شاعري

اڙي شهر جانان !

سنڌ جي محبوب شاعر حليم باغيءَ جي چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب ”اڙي شهر جانان !“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. حليم باغيءَ بابت عبد الواحد آريسر لکيو آهي:
حليم باغي جي شاعري پڙهڻ ۽ ساڻس ملاقات کان پوءِ آئون باغيءَ جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي جادو ۾ منڊجي ويس ۽ اهو جادو جو منڊ اڃا تائين منهنجي جيءُ ۽ جند ۾ جڪڙيو ويٺو آهي. باغي جي شخصيت ۾ مون کي هن جا جاندار ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن، اهي ٽهڪ ڪڏهن سراهي ۾ شراب اوتجڻ جو پڙاڏو هوندا آهن ۽ ڪڏهن بهترين ڍولڪ نواز جي پڙاڏي مثل لڳندا آهن. ٽهڪ ئي ته زندگي جي علامت آهن. ٽهڪ ڪڏهن ڏياري جي ڏيئي جيان ٻرندا آهن، ڪڏهن مئخاني ۾ جام وانگر ٻُرندا آهن، ڪڏهن نفيس مهينديءَ رتن پيرن جي رقص جو استعارو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن زندگي جي اها ڊوڙ ٿي پوندا آهن جنهن تي خالق ڪائنات خود فخر محسوس ڪندو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 13124
  • 3129
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حليم باغي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڙي شهر جانان !

مهاڳ

”جوڳيءَ تي جڙاءُ، نسورو ئي نينهن جو.“
هي 1977ع جي پڇاڙي جي ڳالهه آهي جو آئون عوامي جمهوريت جي قيدخاني ۾ ٻه سال گذارڻ کان پوءِ ڳوٺ پهتو هئس، جتي هڪڙي دوست جي دعوت ۾ امرڪوٽ جي ڪنهن ننڍي عمر واري شاعر جي ڳالهه نڪتي، ڳالهه سان گڏ مون کي ان شاعر جا ٻه بيت ٻڌايا ويا جن مان هڪڙو هي بيت هو:

مون کي ڀُر مَ ڀانءَ، آئون پکي آڳ جو،
جتي سُڄي منهنجي رانءِ، ات ٽانڊن ۾ ٽاڪوڙو پوي.

آئون ان بيت جي پختگي کان ۽ تخيل جي پرواز کان ايڏي متاثر ٿيس جو مون يڪدم دوستن کان ان شاعر جو نالو ۽ ڳوٺ پڇيو. مون کي ٻڌايو ويو ته نالو عبدالحليم باغي ۽ ڳوٺ روحل واءِ. روحل واءِ کان آئون چڱي طرح واقف هئس جو منهنجو جهونو دوست ۽ شاعر جمن دربدر ان ڳوٺ جو هو، ان سان گڏوگڏ جيل ۾ مون ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“ نالي ڪتاب پڙهيو هو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته روحل فقير زنگيجو اصل امرڪوٽ جي ڀرسان روحل واءِ جو رهاڪو هو ۽ ڳوٺ تي نالو به روحل فقير جي ڪري ئي پيو. انهيءَ ڪتاب ۾ مون روحل فقير جي سئوٽ مراد فقير جو هڪڙو شعر پڙهيو هو:

ورسي پٽ پدمات جا، ٻَن پئي هالار،
ڏٺي منهن ميهار، ڏکيا ڏينهن نه ساريان.

۽ انهيءَ مراد فقير جو هڪڙو سرائڪي شعر هو جيڪو مدد خان پٺاڻ جي حملن تي هن چيو هو:

ماري مدد ڪون دور ڪرو، ڇوڙ وڃي يهودي يزيد ميان.

