حاجين جي جهاز رحيمي جو قصو
1502ع ۾ واسڪو ڊاگاما ۽ هن جي پورچوگالي ساٿين حاجين جي جهاز “ميري” کي ڦري ان ۾ سوار ٻارن ۽ عورتن کي جيئري ساڙڻ بعد پورچوگالي قذاقن طرفان، رحيمي جهاز جي هيءَ اغوا جي واردات تقريبن هڪ سئو ڏهه سال بعد 1613ع ۾ ٿي. هي واقعو سمجهو ته شاهه لطيف جي ڄمڻ کان منو صدي اڳ رونما ٿيو، جو شاهه لطيف 1689ع ۾ جنم ورتو هو ۽ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. حاجين جو جيڪو قافلو مديني کان دمشق ويندي بدو عربن 1757ع ۾ ڦريو هو ۽ جنهن ۾ سلطنت عثمانيه جي امير جي ڀيڻ سميت 20 هزار حاجي قتل ٿي ويا هئا، اهو البت شاهه لطيف جي وفات کان 5 سال پوءِ پيش آيو هو. رحيمي نالي هي مالبردار ۽ حاجي کڻڻ وارو جهاز (Passenger Cum Cargo) پنهنجي وقت جو هڪ وڏو ۽ سونهن ۽ سائيز ۾ هڪ نمايان جهاز هو. ان وقت جيڪي حاجين جا جهاز هئا انهن سڀني ۾ هي سڀ کان گهڻا حاجي ۽ ڪارگو (سامان) کڻي سگهيو ٿي ۽ هن جي ڪمائيءَ تي سڀني جي نظر هئي ۽ اها قابل داد ڳالهه هئي ته هن جهاز جي مالڪڻ توڙي انتظام هلائڻ واري هڪ عورت هئي جنهن وٽ ٻيا به ڪيترائي جهاز هجڻ ڪري وڏي امير ليکي وئي ٿي.
هن جهاز (Rahimi) کي ڊچ جهازرانن (Navigators) ۽ عرب، انڊين (گجراتي، ملباري، ڪڇي ۽ ڪوڪني) خلاصين (Sailors) هلايو ٿي. هن جهاز تي هڪ ئي وقت 1500 مسافر ۽ 1700 ٽن سامان چڙهي سگهيو ٿي. هڪ ٽن ۾ سمجهو ته 28 کن مڻ ٿين ٿا - جيڪي 11 کن اڍائي مڻيون چانورن يا ڪڻڪ جون ڳوڻيون ٿيون. مطلب ته هي جهاز مسافرن کان علاوه سامان جون ارڙهن اوڻهين هزار ڳوڻيون به کڻي سگهيو ٿي. هن جو مسافر کڻڻ جو بندرگاهه “سورت” هو جيڪو بمبئي کان اڳ انڊيا جو وڏو بندرگاهه هو جنهن تي اتر انڊيا جي حاڪم شهنشاهه اڪبر جو قبضو هو. سامان به اتان چاڙهيو ويو ٿي جيڪو گهڻو ڪري بايانا (Bayana) کان گڏهن، خچرن، اٺن ۽ ننڍين ٻيڙين ذريعي سورت بندرگاهه ۾ پهتو ٿي. بايانا اڄ به انڊيا جي راجستان رياست جي ڀرتپور ضلع جو مشهور ۽ تاريخي شهر آهي، جنهن بابت تفصيل سان انڊيا جي ڪنهن سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان. گمڀير نديءَ جي کاٻي ڪپ تي هي شهر راجستان جي هڪ ٻئي مشهور شهر هندائو (Hindaun) کان 33 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. بايانا ريلوي جنڪشن به آهي جيڪا دهلي ۽ ممبئي ريلوي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهي.
پاڻ سترهين صديءَ جي اوائلي سالن جي مشهور حاجين جي جهاز رحيميءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. هي جهاز Rahimi ڊيگهه ۾ 52 ميٽر يعني ڏيڍ سئو فٽ هو. سندس ويڪر 15 ميٽر يعني 45 کن فٽ هئي. ان وقت سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جي جهازن جي حساب سان هي جهاز وڏو ئي سمجهڻ کپي جنهن ۾ 6 فٽن جون ڪئبنون (ڪمرا) ٺاهجن ته ويڪر ۾ هر قطار ۾ ست کن ٺهي وڃن ۽ اهي جهاز گهڻو ڪري ٻه ماڙ ٺاهيا ويا ٿي. هن جهاز جي مالڪن کي مسافر ۽ مال کڻڻ مان جيڪا ڪمائي ٿِي ٿي، ان جو اندازو توهان ان مان لڳائي سگهو ٿا ته جهاز کي هر ڦيري ۾ 15000 ريال فقط ٻاهرين بندرگاهن ۾ ٽئڪس ڏيڻو پيو ٿي. ان ڪري هي جهاز هر وقت قزاقن جي اک ۾ رهيو ٿي. هيءَ سترهين صديءَ جي ڳالهه آهي جنهن ۾ سمنڊ (خاص ڪري عربي سمنڊ، بحر احمر، خليج فارس، خليج سوماليه، خليج بنگال وغيره) تي ڦر عروج تي هئي. سورهين صديءَ ۾ ته فقط پورچوگالي قزاق (Pirates) هئا پر هاڻ انگريز ۽ ٻيا فرنگي به تمام گهڻو متحرڪ ٿي ويا هئا ۽ هنن لاءِ عربن، ايرانين يا انڊين جهازن تي ڦر ڪرڻ يا اغوا ڪرڻ آسان ڪم هو جو بم، بارودن ۽ بندوقن جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ يورپي اڳيان هئا جن جو مقابلو اسانجا ماڻهو نٿي ڪري سگهيا. شاهه لطيف انهن حالتن جي سر سريراڳ ۾ هن طرح عڪاسي ڪئي آهي:
دَنگِي وچ درياهَ، ڪِي ٻُڏي ڪِي اُپِڙي،
هُو جي واڍي واڻيا، سي سونهَڻَ سڀ سَڙيا،
مُعِلمَ ماڳِ نه اڳئين، فِرَنگي منجهه ڦِرِيا،
ملاحَ! تنهنجي مَڪُڙِيءَ، اچي چورَ چڙهيا،
جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تتي تارِي تُنهنجي!
