ڀاڳيو ڏينهن
مون کي گوندر جي گهه سر ۾
سک جي سج جي ساک ڏئي وڃ
نيڻن ڳاڙهي لاک ڏئي وڃ
هي هو دونهين جا لاٽ اُٿن ٿا
واٽن واٽن تي لاٽن مان
ڌونئرا مهري ڳاٽ اٿن ٿا
ڪوسي ڪڙهندڙ ريت تي هلندي
سورج جا ڀي پير ڇڻن ٿا
ڊوڏا1 بٺ2 ۾ چهنب هڻن ٿا
شايد ڪوئي چشمو ڦٽندو
گهانگهيٽيءَ جي ڇانءَ ۾ بيٺل
هي ڀي روجهه اڃارو آهي
اڪ تي دز جو ڄارو آهي
ڪونڀٽ جو سڀ ٻور ڇڻي ويو
ٿوهر جون سڀ مکڙيون سڪيون
هن گوالي، پنهنجي وينا
ٿر جي اڃ سان سرچائي آ
ڀٽ جي واري گرمائي آ
هن ڪيريءِ3 تي مور ٽهوڪيو
ڊيل به رات راماڻا ڏيئي
تڙڪولي ۾ شرمائي آ
ٻرندڙ ڌڳندڙ واءُ لڳي ٿو
چوڏس اڀ تي دوڏ رڙن ٿا
ڀونءَ ڏي ڏسندي نيڻ سڙن ٿا
اڀ تي ڏسندي سيڪ لڳي ٿو
تپندي ڏاڍو تاءُ ڪيو آ
هوڏانهن لوءَ نراڙ تي سيڪي
منهنجا پيرا بڪيون جيرا
ترين ڪوبه تراڻو4 ڪونهي
منهنجو ڪوبه ٺڪاڻو ڪونهي
هڪ ٺڪاڻي جي ئي ٽاڻي
اچ نيارو نينهن ڪري وڃ
هڪڙو ڀاڳيو ڏينهن ڪري وڃ.
_____
1.ڪارا ڪانؤ
2.سڪو، ٺوٺ ميدان
3.ڀٽ جي ڪنارين کي ڪيري چئبو آهي
4.پيرن جي لاءِ ڪوبه پوش يا ڍڪ ڪونهي