ان ڪتاب پڙهڻ وقت مون پنهنجي دوست ڀليڏنو فقير کي سينٽرل جيل ڪراچي مان هڪ خط لکيو جنهن ۾ اها حقيقت لکي موڪلي هيم، هن جواب ۾ لکي موڪليو ته جنهن شيءِ کي اوهان ”پدمات“ لکيو آهي اها هتي ”پڏمات“ سڏجي ٿي ۽ روحل واءِ جي بلڪل ڀرسان روحل فقير جي چلي واري جڳهه انهي ايراضي ۾ آهي ته باغي جو مون سان پهريون تعارف سندس بيت ۽ روحل واءِ جي ذريعي سان ٿيو. آئون جيڪو امرڪوٽ کان تقريباَ 15 سال ڪٽجي حيدرآباد جي علمي، ادبي، سياسي ۽ فڪري فضا ۾ ان دور جي بهترين شاعري جي آنچل جون اڏارون ڏسندو رهيو هئس ۽ مون کي اهو تصور ئي نه هو ته منهنجو ڏڪاريل ڏيهه شاعريءَ جي ميدان ۾ ايڏو زرخيز ۽ سانوڻ جي ڪڪر جهڙو دلڪش ٿي سگهي ٿو پر ان سال ٿر وٺو هو آسمان تي بادل جل پرين وانگر ناچ ڪندا ٿي رهيا ۽ وليون وڻن سان ايئن ويڙهجي ويون هيون، جيئن سالن جا سڪايل پاڻ ۾ ٻکجي ويندا آهن. اتي نه صرف نشيليون نگاهون ۽ ڪڪوريل ٻانهون هيون پر اها شاعري به نسرجي رهي هئي، جنهن شاعري کي اڳتي هلي نه رڳو سنڌ جي آڪاش ۾ پکڙجڻو هو پر سمنڊ جي گهرائيءَ جهڙي دل رکندڙ جي. ايم. سيد جي سيني ۾ به پنهنجو آکيرو اڏڻو هو ۽ هو سدائين باغيءَ جو اهو شعر پڙهندو هو ته:

رت ديش تنهنجي راهه ۾، جي ڦڙو ڦڙو ٿي وهي وڃي،
منهنجو به نصيب ٺهي وڃي، تنهنجو به قرض لهي وڃي.

ان شعر جي خالق سان آئون ڪهي وڃي روحل فقير جي آستاني تي مليس. انتهائي سادو پر ڪا ڪا سادگي هٿرادو ٿيندي آهي ۽ ڪا ڪا فطري هوندي آهي، بلڪل خدا جي تخليق جهڙي، جنهن ۾ ڪئي رونقون رنگ پکيڙينديون آهن، ڪيئي جلوا جنسار ڪندا آهن، ڪيئي تجلا جهرمر جهرمر جرڪندا آهن. سادي هجڻ سان گڏ هو انتهائي غريب گهراڻي جو يتيم فرد هو پر تاريخ ۾ ڪي ڪي غريب ۽ يتيم ٻار قومن جي فطري ۽ مادري زندگي تي اڻ مٽ اثر ڇڏي ويندا آهن. پر شرط اها آهي ته ان غربت ۾ خوديءَ ۽ يتيمي ۾ خوداعتماديءَ هجي. ان جا مون وٽ ٽي مثال آهن؛ حضرت محمد صه جيڪو غريب ۽ يتيم هو جنهن دنيا جي تبديليءَ ۾ سڀ کان مٿاهون ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو جو اڄ يورپ ۽ امريڪا جا ليکڪ (دنيا جا سئو وڏا ماڻهو) نالي ڪتاب لکن ٿا، ان ۾ پهريون نمبر حضرت محمد صه کي ڏين ٿا. ٻيو مهاتما گانڌيءَ جنهن جي مرڻ وقت سندس ڪل ورثو اڍائي پائونڊ هو، ان کي به اڄ ويهين صديءَ جو آئينسٽائين کان پوءِ وڏو ڪردار ڏنو ويو آهي. ٽيون جي. ايم. سيد، جنهن منهنجي خيال ۾ سنڌ جي هزار ساله تاريخ ۾ جيڪو فڪري ۽ ذهني انقلاب پيدا ڪيو آهي، ان جو تاريخ فيصلو ڪندي. آئون باغي کي انهن ٽنهي شخصيتن سان ڀيٽيان ٿو ۽ نه ئي مقابلي ۾ آڻڻ ٿو چاهيان پر حقيقت هي آهي جو ٿر جي هڪڙي جهوپڙي ۾ جنم وٺندڙ هن يتيم ٻار جي شاعريءِ جيڪڏهن شيخ اياز پڙهي ها ته شايد ساهه جي آخري هچڪي وقت هو اهو ضرور چوي ها ته منهنجي وڃڻ تي مايوس نه ٿيو مون کان پوءِ حليم باغي ويٺو آهي. پر شايد شيخ صاحب صرف سنڌي جا ڇپيل ڪتاب ۽ رسالا پڙهندو هو پر بدقسمتي سان حليم باغي جو ڪتاب اياز جي زندگي ۾ ڇپجي نه سگهيو هو ۽ نه ئي ساڙ سڙين اديبن ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ ۾ باغي جي شاعري شامل ڪئي جنهن ڪتاب جو مهاڳ به شيخ اياز لکيو هو.
بهرحال ملاقات کان پوءِ آئون باغيءَ جي شاعري ۽ سندس شخصيت جي جادو ۾ منڊجي ويس ۽ اهو جادو جو منڊ اڃا تائين منهنجي جيءُ ۽ جند ۾ جڪڙيو ويٺو آهي. باغي جي شخصيت ۾ مون کي هن جا جاندار ٽهڪ ڏاڍا وڻندا آهن، اهي ٽهڪ ڪڏهن سراهي ۾ شراب اوتجڻ جو پڙاڏو هوندا آهن ۽ ڪڏهن بهترين ڍولڪ نواز جي پڙاڏي مثل لڳندا آهن. ٽهڪ ئي ته زندگي جي علامت آهن. ٽهڪ ڪڏهن ڏياري جي ڏيئي جيان ٻرندا آهن، ڪڏهن مئخاني ۾ جام وانگر ٻُرندا آهن، ڪڏهن نفيس مهينديءَ رتن پيرن جي رقص جو استعارو بڻجي ويندا آهن ۽ ڪڏهن زندگي جي اها ڊوڙ ٿي پوندا آهن جنهن تي خالق ڪائنات خود فخر محسوس ڪندو آهي.

