تون هل ته هلون هي شھر ڇڏي
هن ڌرتيءَ جو دستور الٽ
هن ملڪ سندو منشور الٽ
هت چهرو چهرو چور ڏٺم
هت فوٽ پاٿن تي ٻار پنن
۽ گند گلين ۾ سڏڪا ڪن
هت سيني سيني دونهن دکن
هت دل دل ۾ ناسور چِڪن1
هن ٿر مان هليا ٿاڪ ٿڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هت عصمت ڪاروبارو بڻي
هت مجبوري واپار بڻي
هيءَ نگري سڀ بازار بڻي
هت غربت ڄڻ ڪا گار بڻي
هن ٿڪن جھڙيءَ دنيا ۾
هن ههڙيءَ تهڙيءَ دنيا ۾
ڪنڌ لڙڪائي جيئڻو ٿو پوي
۽ ڍڪ ڍڪ وهه پيئڻو ٿو پوي
ڪجهه سڏڪن سان گڏ لڙڪ گڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هي ڦٽڪا پٺڙن ساڻن تي
هي ماڻهو ميڙا ٿاڻن تي
ڪي زندان ۾ ڪي ڦاهن تي
ڪي بندوق جي ٺاهن2 تي
هي اوچيون ٻانگون چاڙهيءَ تي
هي رت جا دڳ دڳ ڏاڙهيءَ تي
هي چنبا ڪنهن جي چوليءَ تي
هي ٽِڪا ڪنهن جي پوتيءَ تي
هت جت ڪٿ جوکو جيءَ جڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
هي بستي آ ڀوتارن جي
يا پيرن يا پاڳارن جي
هي ڏيهه سڄو زردارن جو
ڇا حق آ تو مون پارن جو
ڪوئي نه سهارو ٿي سگھندو
پنهنجو نه گذارو ٿي سگھندو
هن ناڻي واريءَ دنيا ۾
هن هيڏي ساريءَ دنيا ۾
ڪو جيءُ اسان کي جاءِ نه ڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
ڪو تارا تاڻي رات ڪٽي
ڪو سالم سالم مُرغ چَٽي
ڪو لٽي اَٽي جي اڍڪي ۾
ڪو ٿولهه گھٽڻ جي کُٽڪي ۾
ڪو رت جون گُرڙيون ٿوڪاري
ڪو ڪُتا رِڇ تي ڪوڪاري3
ڪو لَڄ بچائي پاڻ لِڪي
هوءَ ڪنهن جي چادر چور ڇِڪي
ٿو مُڇ وَٽي ۽ پاڻ پَڏي
تون هل ته هلون هي شهر ڇڏي.
_____
1.چڪن، گند ٽمڪائين
2.ٺڪائن
3.بڇڪار ڪري