1498ع ۾ جڏهن پورچوگالي ناکئو “واسڪو ڊاگاما” ڪيپ آف گڊ هوپ وارو خطرناڪ سمنڊ اُڪري انڊيا پهچڻ وارو رستو ڳولي ورتو ته هنن جي هن پاسي اچڻ کان اڳ ئي اها نيت هئي ته ڏنڊي (طاقت) جي زور تي ڌارين ملڪن جي زمينن تي قبضو ڪبو. عربن، هندن، مسلمانن جي جهازن جي ڦر ڪبي، ڇو جو هنن وٽ اهو ماڊرن اصلح ناهي جيڪو پورچوگالين وٽ آهي ۽ ٽئي نمبر تي مصالحي جو واپار به ڪبو جنهن جو يورپ جي ملڪن ۾ وڏو اگهه هو.
واسڪو ڊاگاما 1498ع ۾ پهريون دفعو انڊيا پهتو ته هو مڪاني راجائن کي پنهنجو زيردست نه بنائي سگهيو. بلڪه پورچوگالين کي ذليل و خوار ٿي ڀڄڻو پيو هو. ٻن سالن بعد 1500ع ۾ پيڊرو ڪابرال جي ڪمانڊ ۾ پورچوگال کان آرمڊا (ٻيڙو) هڪ دفعو وري ملبار ڪناري پهتو. ڪابرال اچڻ سان ڪاليڪٽ بندرگاهه جي آس پاس ۾ بيٺل عرب سوداگرن جي ڏهه کن جهازن جي ڦرلٽ ڪري انهن تي موجود 600 کن خلاصين کي قتل ڪيو. ان بعد ڪاليڪٽ بندرگاهه تي بمباري ڪري مقامي ماڻهن کي چڱي طرح ڊيڄاريو. ظاهر آهي پورچوگالين وٽ انڊين ۽ عربن جي مقابلي ۾ ماڊرن اسلح هو. اسان جا ماڻهو تير ڪمان ئي استعمال ڪندا رهيا يا وري نعرا هڻندا رهيا.
ان بعد ٽيون دفعو 1502ع ۾ واسڪو ڊاگاما هڪ دفعو وري آيو ۽ هن به پنهنجي پهرين سفر جون خارون ڪڍڻ لاءِ عرب يا انڊين سوداگرن جو جيڪو جهاز هن جي ور چڙهيو ٿي ان جي ڦر ڪئي ٿي. ان وقت حاجين جي “ميري” نالي هڪ وڏي جهاز کي ڦرڻ بعد ان ۾ موجود ٻارن ٻچن سميت 400 کن حاجين کي جيئري ساڙي ڇڏيو .... يعني هن سڀني اوسي پاسي جي تاجرن (واپارين)، وڻجارن، راجائن ۽ رعيت کي صاف صاف نياپو ڏنو ته اسان گورن جو توهان مقابلو ڪري نه سگهندائو.
پوءِ اڳتي هلي پورچوگالين مڪاني سڀني ماڻهن کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ۽ پاڻ ڄڻ ته سڄي هندي سمنڊ جا مالڪ ٿي ويهي رهيا. هنن سڀني جهازن لاءِ قانون ڪڍيو ته تجارت ڪرڻ لاءِ هر جهاز کي هر سفر ۾ پئسا ڏئي، پورچوگالين کان “پاس” (جيڪا ڪارٽاز سڏبي هئي) وٺڻي پوندي، جيڪو هڪ قسم جو سمجهو ته “ڀَتو” هو. بنا پاس وارن جهازن تي پورچوگالي قزاقن حملو ڪري ڦرلٽ ڪئي ٿي ۽ احتجاج ڪرڻ وارن کي قتل ڪندي به ويرم نٿي ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي جو هنن ڦورن جو ڪو اصول نه هو. هنن ڪڏهن ڪڏهن دل چوڻ تي انهن جهازن جي به ڦر ڪري ٿي ورتي جن وٽ پاس هئي.
سئو سالن تائين هندي سمنڊ ۽ ان جي مختلف حصن جهڙوڪ عربي سمنڊ، بحر احمر، خليج فارس، خليج بنگال وغيره ۾ فقط پورچوگالي راڄ ڪندا رهيا جو ٻي ڪا يورپي قوم هن پاسي پير ڄمائڻ ۾ ڪامياب نه پئي ٿي. پر پوءِ آهستي آهستي ڊچ، فرينچ ۽ خاص ڪري انگريز ڪامياب ٿي ويا جيڪي پڻ وجهه لڳڻ تي ننڍيون وڏيون سامونڊي ڦرون ڪرڻ لڳا جو بارود، بم ۽ ماڊرن اسلح انهن وٽ به هو. ايتريقدر جو وقت جو حاڪم مغل شهنشاهه اڪبر به ماٺ مٺوڙي ۾ پورچوگالين کي ڀتو ڏئي پاس حاصل ڪندو رهيو - ٻاهر عوام تي سو رعب رکندو رهيو. کلئي عام نه اڪبر ٿي پورچوگالين سان مهاڏو اٽڪايو ۽ نه پورچوگالين اڪبر سان سينه زوري ٿي ڪئي. اهو ئي وهنوار ٻيا مغل بادشاهه به رکندا هليا جن جي حڪومت انڊيا جي اتراهين حصي ۾ هئي. هيٺ ڏکڻ ۾ مغلن جو قبضو فقط سورت جهڙي بندرگاهه تائين محدود هو. پورچوگالين پاڻ کي فقط ڏکڻ هندوستان جي ڪناري تائين رهڻ ۾ عافيت ٿي سمجهي. هنن مالابار ڪوسٽ (هندوستان جي اولهه ڪناري) جي بندرگاهن ۽ ڪرومنڊل (Coromandel Coast) هندوستان جي اوڀر ڪناري جي نوابن ۽ راجائن کي موچڙا هڻي هنن جي ننڍين ننڍين سلطنتن تي قبضو ڪري ورتو. ڪننور (Cannore)، ڪوچين، ڪاليڪٽ وغيره تي ته اچڻ سان يعني 1502ع کان قبضو ڪيائون ته ڏيڍ صدي تائين اهي علائقا هنن جي هٿ ۾ رهيا. اهڙي طرح سورت بندرگاهه تي قبضو ڪيائون. منگلور ۽ بئسين (Bassein) تي ته سندن ٻه ٻه صديون قبضو رهيو. گوا، دِيو (Diu)، دمان (Daman) جهڙيون رياستون ۽ علائقا ته ساڍين چئن صدين بعد 1961ع ۾ ڇڏيائون - يعني هندوستان جي ورهاڱي کانپوءِ. کين جيئن ٿي وڻيو تيئن مقامي آدم شماريءَ سان ظلم ٿي ڪيائون. ڪڏهن ڪو شهر مسلمان آباديءَ کان خالي ٿي ڪرائيائون ته ڪڏهن ان شهر جا مندر ۽ مسجدون ٿي ڊهرايائون. سرزمين کان علاوه سڄي هندي وڏي سمنڊ تي ويا قبضو ڪندا. چوڌاري خوف ۽ هراس جو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هئائون.
مٿين حالتن جو پڙهي آئون اڪثر اهو سوچيندو هوس ته مغل سلطنت هيڏي طاقتور هئي، انهن هنن ڪمينن کي ڇو نٿي دٻ پٽي ته توهان ڇو اچي اسانجي ڌرتيءَ تي قبضو ڪيو آهي - خاص ڪري مسلمانن کي ڇو پيا ماريو...؟ پر پوءِ اهو ئي سوچيندو آهيان ته هيءَ اقتدار جي جنگ هئي. چور يا ڌاڙيل لاءِ ڪو دين ڌرم يا ٻولي نه هوندي آهي. بابر پاڻ ڪهڙو چڱو مڙس هو. پاڻ ڪهڙو هن ڌرتيءَ جو سپوت هو. محمود غزنويءَ ته وري به سومناٿ مندر جو سون لٽڻ جو اهو ئي بهانو ڪيو ته هو بت شڪن آهي هو اسلام جي خذمت ڪرڻ آيو آهي پر بابر پنهنجي ملڪ مان هلي ڌارين جي ملڪ ۾ پاڻيپٽ جي ميدان ۾ جنهن ابراهيم لوڌي نالي بادشاهه سان جنگ ڪري هن کان حڪومت کسائين، اهو ته مسلمان هو! يا اسانجي ڪچي جا سنڌي ڌاڙيل ڇا سنڌين کي ڇڏيو ڏين؟ اسان جا سنڌي مسلمان حاڪم جن کي اسان جي ماڻهن ئي ووٽ ڏئي مٿي آندو آهي انهن ۾ جيڪي ڦورو ۽ پئسو ٺاهڻ وارا آهن، اهي پنهنجي ۾ ئي مگن آهن - هنن کي ڪهڙو فڪر پنهنجي هم زبان ۽ هم مذهب جو، جيڪي ڀلي Aids جو شڪار ٿي وڃن، ڪتن جي چڪن کان ڦٿڪي ڦٿڪي مري وڃن. ترقياتي ڪمن جو پئسو به سندن اڪائونٽ ۾ جمع ٿيندو رهي، غريب عوام لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول، روڊ ۽ رستا ٺهڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سو بابر پاڻ ئي غاصب هو جنهن ڌارين جي ڌرتيءَ تي اچي راڄ ڪيو. اهڙي طرح پورچوگالي به مغلن وانگر ئي ٿيا. بلڪه ڏٺو وڃي ته پورچوگالي ته مغلن کان به اڳ آيا. واسڪو ڊاگاما جڏهن 1498ع ۾ ڪاليڪٽ آيو - يعني جڏهن هو هندوستان جي ڪناري تي پهتو ته ان وقت ته انڊيا ۾ ڪنهن مغل بادشاهه جو نالو نشان به نه هو. بابر به پنهنجي افغاني/ اذبڪستاني ڳوٺ سمرقند ۽ فرغانا جي وچ ۾ ڌوڙ پئي پاتي. هو ان وقت 15 سالن جو هو. واسڪو ڊاگاما جي پهچڻ کان 28 سال پوءِ بابر پاڻيپٽ جي ميدان ۾ ابراهيم لوڌيءَ کي شڪست ڏئي انڊيا جو حاڪم ٿيو. سچي ڳالهه ته اها آهي ته ان وقت جي پورچوگالي چاهين ها ته هنن جا ڏهه ماڻهو پنهنجي جديد اصلح (بندوقن ۽ Cannons) سان بابر جي لشڪر تي اڌ ڪلاڪ ٺڪا ٺوڪي ڪن ها ته مغلن جا سڀ وڏا پهلوان تتر بتر ٿي وڃن ها. مغل بادشاهه ته سئو سالن بعد به اهڙا هٿيار تيار ڪري نه سگهيا ۽ نه فوج ٺاهي سگهيا.... نه تعليم ۽ صحت تي ڌيان ڏئي سگهيا ۽ نه وري ڪارخانا يا اريگيشن سسٽم ٺاهي عوام کي روزگار مهيا ڪري سگهيا. بس گهڻو زور هنن ڪبوتربازي، ملهه بازي، حرم وڌائڻ ۽ نشي – ڀنگ ۽ آفيم تي ڏنو.
پوچورگالي بنا ڪنهن شڪ جي اڪيلي يورپي قوم جي حيثيت ۾ انڊين اوشن (هندي وڏي سمنڊ) جي مختلف حصن تي هڪ صديءَ کان جهازن جي ڦرلٽ ڪندا رهيا. هنن جا اهم شڪار اُهي جهاز هئا جيڪي بحر احمر (ڳاڙهي سمند) جي بندرگاهن کان نڪتا ٿي جو اهي عربستان، يمن ڏي مال وڪڻي سون ۽ چاندي جي سڪن جي صورت ۾ ناڻو کڻي موٽيا ٿي.
