يورپي هندي سمنڊ ڳوليندا رهيا
يورپي قومن کي آمريڪا ته ائين ئي نظر اچي ويو، پر هنن کي سالن کان جنهن سمنڊ تائين پهچڻ جي جستجو ۽ ڳولا هئي اهو “هندي وڏو سمنڊ” هو. هنن کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته اٽلي، اسپين، يونان، انگلينڊ، پورچوگال، بيلجم، هالينڊ جهڙن يورپي ملڪن (جيڪي ميڊيٽرينين ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي آهن، انهن) جي بندرگاهن کان جهاز کي ڪڍي ڪهڙو طرف ڏئي هندي سمنڊ ۾ پهچون. اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن کي ان وقت اها به پڪ نٿي ٿي ته هندي وڏو سمنڊ (انڊين اوشن) ائٽلانٽڪ سمنڊ سان ڪٿي گڏجي به ٿو يا بحراسود (Black Sea) وانگر هڪ ٽب مثل آهي. هو اتر طرف ٻيڙا هاڪاري ويا ٿي ته جرمني، پولينڊ، ڊئنمارڪ بعد ناروي ڦورن (Vikings) جو ملڪ آيو ٿي، جن کان هرڪو ڊنو ٿي ۽ پهلواني ڏيکاري هو اتر طرف وڌيڪ اڳتي وڌيا ٿي ته هنن کي سياري جا نو مهينا ته، سمنڊ ڄميل برف جهڙو مليو ٿي، جنهن ۾ سندن سڙهن تي هلندڙ ڪاٺ جا جهاز ان برف ٿي ويل سمنڊ ۾ ڦاٿا ٿي يا انهن برفاني ڇپن سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿيا ٿي.
يورپ جي ملڪن جا جهازران ميڊيٽرينين سمنڊ ذريعي اوڀر ڏي ويا ٿي (جو مارڪو پولو جي سفرنامي بعد هنن کي اها ته پڪ ٿي وئي هئي ته انڊيا، چين، جپان، انهي ئي پاسي آهي پر هنن کي اڳتي وڃڻ جي واهه نٿي مِلي جو انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال جهڙو گس نه هو جتان لنگهي اوڀر جي دنيا ۾ اچي سگهن جيئن اڄ ڪلهه اسان ٿا ڪريون. اسان يورپي ملڪن جي بندرگاهن مان ٿي پنهنجي ملڪ پهچڻ لاءِ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ جبرالٽر وٽان داخل ٿي اوڀر ڏي آخري ڇيڙي واري ملڪ مصر تائين اچي، هٿرادو کوٽايل سئيز ڪئنال ذريعي ايشيا جي ڳاڙهي سمنڊ (Red Sea) ۾ داخل ٿيون ٿا. بحر احمر (ڳاڙهي سمنڊ) جي هڪ پاسي سعودي عرب ۽ يمن آهي ته ٻئي پاسي سوڊان، اريٽيريا ۽ جبوتي آهن. عدن جي بندرگاهه بعد اسانجو “عربي سمنڊ” شروع ٿيو وڃي جيڪو هندي وڏي سمنڊ جو حصو آهي. پر سئيز ڪئنال جي کوٽائيءَ کان اڳ ميڊيٽرينين سمنڊ کان هندي سمنڊ ۾ پهچڻ ناممڪن ڳالهه هو ۽ سئيز ڪئنال ته گهڻو گهڻو پوءِ 1860ع واري ڏهاڪي ۾ کوٽيو ويو ۽ ان جي کوٽائي يعني ان ذريعي ميڊيٽرينين کي بحر احمر سان ملائڻ تڏهن ممڪن ٿي سگهيو جڏهن يورپين کي سڄي دنيا جي سمنڊن ۽ کنڊن (آمريڪا سميت) جي چڱيءَ طرح خبر پئجي چڪي نه ته انڊين اوشين ۾ پهچڻ لاءِ هنن سوين سال پئي ٻاٿون کاڌيون ۽ ڌڪا هنيا. بعد ۾ گهڻو گهڻو پوءِ پنڌرهين صديءَ جي آخري چوٿائي ۾ هنن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته دنيا گول آهي ۽ ٿي سگهي ٿو مغرب ڏي وڃڻ تي انڊيا جي ٻئي پاسي کان وڃي نڪرجي، نه ته ان کان اڳ ڪنهن کي به اها آئيڊيا نه هئي ته دنيا گول آهي. آئيڊيا به ڪيئن ٿئي جڏهن ته اڃا نه هوائي جهاز ايجاد ٿيا هئا ۽ نه ڪو ٻيڙي يا جهاز رستي دنيا جو ڦيرو ڪري چڪو هو. آمريڪا ۽ يورپ کنڊ جي وچ ۾ جي لڳاتار ٻيٽن جو سلسسلو هجي ها ته همٿ ڪرڻ وارا ناکئا هڪ هڪ ٻيٽ تائين ويندا رهن ها ۽ هڪ سال اندر نه ته ٻن ٽن اندر ڪڏهوڪو آمريڪا پهچي وڃن ها. پر يورپ يا آفريڪا کنڊ کان اولهه طرف وڃڻ تي “ڪيپ وردي” ٻيٽن جو جهڳٽو سو آيو ٿي باقي اڳي خير ئي خير هو. يعني سمنڊ بيڪران هو ۽ وڃڻ وارا ڊڄي ٿي ويا ته اڳتي ڪيترا ڏينهن وڌجي. جي ڌرتي ناهي ته پاڻيءَ ۽ کاڌي جو ڇا ٿيندو؟ ان زماني ۾ اڄ جي دور جهڙا وڏا لوهي جهاز نه هئا، جن جي ٽانڪين ۾ مهيني جو به پاڻي گڏ ٿي سگهي ٿو ۽ اڄ جي جهاز تي “فريش واٽر ايوو پريٽر” به آهن جيڪي سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو پاڻي ٺاهيندا رهن ٿا. ان ڪري ڪنهن به ناکئي جي همت نٿي ٿي ته اولهه ڏي وڃي ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪراس ڪجي. انهن ڏينهن ۾ ماڻهن کي جيئن ته اها خبر نه هئي ته هيءَ دنيا گول آهي، ان ڪري هنن سمجهيو ٿي ته هيءَ دنيا رومال وانگر آهي جنهن جي اند (ڇيڙي) تي پهچڻ کانپوءِ جهاز هيٺ خلا ۾ ڪري پوندو. ڪيترن ائٽلانٽڪ سمند ۾ اولهه جو رخ ڪيو پر ان جو جوش ۽ نه کٽڻ ڏسي ٻن ٽن ڏينهن جي سفر بعد موٽي آيا ٿي. ڪي جوش ۾ اچي ڇهه ست ڏينهن اڳتي وڌندا رهيا ته اهي موٽي نه سگهيا جو آمريڪا کنڊ تائين پهچڻ لاءِ، اڃا به ڏهه ٻارهن ڏينهن وڌيڪ وڃن ها ته شايد برمودا يا ويسٽ انڊيز جو ڪو ٻيٽ نظر اچي وڃين ها. پر انهن ڏينهن ۾ هفتو سوا جو سفر به وڏي ڳالهه هو جو پاڻي ۽ کاڌو کٽڻ ڪري هنن جو موت ٿي ويو ٿي ۽ هنن لاءِ ايترن ڏينهن جو واپسي جو سفر ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو ٿي. ان کان علاوه انهن ڏينهن جا ڪاٺ جا ڪمزور سڙهن وارا جهاز ڪٿي ٿي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي سٽ جهلي سگهيا! ٻن ٽن ڏينهن بعد ئي ڪنهن سامونڊي طوفان يا ڇتين ڇولين جي ور چڙهي ٻڏي ويا ٿي ۽ پٺيان سندن پوين اهو ئي تصور ڪيو ٿي ته هو شايد ڌرتيءَ جي آخري حصي تي پهچڻ بعد هيٺ خلا ۾ ڪري پيا.