انهن ٽهڪن مان مون کي لڳندو آهي ته باغيءَ کي زندگي سان بي انتها پيار آهي، رڳو پنهنجي زندگي سان نه پر پوري انسانيت جي زندگي سان. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي زندگي سان، سنڌ جي مارو ماڻهن جي زندگي سان پيار آهي، جنهن کي هو پنهنجي لازوال ڏات ذريعي محرومين، مايوسين مان ڪڍي محبتن ۽ مسرتن جي ساگر ۾ ترندڙ مڇين وانگر بڻائڻ چاهي ٿو يعني منهنجي خواهش آهي ته باغي جي زندگي سان محبت ڪڏهن به ختم نه ٿئي زندگي جيڪي بهارن جا ڳاڙها ڳڀ پيدا ڪندي آهي، محبتن جا ميلا مچائيندي آهي ۽ مقتلن جا ميدان سينگاريندي آهي.

شاعري ڇا آهي؟
انگريزي ۾ ته ڏاڍو مختصر لفظ آهي Poetry، هندي ۾ ڪويتا، پر عربي ۾ جنهن ٻولي جو اهو لفظ آهي شاعري، اها گهڻ معنائون لفظ آهي. مثال طور عربي ۾ وار کي شعر چوندا آهن. جَوَ جي داڻي کي شعير چوندا آهن، سمجهه کي شعور چوندا آهن. يعني اسين انهن ٽنهي لفظن کي مجموعي طرح ملائي جيڪڏهن ڪو هڪڙو مفهوم ڪڍون ته اهو ٿيندو اهڙو خيال جيڪو محبوب جي وار وانگر سنهو هجي ۽ جَوَ جي داڻي وانگر تهه سان ڍڪيل هجي ۽ انساني سمجهه جي اعليٰ ترين شڪل وارو هجي، ان ڪري آئون شاعري جي تعريف ڪندو آهيان ته محبوب جي وار جهڙو خيال ۽ لباس ۾ ڍڪيل جسم جهڙو تصور ۽ فڪري بلندي جو اُڀ تائين اڏندڙ عقاب آهي. اهي ٽئي شعر تخليق ٿيندو آهي.
عربي ۾ شعر جي اها اهميت آهي جو قرآن شريف جي آيت کي صحيح يا غلط هجڻ جو معيار انهن وٽ گمراهه شهزادي جو ڪيس آهي. جيڪڏهن ان جي شعرن سان قرآن جي آيت ڀيٽجي اچي ته صحيح آهي نه ته غلط آهي. اسان جي نه رڳو جذباتي زندگي ٺاهي ٿي پر اسان جي زندگي کي بارونق، بهادر ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان مالا مال ڪري ٿي. آئون سمجهان ٿو ته ايشيائي ماڻهو ۽ آفريڪي پڻ جيڪڏهن زنده آهن ته سياستدانن جي ڪوشش کان وڌيڪ شاعرن جي شاعري وسيلي آهن، هتي مون کي هڪڙي ويٽنام جي شاعر جي شعر جو مفهوم ٿو ياد اچي جيڪو هن ويٽنام جي جنگ دوران لکيو هو ته:
”اسان پنهنجي شاعري لکي گوريلن جي کيسن ۾ وجهي جنگ تي موڪليندا آهيون ۽ پوءِ دعا گهرندا آهيون ته گوريلن جي کيسن ۾ پيل شاعري جي سلامتيءَ جي، جن ۾ اسان جي شاعري پيل هوندي آهي ڇو ته جيڪڏهن شاعري سلامت موٽي آئي ته گوريلو به سلامت موٽي ايندو پر جيڪڏهن اهو کيسو تباهه ٿي ويو ته اهڙي شاعري شايد اسين وري ٻيهر لکي نه سگهون.“