تقريبن هڪ سئو سالن بعد ٻيا يورپي، خاص ڪري انگريز ۽ ڊچ هندي وڏي سمنڊ جي منظر تي آيا. انگريزن جي انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو انڊيا ۾ پهريون جهاز 24 آگسٽ 1608ع تي انگريز ڪئپٽن وليم هاڪنس (William Hawkins) جي ڪمانڊ ۾ گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ پهتو هو. انهن ڏينهن ۾ انڊيا تي حڪومت مغل شهنشاهه جهانگير جي شروع ٿي هئي. انگلنڊ ۾ ڪِنگ جيمس بادشاهه هو جنهن طرفان وليم هاڪنس 25000 سون جون مهرون (سڪا) ۽ خط جهانگير بادشاهه لاءِ کڻي آيو، جيئن ان تحفي ذريعي انڊيا ۾ انگريزن لاءِ سهولتون حاصل ڪري سگهجن. هن جي بدبختي چئجي جو سورت ۾ لنگر انداز ٿيڻ تي ڪجهه ڏينهن اندر گجرات جي گورنر طرفان هنن جي آندل سون جي ڦر ڪئي وئي. ان بعد هاڪنس جهانگير جي درٻار ڏي روانو ٿي ويو. هن کي ترڪ ٻولي آئي ٿي جنهن ذريعي هن جهانگير کي بيحد متاثر ڪيو. ايتري قدر جو جهانگير خوش ٿي هن انگريز کي هڪ آرمينين عيسائي دوشيزه تحفي طور ڏني. هاڪنس مغل ڪورٽ ۾ ڪيترائي مهينا ڦرندو رهيو پر هو انگريزن لاءِ انڊيا ۾ واپار ڪرڻ يا ڪارخانا هڻڻ جي سندَ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. آخرڪار 1611ع ۾ انگلنڊ ڏي روانو ٿي ويو.
ڪجهه مهينن بعد 1612ع ۾، انگلنڊ جي ڪنگ جيمس اول جي حڪم تي انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ڪئپٽن بيسٽ کي سورت موڪليو جيئن هو مغل شهنشاهه جهانگير کان انگريزن جي واپار لاءِ اجازت حاصل ڪري.
ڪئپٽن بيسٽ جي سورت پهچڻ تي، انڊيا ۾ موجود پورچوگالين، هن کي داٻو ڏيارڻ ۽ ڊيڄارڻ خاطر هن جي جهازن تي حملو ڪرايو جنهن جي جواب ۾ ڪئپٽن بيسٽ هنن کي ملهه ماري وڌي ۽ سڀ حيران ٿي ويا. سورت جي گورنر جهانگير بادشاهه سان هن مقابلي جو سربرستو احوال ڪيو. ان بعد سڀني محسوس ڪيو ته بادشاهه سلامت جي طبيعت جو انگريزن ڏي لاڙو بهتر ٿي ويو. گورنر جي چوڻ تي جهانگير بادشاهه جنوري 1613ع ۾ انگريزن کي واپار جون سهولتون ڏيڻ جو فرمان جاري ڪيو. پورچوگالين کي جهانگير جي اها ڳالهه پسند نه آئي ڇو جو پورچوگالين انڊيا ۾ اڪيلي موج مزا ڪرڻ ٿي چاهيا. يعني اڪيلي ڦرلٽ ڪرڻ ٿي چاهي. هنن نٿي چاهيو ته هن ديڳ مان ڪنهن ٻئي کي به ڪو فائدو رسي - پوءِ اهو ٻيو ڀلي سندن عيسائي ڀاءُ انگريز هجي يا هم علائقائي يورپي هجي. اهو سوچي پورچوگالين قزاقيءَ (سامونڊي ڦر) جي هڪ اهڙي واردات جي رٿا ٺاهي جنهن ۾ جهانگير بادشاهه جي خواري ۽ گهٽتائي ٿئي. جيئن جهانگير جي ناموس ۽ رعب تاب کي ڇيهو رسي. هنن جهانگير بادشاهه جي خاندان جي هڪ مشهور جهاز رحيمي (Rahimi) کي هاءِ جئڪ (اغوا) ڪيو جيڪو حاجين ۽ مال کي عربستان ۽ واپس سورت (انڊيا) پهچائڻ مان خوب ناڻو ڪمائي رهيو هو. سندن جهازن جي ٽولي ۾ هي جهاز سڀ ۾ وڏو ۽ ناليرو هو.
جهانگير بادشاهه کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ - جيئن هو هنن (پورچوگالين) جي ڳالهه مڃي انگريزن کي واپار جي اجازت نه ڏئي، سيپٽمبر 1613ع ۾ پورچوگالين “رحيمي” جهاز کي اغوا ڪيو. جيتوڻيڪ هن جهاز وٽ پورچوگالين طرفان ڏنل پاس (Cartaz) موجود هئي جنهن تحت پورچوگالين جي ذميواري هئي ته اهڙي جهاز کي ڪي به ڌاريان يا پورچوگالي قذاق ڦرلٽ نٿا ڪري سگهن. پر ان هوندي به پورچوگالي قزاقن هن جهاز تي حملو ڪري، هن کي اغوا ڪيو. هن جهاز تي هڪ ته حاجي هئا جيڪي حج ڪري پنهنجي وطن (انڊيا) ڏي موٽي رهيا هئا. ان کان علاوه هن جهاز تي ٽي لک پائونڊن جو ڪارگو (سامان) پڻ هو. پورچوگالي قزاقن حاجين ۽ جهاز کي گرفتار ڪري گوا موڪليو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن جهاز جي مالڪڻ، تجارت جي ماهر ۽ جهازراني جي ڄاڻو عورت – جنهن جو مٿي ذڪر ڪري چڪو آهيان، هڪ مشهور شخصيت “مريم زماني” هئي.
