شاعر پاران
مون به جيڪي ڪجهه لکيو آهي، انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو سڀ اسان جي ماحول، گهُٽ ٻوسٽ ۽ اوندهه جي دين آهي. اهو ته ٿي سگهي ٿو ته هڪ فنڪار پنهنجي ذاتي ۽ انفرادي اهنجن، تڪليفن کي به ٻين ماڻهن جي دکن ۽ تڪليفن سان Collectively گڏ ڪري پيش ڪري، انهيءَ شيءِ جي شدت، انهيءَ احساس جي سطح هر فنڪار جي جدا جدا ٿي سگهي ٿي. تاهم اهو دک، درد، اهنج، تڪليف ڪابه ٻاهران آيل Outwordly نه ٿيندا آهن پر اهي سڀ مظهر اسان جي سماج ۾ هوندا آهن. فنڪار جي تيز نظر ڇهندي آهي ته ان مسئلي يا ان مظهر ۾ جان پئجي ويندي آهي. سمورا نقاد ۽ تاريخدان متفق آهن ته ”مارئي“ تي ٿيل واردات ڀٽائي جي دور کان به ڪافي اڳ جي آهي، پر ”مارئي“ جي ڪردار جي عظمت، حب الوطني، پنهوارن سان پريت وارا نُڪتا ڀٽائي جي قلم جي ڇهڻ سان ئي دنيا جي اڳيان پڌرا ٿيا. وارث شاهه جي ”هير رانجها“ واري ڪٿا به اهڙي دکدائڪ ۽ دل ڀڄائيندڙ ثابت نه ٿئي ها. جيڪڏهن ان ڪٿا ۾ خود وارث شاهه جا ڳوڙها شامل نه ٿين ها. دنيا جا سمورا اديب ۽ شاعر هميشه انهيءَ ڳالهه جا قائل رهيا آهن ته:
خوشتر آن باشد که سر دلبران،
گفته آيد در حديث ديگران.
يعني سٺو ته اهو ئي آهي ته محبوب جو راز هميشه ٻين ماڻهن جي ڳالهه جي روپ ۾ پيش ڪيو وڃي.
دراصل وارث شاهه پاڻ هڪ معزز خاندان جي ڇوڪريءَ ”ڀاڳ ڀري“ سان پريت جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويو ۽ هير جي روپ ۾ وارث شاهه جا پنهنجا وڇوڙي جا ورلاپ هڪ بي مثال ۽ هڪ ڪلاسيڪي ڪٿا جي روپ ۾ ماڻهن جي اڳيا آيا. چوڻ جو مقصد ته ”هير وارث شاهه“ ايتري دل پذير ۽ موثر انهي ڪري ئي ٿي سگهي جو وارث شاهه ان کي پنهنجي دردن جي زبان ۾ دنيا اڳيان پڌرو ڪيو. دراصل سڀ Classics ڪلاڪار جي اندروني درد مان ئي جڙندا آهن. ڪردارن جي منهن مان ڪلاڪار پاڻ مخاطب ٿيندو آهي ۽ بس.
ڪابه ديده ور غواص جي نظر ئي سمنڊ جي گهرائيءَ ۾ لڪيل موتيءَ کي ڳولهي لهندي آهي. مون به جيڪي به لکيو آهي انهي ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهو سڀ اسان جي مخصوص ماحول گهٽ ٻوسٽ ۽ اونداهه جي Ditto Copy آهي. انهي ۾ رنگ، شدت، احساساتي سطح منهنجي پنهنجي آهي، باقي سماج ۾ جيڪي ڪجهه وهي واپري پيو، جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، منهنجي شاعري ۾ به انهي جو ئي اظهار آهي ۽ بس.
آئون تمام گهٽ لکندو آهيان، منهنجو دوست مظهر لغاري چوندو آهي ته ماڻهو جيڪڏهن لکي ته هن جيڪا پنهنجيءَ لکڻيءَ جي سطح رکي آهي، ان کان مٿي لکي يا گهٽ ۾ گهٽ ان کي برقرار رکي، باقي انگ پوري ڪرڻ جي لاءِ، ڪن ڳڻائڻ جي لاءِ نه لکي. آئون به سندس انهيءَ خوبصورت راءِ سان متفق آهيان. ماڻهو لکي ته واقعي روح کي گرمائڻ واري ڪا شيءِ ئي لکي ورنه ٻوڙ هارڻ کان سٺو آهي ته چُپ رهجي.
آئون ايتري شدت، جذباتي گرمي ۽ احساساتي ڪيفيت ڪٿان آڻيندو آهيان جو منهنجي لکيل شيءِ ماڻهن تي ڪجهه اثر انداز ٿيندي آهي؟
ته آئون سمجهان ٿو ته انهيءَ ڳالهه ۾ به منهنجو پنهنجو ذاتي ڪمال ڪونهي. منهنجا سمورا ڪردار ايترا ته سگهارا آهن جو انهن جو شايان شان، اسلوب ٻولي ۽ لهجو ازخود انهن ڪردارن جي طرفان ئي مون کي حاصل ٿيندو آهي. منهنجيءَ شاعري جي ٻوليءَ تي به منهنجي ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن کي ڪجهه اعتراض آهن ته اها پراڻي سنڌي متروڪ ٿي ويئي آهي ته انهي جي جواب ۾ آئون اهو ئي چوندس ته اها ٻولي اسان جي شهرن ۽ ماڊرن انگريزي گزيده خاندانن مان متروڪ ٿي ويئي هجي ته اسان جي واهڻن، وٿاڻن، کيتن، ولهارن، جهنگلن ۽ ٻيلن ۾ اها ٻولي اڃان به استعمال ٿي رهي آهي. لسانيات جي ماهرن Linguisticians ۽ تعليمدانن جي Educationists جي راءِ ته اها ئي آهي ته ٻهراڙين ۽ جهنگلن جي ٻولي معياري Standardize ۽ مستند Authentic هوندي آهي.