اسان سنڌ جي سرزمين ويدن ”ويدڪ دور“ کان وٺي شاعري جي ذريعي زنده رهي آهي ۽ اسان جي سڃاڻپ به ان شاعري جي ذريعي آهي. هندوستان جي عالم وزير اعظم جواهر لال نهرو لکيو آهي ته قومن جي سڃاڻپ ۽ زندگي شڪست کائيندڙ ۽ فتح ماڻيندڙ سياستدانن جي ڪري برقرار نه رهندي آهي پر اها شاعرن ۽ فنڪارن جي ڪري زنده رهندي آهي. ٿي سگهي ٿو ته تاريخ ۾ اهو دور اچي جو نهرو کي ڪو سڃاڻي به نه پر ٽئگور ۽ پرمچند ان دور ۾ زنده هوندا. اسان جڏهن پنهنجي سنڌ تي نظر وجهون ٿا ته مون کي لڳي ٿو ته اسان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سڀني ناانصافين کي پنهنجي لازوال شاعريءَ جي ذريعي شڪست ڏني آهي، ان شاعريءَ ۾ اسان جا ڪي جي سج جهڙا هئا ۽ ڪي شاعر بڊي جي بادل جهڙا، ڪي شاعر ڪارونجهر جي ڪور تي ٽهوڪندڙ مورن جهڙا ۽ ڪي ڇور واهه جي ڇولين ۾ پنهنجا گرم جسم پسائيندڙ ماروئڙن جهڙا، بهرحال اسان جي شاعري ئي آهي جنهن سنڌ جي سياست کي ادب ۽ شاعريءَ سان ملائي اهڙي ڌُن تخليق ڪئي جيڪا نه ڪڏهن ڪنواريءَ جي ٽهڪ ۾ اڀري نه ڪڏهن اسوءَ جي اوهيري ۾ ظاهري ٿي ۽ اسان ان شاعريءَ کي دل ۽ دماغ جو گڏيل محور بنائي ڇڏيو.
مولانا آزاد هڪڙي جاءِ تي لکيو آهي ته سياست جي سيني ۾ دل نه ٿيندي آهي. مون چيو هو ته سنڌ ۾ سيد اهڙي سياست کي جنم ڏنو آهي، جيڪا نه صرف سياست جي سيني ۾ دل آهي ۽ هن ڳائڻ به شروع ڪيو آهي، جتي ڪٽر عقل پسند ابراهيم جويو به هوندو ۽ تخيل جي بلندين تي سوار ٿي آسمان جا سينا چيريندڙ حليم باغي به هوندو هو. جتي رئيس ڪريم بخش جي ڍولڪ جو آواز به هوندو هو ۽ حفيظ قريشي جي خطاب جي انڊلٺ به هوندي هئي. ڪاش! سيد کان پوءِ اهو زمانو اسان وٽ موٽي اچي، ڇو ته آئون محسوس ٿو ڪريان ته اڄ سياست جي سيني مان دل نڪرندي پئي وڃي.
ڪا ڪا سرزمين شايد شاعريءَ جي سرن ۽ نکرڻ جي لاءِ انتهائي موزون ۽ زرخيز هوندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪنهن وقت عرب ۽ ايران شاعريءَ جي وهڪري جا بي پناهه درياهه هئا. پر پوءِ پختون خواه سنڌ ۽ بنگال شاعريءَ جي لاءِ وڏا واهر ثابت ٿيا، خصوصاَ لوڪ شاعريءَ جهڙي پختون خواه ۽ سنڌ جي ريگستاني حصي ۽ بنگال مان اڀري اهڙي شايد ئي ڏکڻ ايشيا جي ٻين علائقن ۾ اڀري ۽ اسري سگهي هجي. اسان جي ٿري لوڪ شاعريءَ تي راجسٿاني شاعريءَ جو نمايان اثر ۽ لاڳاپو رهيو آهي، هونئن به ڀٽائي جي شاعريءَ ۾ به اهي سُر انتهائي خوبصورت جماليات سان ڀرپور ۽ نفيس احساسن جو بي مثال نمونا آهن.
آئون سمجهان ٿو ته جمالياتي نقطه نظر سان ٿر سان لاڳاپيل شاعريءَ جو مقابلو ڪو سُر ڪري سگهي ٿو ته اهو سُر سامونڊي آهي. اياز به جيڪا شاعري ٿر جي حوالي سان تخليق ڪئي آهي، ان جو حسن تخيل جي بلندي، احساسن جي نزاڪت ۽ لفظن جو جڙاءُ ايڏو ئي من موهيندڙ آهي، جيڏو من موهيندڙ شيخ اياز جو آواز ۽ سندس اکين جي چمڪ هوندي هئي ۽ اياز پاڻ ٿر جي نامعلوم ڪهڙي شيءِ کان متاثر ٿي اهو چيو هو ته مون جيڪڏهن ٻيو جنم ورتو ته منهنجو اهو جنم ٿر ۾ هوندو ۽ اسان جي هن دور ۾ سر موڙ شاعر حليم باغي جي ذهني خوشقسمتي آهي ته هن ٿر جي دنگ تي جنم ورتو آهي.