ڏٺو وڃي ته تڏهن توڙي اڄ، جهاز هلائڻ ڪو اهڙو ڏکيو ڪم ناهي- چاهي نيويگيشن جي خيال کان يا جهاز جي مشينري صحيح رکڻ کان. البت جهاز جو ڪاروبار هلائڻ ڏکيو ڪم آهي. اڄ به اسان ورتل تعليم ۽ سکيا موجب جهاز کي هڪ بندرگاهه کان ٻئي تائين وٺي وڃون ٿا. رستي تي طوفانن ۽ خراب سمنڊن جون به مصيبتون اچن ٿيون... يا وڌ ۾ وڌ سمنڊ تي جهاز جي خراب ٿيڻ تي اسان کي اها خرابي دور ڪري جهاز کي بندرگاهه تائين پهچائڻو پوي ٿو. بس! پوءِ اهو جهاز جي مالڪ جي مٿي جو سور آهي جيڪو ان جهاز جي وڏي خرابيءَ جي حالت ۾ بندرگاهه جي مقامي ورڪ شاپ ذريعي مرمت ڪرائي ٿو. جهاز تي چڙهيل سامان لهرائي ٿو ۽ اڳتي جي لاءِ سامان هٿ ڪري ٿو. يعني ڀاڙي جي ڳولا ڪري ٿو. هو جهاز وارن لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿو، ڪيترن ئي قانوني ڦڏن کي ڪورٽ ۾ منهن ڏئي ٿو. جهاز هلائڻ وارن لاءِ پگهار ۽ دوا درمل جا بندوبست ڪري ٿو.... وغيره وغيره. اهي سڀ ڪم جهاز جي مالڪ جا آهن. اهي سڀ مونجهارا “شپ اونر” جا آهن. تڏهن ته چوان ٿو ته جهاز هلائڻ سولو ڪم آهي پر جهاز جو ڪاروبار هلائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، مالڪ کي جهاز جون پريشانيون هارٽ اٽيڪ ڏيو ڇڏين. اڳئين زماني ۾ ته “رحيمي” جهڙا سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا ڪمزور جهاز هئا جيڪي اڪثر سمنڊ جي لهرن ۽ مخالف هوائن ڪري بتال ٿي ويا ٿي، جن کي هر وقت قذاقن جو خوف هو... جهاز جي مالڪن کي انهن جهازن جي مرمت جو به بندوبست ڪرڻو پيو ٿي ته قزاقن کي به وقت تي ڀتو پاڻي پهچائڻو پيو ٿي. ان کان علاوه جهاز تي چاڙهڻ لاءِ سودي جي چونڊ ۽ خريداري به پاڻ ڪرڻي پئي ٿي ۽ سوچڻو پيو ٿي ته ڪهڙي وکر مان چار پئسا ڪمائي سگهبا ۽ اهو ڪم وري هڪ عورت لاءِ هلائڻ ته اڃا به ڏکيو سمجهڻ کپي.
مريم زمانيءَ وٽ نه فقط اهو هڪڙو “رحيمي” نالي جهاز هو پر ٻيا به ڪيترائي مالبردار جهاز (Cargo Ships) هئا جن کي هن پنهنجي ملڪ (انڊيا) جي عربي سمنڊ، بحر احمر ۽ خليج فارس سمنڊن جي بندرگاهن جي وچ ۾ هلايا ٿي. مريم زماني جي هن “ڪارگو ڪَم پئسينجر” جهاز رحيمي سان هن 1613ع واري واردات کان اڳ، ٻيا به ڪيترا دفعا پورچوگالي ۽ هڪ دفعو انگريز قذاقن ننڍيون ننڍيون ڦريون ڪيون هيون.
1609ع ۾ مريم زمانيءَ جو هڪ مالبردار جهاز انڊيا جي ملبار ڪناري وارن بندرگاهن مان سامان چاڙهي موچا (Mocha) ڏي وڃي رهيو هو. موچا جنهن کي عرب، ايراني توڙي اسان “مخا” سڏيون ٿا، بحر احمر ۾ يمن جو انهن ڏينهن ۾ مشهور بندرگاهه هو. عدن گهڻو گهڻو پوءِ مشهور ٿيو. اسان ڪراچيءَ کان جيئن ئي جدي ڏي بحر احمر سمنڊ ۾ داخل ٿيون ٿا ته بحر احمر (ڳاڙهو سمنڊ) شروع ٿيڻ کان پهرين يمن جو بندرگاه عدن اچي ٿو. ان بعد ڳاڙهي سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ تي “موخا” اچي ٿو. بهرحال عدن ۽ هديده (Hydaydah) بندرگاهه اوڻهينءَ صديءَ ۾ مشهور ٿيا نه ته پنڌرهين کان ارڙهين صديءَ تائين هن علائقي ۾ “موخا” اهم ترين ۽ مشغول بندرگاهه هو جتان دنيا جي مشهور ڪافي “موخا ڪافي” يورپ ڏي وئي ٿي. اها ڪافي پنهنجي خاص سواد ۽ سڳنڌ ڪري اڄ به مشهور آهي ۽ هن تي اهو نالو هن بندرگاهه موخا تان پيو. جيتوڻيڪ اها ڪافي موخا ۾ نه پر اوسي پاسي جي علائقن ۾ ٿئي ٿي پر ان جو نالو ”موخا ڪافي“ ان ڪري مشهور ٿيو جو اها ڪافي هن بندرگاهه مان جهازن تي چڙهي ٿي، جيئن سمجهو ته پاڻ وٽ ڪُنريءَ جا مرچ يا ٺيڙهيءَ جي کجي مشهور آهي، جيڪا انهن شهرن ۾ نه پر آسپاس جي ٻهراڙيءَ ۾ ٿئي ٿي. موخا بندرگاهه “سلطنت عثمانيه” جي به قبضي ۾ رهيو جن جو سڀني جهازن کي سختيءَ سان چيل هو ته بحر احمر ۾ داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ وقت هر جهاز کي اڪٽ (ٽئڪس) جي ادائيگي ڪرڻي آهي. موخا ۾ يمني عربن کان علاوه ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۽ مذهبن جا واپاري رهيا ٿي. سترهين صديءَ ۾ رڳو يهودي واپارين جا موخا ۾ 400 گهر هئا.
افسوس جو ارڙهين صديءَ ۾ پليگ وگهي موخا شهر جي اڌ آدمشماري مري وئي. ان بعد موخا شهر وري نه اڀري سگهيو. فرينچ، ڊچ ۽ انگريز بس جيئن تيئن ڪري پنهنجا ڪافي ٺاهڻ جا ڪارخانا هلائيندا رهيا. بهرحال رحيمي جهاز واري واردات پليگ کان اڳ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي جو مريم زمانيءَ جو جهاز موخا ۾ مال جو وڪرو ڪري پئسو کڻي پئي موٽيو ته پورچوگالين جهاز وارن کي ڌمڪي ڏني ته هيترو يا هيترو ڀتو ۽ ڪمائي آيل رقم جو ويهه سيڪڙو ڏيو نه ته توهان جي جهاز کي گرفتار ڪري دِيو (Diu) وٺي هلنداسين. انڊيا جي گوا شهر وانگر ان جي ڀرسان اولهه ڪناري تي شهر دِيو تي به پورچوگالين جو قبضو هو جتي هنن جو پورچوگالي ۽ مقامي ماڻهن جو سپاهه رهيو ٿي. بهرحال ڏينهن ٻن اندر ڏيتي ليتي مقرر ٿي جنهن جي ادائيگيءَ بعد مريم زماني جي جهاز کي ڇڏيو ويو.
