش چانڊئي صاحب لکيو آهي ته جڏهن جھاز لم لم پهتو ته هنن شرعي حڪم موجب احرام ٻَڌو.
اميد آهي ته، منهنجي هيءَ لکڻي (Interpretation) پڙهندڙن کي, حاجي صاحب جو هڪ سئُو سال اڳ جي ڪيل حج جو، سفرنامو سمجھڻ ۾, آساني ۽ دلچسپي پيدا ڪندي.
9 آگسٽ 2019ع
الطاف شيخ ڪراچي