ان ڪري سندس شاعري ۾ سڀئي رنگ ۽ ڍنگ موجود آهن، ڏُڪارن ۾ به ٿر جي زندگي کي ڪائي ڀرپور معنيٰ ۽ مقصد بخشين ٿا. آئون سنڌي شاعريءَ کي سنڌي ادب جي تاريخ جي حوالي سان چئن دورن ۾ ورهايان ٿو.
پهريون دور ميئين ڪريم ۽ قاضي قادن کان شروع ٿي خليفي نبي بخش تائين پهچي ٿو. اهو دور اسان جي شاعري جي شاندار بامقصد روح جي تازگي ۽ دماغ جي توانائي سان ڀرپور آهي. جنهن دور جي شاعري اسان جي ماڻهن کي مايوسين ۾ به پُراميد رکيو آهي. شڪستن ۾ به فتح جي تعبير بڻجندڙ خواب ڏيکاريا. حملن وقت همٿ ۽ حوصلو بخشيو ۽ انهي دور جو سرواڻ بنا ڪنهن شڪ جي گنجائش جي لطيف سائين آهي ۽ ٻيو دور سچل سائين ۽ مصري شاهه جي وفات کان پوءِ شروع ٿئي ٿو، جيڪو ميرن جي حڪومت تهذيبي اثرن ڪري فارسي عروض ۽ بحر وزن تحت شروع ٿيو، ان دور جا شاعر ثابت علي شاهه کان وٺي فيض بخشاپوري تائين رهيا آهن ۽ آئون سمجهان ٿو ته ان دور ۾ ان قسم جي شاعري جو فيض آخري شاعر هو. ۽ شاعري جو ٻيو دور ڪشنچند بيوس ۽ فاني کان شروع ٿيو جو پابند شاعري جو دور آهي پر انهي جا موضوع، ترڪيبون، تشبيهون، استعارا، اشارا سڀ سنڌ جي سرزمين جا آهن جيتوڻيڪ انهي دور ۾ قليچ بيگ جهڙا يگانه شاعر به هئا پر قليچ جي شاعري ۾ اهو رنگ نه ڀرجي سگهيو، جيڪو بيوس عزيز فاني ۽ سانگيءَ جي شاعري ۾ موجود آهي پر انهي دور ۾ ابتدائي شاعرن نئون ولولو، نوان امنگ، نوان رس ۽ چس ۽ خيالي بي پناهه وسعت جيڪا اياز تنوير جي ابتدائي شاعري کي ڇڏي اياز، نياز، شمشير ۽ امداد تيار ڪيا ۽ انهي سموري دور جي شاعرن جو سرموڙ قابل تقليد شاعر شيخ اياز هو پرانهي دور جي شاعري ۾ ڪجهه نالا اهڙا به آهن جنهن اياز جهڙي قدآور شاعر جي موجودگي ۾ به ٻولي جو استعمال شين جو جڙاءُ، لهجي جي انفراديت ۽ ترنم الڳ رکيو انهن مان نياز همايوني، تنوير عباسي، بردو سنڌي، شمشيرالحيدري، امداد حسيني نمايان آهن.
اسان جي شاعري جو ٽيون دور جيڪو استاد بخاري، راشد مورائي، مير محمد پيرزادي، تاج ۽ خاڪي جويي، اياز گل ۽ ادل سومري، بلبل کورواهي ۽ سائينداد ساند، ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي واري ٽهيءَ تي مشتمل آهي.
ان دور جي شاعرن مان ڪنهن به هڪ کي ٻي کان مٿاهون درجو ڏيڻ مناسب ڪونه ٿيندو. ڪي رومانٽڪ شاعري جا بادشاهه آهن ته ڪي قومي شاعري جا سپهه سالار ۽ ڪجهه سماجي منظر نگاري جا پڳدار ۽ ڪي عشقيه شاعري جا گهوٽ اڻ موٽ آهن ۽ ان دور جي سموري شاعري مون کي حسن درس جي شعر وانگر لڳندي آهي ته:

”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو.“

۽ اسان جي شاعري جو چوٿون دور هن اڀاڳي ڌرتي تي منحوس ماڻهن تي پاڇاهي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ان دور ۾ ڪيترائي نالا شاعري جي افق تي جرڪندا ۽ جلڪندا نظر اچن ٿا ۽ جيڪڏهن آئون انهن جا نالا لکڻ شروع ڪيان ته شايد هڪڙو ڪتاب رڳو نالن سان ڀرجي ويندو. پر ٻن ٽن شاعرن جا نالا آئون ضرور کڻندس تن ۾ مظهر لغاري، اقبال رند، سعيد ميمڻ ۽ حليم باغي حقيقت ۾ سٺا شاعر جيڪڏهن سانجهي ٽاڻي جا ستارا آهن ته باغي ان دور جو قطب نما آهي. ان ڪري ٻين جي شاعري جو گهڻو دارومدار مطالعي تي آهي پر باغي جي شاعري ٿر جي ماڻهن جي مزاج مطابق مشابهت جو ڀنڊار آهي، ان جو مطلب اهو ناهي ته باغي وٽ مطالعو ناهي آئون سمجهان ٿو ته انهي دور جي شاعرن مان شايد ئي ڪو شاعر باغي جهڙي انگريزي ڄاڻندو هجي يا هندي ٻولي سندس لپي ۾ پڙهي سگهندو هجي. هن جي مطالعي ۽ مشاهدي گڏجي سندس شاعري کي دروپتي جي ساڙهيءَ جو روپ ڏئي ڇڏيو آهي. جنهن کي ڪيترو کوليندا وتو پر آخري ڇيڙو دروپتيءَ جي جسم تان نه هٽندو، آئون پاڻ ڪڏهن ڪڏهن باغي کان سندس شاعري سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان حالانڪه آئون انهي غلط گمان ۾ آهيان ته مون سنڌ جي تاريخ ڪافي پڙهي آهي، مون شهيد احسان ميمڻ تي سندس لکيل مرثيو پڙهيو ته ان مرثيي جي هڪ سٽ تي آئون منجهي پيس.