ٻن سالن بعد، 1611ع ۾ مريم زمانيءَ جي هڪ ٻئي جهاز تي وري ڦڏو ٿي پيو. هن جي جهاز تي انڊيا جي بندرگاهه بايانا (Bayana) تان گُلي (نيل، Indigo) لوڊ ٿيڻي هئي. مريم زمانيءَ پنهنجي ايجنٽ کي گُليءَ جو سودو ڪرڻ لاءِ بايانا موڪليو ته ان جي رقم ادا ڪري جهاز تي چاڙهي، ان کي موخا (يمن) پهچايو وڃي. هاڻ جڏهن سڄو سودو طئي ٿي ويو ۽ مريم زماني جو جهاز پهچي ويو ته ان وقت وليم فنچ نالي هڪ انگريز واپاري اتي پهتو ۽ ڪجهه پئسا وڌيڪ ڏئي سودو پنهنجي نالي ڪري ورتو. ان تان ظاهر آهي مريم کي ڪاوڙ لڳي پر في الحال زهر جو ڍڪ پي وئي.
ان قصي کان ٻه سال پوءِ 1613ع ۾ جڏهن پورچوگالين مريم زمانيءَ جو هيفلئگ شپ يعني مهانگو ۽ اهم جهاز رحيمي (Rahimi) قبضي ۾ ڪيو ته مريم آپي مان نڪري وئي. هن ان وقت جي مغل بادشاهه جهانگير سان شڪايت ڪئي جنهن جڏهن ڏٺو ته پورچوگالي “رحيمي” جهاز نه ڏيندا ته هن پورچوگالين لاءِ سورت بندرگاهه ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هڻي ڇڏي جيڪو ان وقت انڊيا جو سڀ کان وڏو بندرگاهه هو. ان کان علاوه پورچوگالين جي شهر دامان (Daman) کي به بند ڪرائي ڇڏيو. آگري ۾ پورچوگالين جو گرجا گهر (چرچ) هو. جهانگير ان کي به تالا لڳرائي ان جي پادرين کي مغل سلطنت طرفان قائم ٿيل الائونس روڪرائي ڇڏيو.
پورچوگالين دراصل رحيمي جهاز کي اغوا ان ڪري ڪيو جو هنن کي اها ڳالهه نه پئي وڻي ته ڪنهن ٻي يورپي قوم کي انڊيا ۾ سهولتون ملن. سو پورچوگالين جهانگير بادشاهه تي حاجين جو جهاز رحيمي واپس ڪرڻ جو اهو شرط وڌو ته هو سڀني انگريزن کي انڊيا مان ڪڍي ڇڏي. اها ڳالهه جهانگير قبول نه ڪئي، ان ڪري فيصلو نه ٿي سگهيو. 1614ع ۾ پورچوگالين جي اصلح سان ڀريل جهاز گوا ۾ بيٺل عربن ۽ انڊين جي 120 جهازن کي ساڙي ڇڏيو جن ۾ رحيمي (حاجين جو جهاز به هو) . بعد ۾ پورچوگالين کي شايد پڇتاءُ ٿيو جو هنن ان جهاز جي بدلي ۾ جهانگير کي 3 لک روپيه ڀري ڏنا جو اهو جهاز رحيمي نه فقط حاجين جو جهاز هو پر ان جي مالڪڻ “مريم زماني” وقت جي شهنشاهه جهانگير جي والده محترم ۽ وفات ڪري ويل اڪبر اعظم شهنشاهه جي لاڏلي راڻي هئي.
اجورو وٺڻ جي باوجود جهانگير پورچوگالين کي بعد ۾ لفٽ نه ڪرائي. هن پنهنجي درٻار ۽ سلطنت ۾ ڪم ڪندڙ سڀني پورچوگالين کي ڪڍي انگريزن جي مٿي تي هٿ رکيو.
هتي اسان مٿي بيان ڪيل ان تاجر (Trader) عورت “مريم زمانيءَ” جي ڳالهه ڪنداسين جيڪا شهنشاهه جهانگير جي والده هئي ۽ شاهي خاندان جي هجڻ جي باوجود واپار وڙي ۽ انتظاميه ۾ وڏي قابل عورت هئي. هوءَ نه فقط جهازن جي مالڪڻ هئي پر انهن تي چڙهندڙ ۽ لهندڙ مال جو سودو ۽ مختلف بندرگاهن ۾ وڪرو ڪرڻ جو فيصلو به پاڻ ٿي ڪيو. انهن ڏينهن ۾ ائين ئي ٿيو ٿي. يعني اهي سڀ ڪم جهاز جي مالڪ کي ئي ڪرڻا پيا ٿي. بلڪه ان کان اڳ ته جهاز هلائڻ وارا Navigators به اهي ئي هوندا جيڪي جهازن جا مالڪ ۽ مال جو سودو ڪرڻ وارا هئا. يعني شاهه لطيف جنهن وڻجاري جي ڳالهه ڪري ٿو اهو “ٿري اِن ون” هوندو هو. يعني هو جهاز جو مالڪ هو، جهاز تي چاڙهيل سامان جو به مالڪ هو ته هوائن جي رخ مطابق هو ئي جهازن کي پرڏيهه هاڪاري ويو ٿي يعني ناکئو (Navigator) به هو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته مريم زماني ان دور جي وڏي قابل عورت هوندي جنهن سوچي سمجهي مال جي خريداري ڪئي ٿي ۽ ان جي وڪري لاءِ بندرگاهن جي چونڊ ڪئي ٿي، جهاز هلائڻ لاءِ يورپي توڙي لوڪل ناکئن جي چونڊ ڪئي ٿي، جهازن جي ضرورت موجب مرمت ڪرائي ٿي ۽ مختلف بندرگاهن ۾ ٽئڪس جي ادائگي ڪئي ٿي.