ڪتاب جو دير سان ڇپجڻ به هڪڙو وضاحت طلب نقطو آهي، هن دير ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڏاڍو کل جوڳو ۽ ناقابل يقين سبب آهي. اهو ايئن ته زندگي جي سڀني معاملن ۾ آئون لاپرواهه رهيو آهيان ۽ منهنجي انهيءَ سموري لاپرواهي جو سڀ کان گهڻو اثر منهنجيءَ شاعري جي تخليق ۽ ڇپجڻ تي پيو آهي.
مسودو يعني ڊائريون ۽ ڪاپيون اڄ کان ڏهه يا ٻارنهن سال اڳي منهنجي دوست حفيظ قريشيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيم ۽ وکريل سکريل مواد دراصل مون کان پاڻ کان به سهيڙجي نه پئي سگهيو.
حفيظ صاحب پنهنجن نيمن وارن ڦڏن، قانوني چڪرن ۽ گوناگون مصروفيتن ۾ ايڏو ته رُڌل هو جو ٻئي پاسي (ڪتاب جي ڇپائي ڏي) توجهه به نه ڏيئي سگهيو. ڪتاب جو سمورو مسودو به واپس نه ڪري، مون جهڙي سُست ۽ وسيلن کان پالهي ماڻهو لاءِ حيدرآباد جا چڪر ۽ سندس گهر جا ڦيرا ايڏا ته ٿڪائيندڙ ٿيا جو انهن چڪرن جو جيڪڏهن وچور ڪرڻ ويهبو ته زندگيءَ جا ڪجهه ٻيا ڏينهن به لڳي سگهن ٿا.
نيٺ آسرا لاهي جيڪا شاعري مون کي ياد هئي يا دوستن همٿ ڪري هٿ ڪئي، اها ٿوري ئي سهي سهيڙي سنگت جي پراڻيءَ گلا تي ڳنڍو ٻڌو اٿم. يا آڳ لاٿي اٿم. اميد ته دوست انهي ڳالهه کي ڌيان ۾ رکندا.
ٿلهي ۽ ٿوري ويچاريءَ سان وڙ ڪيو. (شاهه)
منهنجي شعر گوئيءَ جون خبرون مشاعرن، گڏجاڻين، دوستن جي ڪچهرين، ادبي ويهڪن ۾ گردش ۾ انهيءَ جي ڪري آيون جو آئون سمجهان ٿو ته مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو اسٽيج مليو. سنڌ يونيورسٽي، سنڌ جي ساڃاهه ۽ ضمير جو هر دور ۾ Nucleus رهي آهي. تنظيم جون جنرل باڊيز، ادبي ميڙاڪا توڙي مختلف ڊپارٽمينٽس جي رنگا رنگ تقريبن جي ڪري ئي منهنجي شاعري پوري سنڌ جي دوستن جي ڪنن تائين پهتي.
انهن پنهنجي دامن ۾ منهنجي ٻولن کي پيار ڏنو، آئون سمجهان ٿو ته اهو سندن حسن ظن آهي نه ته آئون پنهنجي ڏات کي : ”ڪتڻ واريءَ ڪتيو، ٿلهو ۽ ٿورو“ ”ٿلهو ۽ ٿورو“ سمجهان ٿو. سڀني وضاحتن کان پوءِ به آئون سمجهان ٿو ته دوستن جي اڳيان هڪڙي مخصوص ڪردار يعني ”سفيد ڪپڙن واريءَ“ جي باري ۾ سنگت اڪثر پڇندي رهندي آهي ته اها ڪير آهي؟ سندس نالو ڇا آهي؟
ته آئون سمجهان ٿو ته انهي ڪردار کي هڪڙو ”فرضي يا خيالي ڪردار“ سمجهيو وڃي ته بهتر. ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڳالهيون اسان جي سماج ۽ گهرن جي سڪون کي برقرار رکڻ جي لاءِ لڪائي رکجن ته بهتر. ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون اسان جي سماج جي هاضمي تي نٿيون لڳن، خاندان اجڙي وڃن ٿا، انهي ڪري انهن ڳالهين کي ڦلهوريو نه وڃي ته بهتر.
آئون پدمات پبليڪيشن جي ساٿين حاجي ساند، ڪيول رام لوها ۽ نور محمد (نور سنڌي) جو ٿورائتو آهيان جن مون جهڙي سُست ماڻهو کان وڌيڪ دلچسپي وٺي ڪتاب جو ڪم پورو ڪيو.
حليم باغي