”تو جي ڳاڙها جوڙا پاتا، ننگر شهر ۾ نير مهانگو.“

ڳاڙهو جوڙو پائڻ ته شهادت جو استعارو آهي ۽ شهيدن تي ماتم ڪبو آهي ۽ ماتم جو لباس اسان وٽ ڪارو هوندو آهي پوءِ ننگر شهر ۾ نير مهانگو ڇو ٿيو؟ مون حليم باغي کان اهو پڇيو ته هن چيو ته سنڌ ۾ سمن جي دور تائين ماتم جو لباس نيرو هوندو هو ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته گهڻا ماڻهو نيرا ڪپڙا پائڻ شروع ڪن ته نيرو رنگ مهانگو ٿي ويندو. اها مون کي خبر نه هئي ۽ هن انڪشاف جي گهڻ اديبن کي به خبر نه هوندي، ان طريقي هن پنهنجي شاعري ۾ بي پناهه اهڙا ۽ ايترا ٿري لفظ ۽ محاورا ۽ تشبيهون ڪتب آنديون آهن جو انهن لفظن، ترڪيبن ۽ تشبيهن کي استعمال ڪرڻ سان هو ٿر جي تهذيبي زندگي جو سموري سنڌ ۾ ترجمان بڻجي ويو آهي، ان کان سواءِ مون جيئن چيو آهي ته هو اهڙي دور ۾ شاعري جي افق تي قطب نما ٿي اڀريو جڏهن هن اڀاڳي ڀونءَ تي منحوس ماڻهن جي ناڇاهي هئي ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي شاعريءَ جو اثر وڌيڪ آهي. مزاحمتي شاعري اسان وٽ نئين شيءِ نه آهي. ڀاڳوڀان کان وٺي اياز تائين ۽ اياز کان راشد مورائي تائين اسان وٽ مزاحمتي شاعري جو رني ڪوٽ موجود آهي، انهن مان هر هڪ جو انداز پنهنجو پنهنجو آهي يعني اهي سمورا شاعر اسان جي سرزمين جي تهذيبن جي سرحد تي بيٺل آهن. سرويچ سپاهي هئا جن جي تير هڻڻ، تلوار واهڻ ۽ ڀالا اڇلائڻ جو انداز پنهنجو پنهنجو هو. مثال طور ون يونٽ واري دور ۾ اسان وٽ ايئن مشهور ٿيو ته اياز ڌرتي جو شاعر آهي. نياز سنڌ جي تاريخ جو شاعر آهي ۽ تنوير سنڌ جي تهذيب جو شاعر آهي. اياز پنهنجي شاعري ۾ ڪمزور لفظن ۾ به پنهنجي ڏات وسيلي شهبازن جا پر ۽ شينهن جي دل عطا ڪندو هو ۽ نياز طاقتور لفظن کي به وش ڪنيا جون نماڻيون نگاهون بخشيندو هو ۽ تنوير پنهنجي ڪيڏارن ۾ شهيدن جي رت ۾ مهنديءَ جي خوشبوءَ پکيڙيندو هو ۽ ساڳي صورتحال باغي جي دور جي شاعرن سان به آهي هن جي دور جي شاعرن اشاراتي زبان ۽ علامتي انداز وڌيڪ اختيار ڪيو آهي ۽ جڏهن اها مزاحمتي شاعري حليم جي ذهن ۾ قلم وسيلي ڪاغذ تي منتقل ٿئي ٿي ته اهو ڪاغذ ان جي شاعري جي ڪيفيتن سان مختلف روپ ڌاريندو وڃي ٿو. ڪڏهن ڪاغذ مئخاني جو پيالو ٿي پوي ٿو جنهن ۾ چانڊاڻ چمڪي ٿي ۽ ڪڏهن اهو ڪاغذ ڪنهن ڪنيا جا محراب بڻجي وڃي ٿو جتي بيتاب پيشانيون سجدا ڪن ٿيون ۽ ڪڏهن اهو ڪاغذ مخدوم بلاول جي هڏين جي حفاظت ڪندڙ اهو مٽ بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن گهنگهور گهٽا بڻجي دلين ۾ زندگين جا موتي ڇٽيندو رهي ٿو. هو نه صرف لفظن کي لکي ٿو پر انهن کان ڳارائي به ٿو. انهن کان رقص به ڪرائي ٿو. انهن کي ڪنوارين جي اکين ۾ ڪجل جون ريکائون بنائي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڄامشوري جي مست هوائن کي پنهنجي شاعري جي ذريعي مدهوش بنائي ڇڏي ٿو. هو شاعر نه رڳو شاعري کي خوبصورت زندگي عطا ڪندڙ اهو سامري آهي جيڪو سنڌ جي وجود کي دلڪش بنائي ڪيترن ئي پيشانين کي انهن لاءِ سجده ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو. باغي ۾ جيستائين مجموئي شاعري ۾ جماليات جو تصور آهي ان باري ۾ جن به فلسفين جمالياتي فلسفيانه تشريح ڪئي آهي تن ڄڻ جک پاتي آهي. اهو ايئن آهي ته شاعر جي تصور جي اها اڏام جي تشريح سائنسي فارمولا مطابق ڪئي وڃي. مثال طور عورت جي ڇاتي جي باري ۾ عطا ٺٽوي چيو آهي ته ”مون اها ڏٺي، مون کي لڳو سرخ گلاب تي ڪارو ڀنئور ويهي ۽ ان جو رس چوسي رهيو هو“ ۽ انهي ساڳئي شيءِ جي تشريح ٻي هڪڙي شاعر ڪئي آهي ته:

”سرخ گلابان دي موسم وچ ڦلان دي رنگ ڪالا هو.“

۽ انهي واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ته گل ۽ ڦل ۾ فرق هوندو آهي پر انهي ٻنهي سٽن جي شاعري جيڪڏهن علي مرتضيٰ ڌاريجو پنهنجي ڪتاب ڇاتين جي سائنس ۾ ڪندو ته ڪرامت جهڙي لڳندي ان ڪري آئون جماليات جي فلسفيانه تشريح کي فن سان بيحوده حرڪت سمجهندو آهيان. جاليات ڇا آهي __ چانڊوڪي ۾ سنڌ جون لهرون، ڪتين لڙئي تاج جا منارا، باک ڦٽي مهل ڪجلاسر تي ڪنوارين جا ٽهڪ، وڻجارن جي پرڏيهه وڃڻ تي وڻجارين جا ورلاپ، ڪنهن سرميناڪ اک جو ڳورهو ۽ ڀيڄ ڀني جو ڪارونجهر تي ڌرتي ۽ آڪاش جو پکجڻ جيڪو انسان کي پنهنجي مادي دنيا مان مٿي کڻي سندرتا جي ايڏين مٿانهين تي گهمائي جتي رڳو انڊلٺ جا رنگ ۽ رقص هجن ۽ باغي جي شاعري ۾ اهي سڀ شيون موجود آهن. احساس جي شدت، جذبي جي گرمجوشي، خيال جي گهرائي ۽ من منڊيندڙ منظر ڪشي. هن جي خوبصورت شاعري جا لفظ ڪڏهن ستارا ٿي ڪنوارين جي پنبڻين تي لهي ٿا اچن ۽ سينڌور بڻجي هن کي سينڌن ۾ سجائجي ٿا وڃن ۽ ڪڏهن هن جي سموري شاعري ستارن جي سيج بڻجي وڃي ٿي ۽ هن جو محبوب ان ستاري جي سيج تي ستل چنڊ بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪڏهن ان چنڊ جي هٿ ۾ ازل ۽ ابد جا مهڪندڙ مڌ ماتا جا پيالا هوندا آهن تن کي ڏسندي رات به رتوڇاڻ ٿي ويندي آهي پر اها رتوڇاڻ ٿيل رات جڏهن باغيءَ جي پياليءَ ۾ پهچندي آهي ته چانڊاڻ وانگر چمڪڻ لڳندي آهي. گهري جماليات ڳائي ۽ سمجهي به اهو سگهندو آهي جنهن جي من اندر ازل کان ايڏو نڪور ۽ ڪورو هوندو آهي جنهن صرف اهو ئي مينهن ڦڙو ڪري سگهي ٿو جيڪو جهرڪندڙ موتي کي جنم ڏي. اهو اهڙو صحرا هوندو آهي جيڪو انوکي گلاب جي آبياري ڪندو آهي ۽ اهڙو رڻ پٽ هوندو آهي جنهن تي صرف ڪنهن راڻي جا پير ئي گهمي سگهن ٿا ۽ مومل جا ئي وار وڇائجي سگهجن ٿا. اسان جي هي ڌرتي شايد صدين کان ان انتظار ۾ هئي ته اهڙو ڪو ڪوي اچي جيڪو ڪاليداس وانگر بادشاهن جا ۽ وزيرن جا قصا قلمبند نه ڪري عام ماڻهن، اڌ پهر جي اسيرن، قهري رات جي ڪلن جا قصا ۽ ڪهاڻيون اهڙي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪري ته هر ڪو اڌ پهر جو اسير ۽ ڪاري رات جو ڪٺل ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي. باغي جو شعر آهي ته:

”ڇور واهه جون ڇوليون، اليبليون انموليون.“

جڏهن سنڌ جي اڄ جي وڏي ڪميونيسٽ دانشور سوڀي گيانچنداڻي کي اهي سٽون پڙهي ٻڌايوسين ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ چوڻ لڳو ته اياز کان سواءِ، ڪو اهڙي شاعري ڪري پيو ڇا هتي! ۽ اسان جي سموري ترقي پسند تحريڪ ۾ اهڙو ڪو شعر تخليق ٿي ئي نه سگهيو آهي. هي شعر مون کي ڏيئي وڃو ته آئون هن جو ترجمو ڪنهن عالمي انگريزي رسالي کي موڪليندس. جيتوڻيڪ اڄ چيو ويندو آهي ته وڏي شاعر کي ڪنهن سَندَ جي ضرورت ناهي پر پنهنجو پاڻ لاءِ سياسي طرح سوڀي جو هٿ پنهنجي ڪلهي تي لوهي قلم جي مهر سمجهندو آهيان ۽ حليم جي شاعري لاءِ موهن جي دڙي جي مهر، ان سموري سلسلي ۾ باغي جي شاعريءَ نقل ڪرڻ نٿو چاهيان ڇو ته پڙهندڙ منهنجا نقل ڪيل شعر ئي پڙهن ها ۽ ان سان اختلاف به ڪن ها ان ڪري آئون حليم جي شاعري لاءِ اهي لفظ چوان ته اها انقلاب لاءِ احساس جي شدت آهي، لطيف جو مڌ آهي. ڪارونجهر جي ڪامڻي، ڪينجهر جي ڪنڌي جو نيل ڪنول آهي. ڇاڇري جو سج آهي ۽ ڄامشوري جي شام آهي. اهو سڀ پڙهندڙ سندس شاعري ۾ ئي محسوس ڪري سگهندا.


عبدالواحد آريسر
انڙآباد
03-12-2001