هتي اهو به لکندو هلان ته شهنشاهه جهانگير جي ماءُ جو اهو نالو “مريم زماني” جيڪو اسلامي لڳي ٿو سندس “نالو” نه پر “خطاب” آهي جيڪو سندس مڙس شهنشاهه اڪبر اعظم پٽ ٻار (جهانگير) ڄڻڻ جي خوشيءَ جي موقعي تي هن کي عطا ڪيو هو. هن جو اصل نالو “جوڌا ٻائي” هو ۽ هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين هندو رهي. ايتري قدر جو پوڄا پاٺ لاءِ هن کي سندس مڙس اڪبر اعظم شاديءَ کان اڳ ڪيل وعدي مطابق محل ۾ ذاتي مندر ٺاهي بتن جي پوڄا ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
اسانجو پڙهندڙ جنهن اٺين يا نائين ڪلاس ۾ “انڊو پاڪ” جي جيڪا تاريخ پڙهي آهي - يا پڙهائي وئي آهي، ان ۾ ڏنل مغل بادشاهن مان هر هڪ تي اڌ اڌ صفحي جي ڪهاڻيءَ ۾ هر بادشاهه لاءِ فقط اهو ئي آهي ته هي مغل بادشاهه به نيڪ نمازي ۽ تهجد گذار هو ته هو بادشاهه به ديندار ۽ نيڪ هو. هي بادشاهه به انصاف پسند ۽ فقير طبيعت جو هو ته هو بادشاهه به هٿ جي پورهئي سان ٽوپين تي ڀرت ڪري گذر سفر ڪندو هو... سي شاگرد وڏا ٿي جڏهن ان قسم جي ڳالهه دنيا جي تاريخن ۾ پڙهن ٿا ته اڪبر جهڙي کي قرآن شريف پڙهڻ ته ڇا پنهنجو نالو “اڪبر” به پڙهڻ نٿي آيو، جن مغل بادشاهن جو سڄو زور حرم وڌائڻ تي هو ۽ جيڪي همايون کان جهانگير ۽ هيٺ تائين ڪچي شراب ۽ ڀنگ ۽ چرس ۾ غرق رهيا ٿي - جن حڪومتون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڀائرن ۽ چاچن کي به قتل ڪري ٿي ڇڏيو يا اکيون ڪڍرائي ٿي ڇڏيون، جن پنهنجي والد محترم کي به جيل ۾ اڇلائي ٿي ڇڏيو... اهي ڳالهيون پڙهي هو وائڙا ٿيو وڃن. انهن پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته ان وقت جي بادشاهن لاءِ ته اهي عام ڳالهيون هيون. ان جي باوجود هو اسان جا مسلمان ڀائر ٿي سمجهيا ويا. وڏا ديندار ۽ نيڪ سمجهيا ويا ٿي جو طاقت هنن جي هٿ ۾ هئي. عوام هنن جو محتاج هو. جيئن اڄ اسان جي مسلمان حاڪمن ۾ ڪيترا شراب، شباب ۽ رشوت خوري جا پوڄاري آهن. بقول ملائيشيا جي هڪ سياستدان - شايد مهاتير - خوب چيو ته پاڪستاني حاڪم ۽ ڪامورا رڳو حلال کاڌو کائڻ کي مسلماني سمجهن ٿا، حلال رزق حاصل ڪرڻ جو فڪر نه اٿن. مغل بادشاهن جو به اهو حال هو. اسلامي ڪم ڪو به نه پر هر هڪ پاڻ کي سڀ کان وڏو مسلمان سڏيو ٿي. مثال طور اسلام ۾ وڌ ۾ وڌ چئن شادين جي اجازت آهي پر هتي توهان کي ڪيترن ئي مسلمان بادشاهن جي زالن جي ڊگهي لسٽ ملندي جن مان درٻار جي پگهاردار مولوين حرم جي انهن عورتن کي ڪنيزائون ۽ ٻانهيون سڏي پنهنجي حاڪم بادشاهه سلامت کي تحفظ ۽ مذهبي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي.
مغل بادشاهه جهانگير جي نه فقط والده مريم زماني (اصل نالو جوڌا ٻائي) هندو هئي پر پاڻ به جتي ٻه ڊزن کن مسلمان عورتن سان آفيشلي شادي ڪيائين اتي گهٽ ۾ گهٽ ست زالون ته هندو ڌرم جون هيون جن جا نالا تاريخ ۾ جتي ڪٿي نظر اچن ٿا. (سرتين، ٻانهين جو ته ڪاٿو ئي نه هو). جهانگير بادشاهه 1569ع ۾ ڄائو (يعني شاهه لطيف کان پورا 120 سال اڳ) ۽ هن سورهن سالن جي ڄمار ۾ يعني 1585ع ۾ جيڪا پهرين شادي ڪئي اها سندس مامي ڀڳونت داس (جوڌا ٻائي جي ڀاءَ) جي ڌيءَ “راجڪماري مَان ٻائي” سان ڪئي، جنهن مان کيس “خسرو مرزا” ڄائو. هڪ سال بعد 1586ع ۾ هن ٻي شادي پڻ هڪ راجپوت شهزادي “جڳت گوسين بيگم” سان ڪئي جيڪا “تاج بيبي بلقيس” جي نالي سان مشهور ٿي. شهزادو خرم (شاهجهان) جيڪو جهانگير بعد تخت تي ويٺو هن هندو زال مان هو. هوءَ مارواڙ جي “راجا اُڌئي سنگهه” جي ڌيءَ هئي. ان ئي سال، يعني 1586ع ۾ شهنشاهه جهانگير بڪانير جي مهاراجا “راجا راءِ سنگهه” جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ ٻئي سال 1587ع ۾ هن جيسلمير جي مهاراجا جي ڌيءُ “ملڪ جهان بيگم” سان شادي ڪئي. ان بعد ٻئي سال 1988ع ۾ هن “راجا دريا ملڀاس” جي ڌيءَ سان شادي ڪئي جيڪا ڪا اهڙي اهم راڻي نٿي لڳي جو هن جي نالي جي خبر نٿي پوي. 1591ع ۾ جهانگير راجا ڪشوداس راٺوڙ جي ڌيءَ “ڪرم ناسي بيگم” سان شادي ڪئي ۽ 1608ع ۾ امبر جي راجا جڳت سنگهه جي ڌيءَ “ڪوڪا ڪماري بيگم” سان شادي ڪئي. انهن شادين جي وچ ۾ ۽ بعد ۾، هن ڪيترين ئي مسلمان عورتن سان پڻ شادي ڪئي، پر هتي آئون سندس فقط هندو زالون ان ڪري لکي رهيو آهيان ته پڙهندڙن کي Idea ٿئي ته ان دور جي مسلمان بادشاهن ۾ ڪنهن ڌارئين مذهب مان شادي ڪرڻ يا چئن کان وڌيڪ زالون رکڻ ڪا عيب جهڙي ڳالهه ئي نه هئي. وقت جي مولوين، يعني درٻاري پگهاردار مولوين پنهنجي حاڪمن جي هر ڳالهه کي عين اسلامي قرار ٿي ڏنو. توهان جي بالي ووڊ جي فلم “جوڌا اڪبر” ڏٺي هوندي (جنهن ۾ ايشوريا راءِ جوڌا ٻائي ٿي آهي) ته ان فلم ۾ شهنشاهه اڪبر جي شوق کي ڏسي درٻار جو مولوي اڪبر جي ان ڪم يعني هندو ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ کي گهمائي ڦيرائي اهڙي فتوا ٿو ڏئي جو هو نه فقط ان شاديءَ کي عين ثواب ٿو ثابت ڪري پر جوڌا ٻائيءَ جي ان ضد کي ته هوءَ هندو ئي رهندي ۽ گهر ۾ مندر ٺاهي بتن جي پوڄا کي قائم رکندي، واري ڳالهه تي به مولوي صاحب اعتراض نٿو ڪري. ظاهر آهي هن کي بادشاهه سلامت طرفان پگهار ٿي مليو. ان معاملي ۾ هڪ ٻيو مولوي ٿوري اڙي ٿو هڻي ته اڪبر هن کي يڪدم چوي ٿو ته تون هاڻ پوڙهو ٿي ويو آهين. تنهنجو دماغ ڪم نٿو ڪري. مهرباني ڪري مَڪي هليو وڃ .... يعني درٻار جي نوڪريءَ جي پچر ڇڏ.
بهرحال پاڻ شهنشاهه جهانگير جي والده مريم زماني (جوڌا ٻائي) تاجر - اسان جهاز وارن جي زبان ۾ “شپنگ مئگنيٽ” جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪا منهنجي نظرن ۾ پنهنجي فيلڊ ۾ هڪ بيحد قابل عورت چئي سگهون ٿا - جنهن نه فقط ٻين راڻين کان وڌيڪ پاڻ وڻايو ۽ شهنشاهه اڪبر جي فئوريٽ زال ٿي رهي .... پر عورت ٿي ڪري شپنگ جهڙو پيچيدو ۽ ڏکيو ڪاروبار به سنڀاليو.
مريم زماني 1542ع ۾ ڄائي. هوءَ امبر جي راجا ڀارمل ۽ سندس زال راڻي چمپاوتيءَ جي ڌيءَ هئي. سندس ڄمڻ وقت ڪهڙو نالو هو ان جي لکت ۾ ڪا معلومات ناهي. هوءَ مختلف نالن سان سڏي وئي ٿي جيئن ته هِيرا ڪنواري، هرکا ٻائي ۽ خاص ڪري جوڌا ٻائي جي نالي سان.
جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته هوءَ مرڻ گهڙيءَ تائين هندو ئي رهي. “مريم زماني” سندس نالو نه پر لقب آهي جنهن سان هوءَ تاريخ جي ڪتابن ۽ مختلف Chronicles ۾ سڏي وئي آهي.... ويندي جهانگير جي آتم ڪٿا “تزڪ جهانگيري” ۾ به سندس اهو نالو “مريم زماني” آيو آهي. پر ماڊرن دور ۾ هوءَ جوڌا ٻائي نالي سان وڌيڪ مشهور رهي. هاڻ ته بالي ووڊ جي فلم “جوڌا اڪبر” بعد ته نه فقط پاڻ پر ايشوريا راءِ به جوڌا ٻائي سڏجڻ لڳي آهي جنهن هن فلم ۾ “جوڌا ٻائيءَ” جو ڪردار ادا ڪيو آهي.
چون ٿا ته 1562ع ۾ اڪبر بادشاهه اجمير ۾ حضرت معين الدين چشتي جي مزار تي حاضري ڀري آگري وڃي رهيو هو ته رستي تي سمڀار (راجستان) ۾ هن جي هيءَ شادي ٿي. شهنشاهه اڪبر لاءِ مشهور آهي ته هن ڪيترين ئي راجپوت ڇوڪرين سان شادي ڪئي ۽ نه فقط جوڌا ٻائي (مريم زمانيءَ) کي پر ٻين کي به مسلمان ٿيڻ تي زور نه ڀريو ۽ هو پنهنجي ڌرم جون سموريون ريتون رسمون محل ۾ ادا ڪنديون رهيون.... بلڪه ڪيترا دفعا اڪبر بادشاهه پاڻ به انهن رسمن ۾ شريڪ ٿيو ٿي. ساڳي وقت هن راجپوت راڻين (زالن) جي اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هنن مان ڪنهن به درٻار جي ڪمن ۾ دخل اندازي نه ڪئي. هو ٻيا شوق - گهمڻ ڦرڻ يا سير شڪار کان ويندي شپنگ جهڙا ڌنڌا ۽ واپار ضرور ڪنديون رهيون.
1623ع ۾ مريم زماني، يعني جوڌا ٻائي جي وفات ٿي. سندس مقبرو آگري جي علائقي سڪندريا ۾ آهي، جيڪو سندس پٽ جهانگير ٺهرايو. جهانگير سندس نالي سان لاهور ۾ “مسجد مريم زماني بيگم صاحبه” پڻ ٺهرائي. هيءَ مسجد لاهور جي پراڻي علائقي ۾ مستي گيٽ اندر آهي. هيءَ مسجد 1611ع کان 1614ع تائين ٺهي راس ٿي هئي يعني هي اهي سال آهن جن ۾ حاجين جي جهاز رحيميءَ وارو واقعو ٿيو هو. هن مسجد جي ڪجهه حصي ۾ مهاراجا رنجيت سنگهه پنهنجي دورِ حڪومت ۾ بارود (Gun powder) جي فئڪٽري به ٺاهي هئي. ان ڪري هيءَ مسجد “بندوقخاني واري مسجد” به سڏجي ٿي.
جوڌاٻائي- يعني مريم زماني 2008ع جي فلم “جوڌا اڪبر” ۾ مشهور ٿي پر ان کان اڳ 1960ع جي فلم “مغل اعظم” ۾ به ڏيکاري وئي آهي جنهن ۾ سندس رول فلم ائڪٽريس درگا کوٽي انجام ڏنو آهي. هينئر تازو اسٽار انڊين ٽي وي تان ايڪتا ڪپور جو تاريخي ڊراما سيريز هلي رهيو آهي جنهن ۾ جوڌا ٻائيءَ جو پارٽ ٽي وي ائڪٽريس پاريڌي شرما ڪري رهي آهي.