او شوخ هوا او شوخ هوا
هي وستيون ڳوٺ اجاڙ ڏسي ۽ لاشن جا ست ماڙ ڏسي
منهنجو ته جگر ئي ڦٽجي ويو منهنجو ته ڪليجو ڪٽجي ويو
هر روز نڌڻڪن تي گوليون، هر روز لهوءَ سان هي هوليون
رت منجھه رضا اڄ ڳاڙهو آ، پيءَ جي به ڪپار ۾ ڪاڙهو آ
هوءَ ماءُ رضا جي تڙپي پئي، هوءَ ڀاءَ جي ڀيڻ به سڏڪي پئي
ڪيڏو نه قهر ڪيو مون تي قضا او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هت بربادي آ نگريءَ ۾، ڄڻ هانءُ جلي ٿو سِگريءَ ۾
ويو خون سفيد ٿي يارن جو، هن ديس سندن غدارن جو
تن ميرن ڄام نوابن جو، ڀرڳڙين جو اربابن جو
بي شرم جيئن ٿا مَرڪُ ڪري، مرن نه ڍڪڻ ۾ ڍڪ ڀري
هي پنجابين جا بوٽ چٽا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هن ديس جي هارين نارين سان، سي ساڳيا انڌير اڃان
روٽيءَ جي گھرڻ تي گار ملي، ۽ لوئيءَ جي بدران مار ملي
اڄ هن جي ڌيءَ کڻائي ويو، هو لوفر پٽ وڏيري جو
اڄ ڏاند به هن جا ڇوڙيا ويا، ڏنڊا به پوليس جا ٽوڙيا ويا
ٿي رتَ ۾ لت پت فرش مٿان، ۽ لوهي شيخن جي پٺيان
ٿس ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ويا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
هت ڪالهه به منهنجن پيارن جون، ويچارن جون ٻڪرارن جون
ڇيرن سان ڇاتيون ڇاڻيون ويون، سينن تي بندوقون تاڻيون ويون
پٽڪن جي وڙين کي ڦاريو ويو، پوتين جي پَلن کي ساڙيو ويو
مينار کڙا ٿيا لاشن جا، ۽ تاج جھليا بدمعاشن جا
هن ڀونءِ تي ڪڙڪي ڇا ته وبا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
مون تنهنجو شهپر موڙ ڏٺو، هن جوءُ1 سان تنهنجو جوڙ ڏٺو
مون تو کي ڏسندي پرکيو هو، تون ڀٽڪيل روح بلاول جو
هت بان2 جي ڪپري آيو هئين، بي ڏوهه نڌڻڪو گھايو وئين
او آزادين جا متوالا، او چانڊوڪين جا روکوالا
اڄ عظمت جي محرابن ۾، مون سيس جھڪايو سجدن ۾
او منهنجا ڀاءُ او منهنجا رضا، او شوخ هوا او شوخ هوا
مخدوم بلاول کي چئجان، ٽلٽيءَ جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
_____
1.ڏيهه، ديس
2.هڪڙو واهه جنهن جي ڪناري تي مرحوم رضا محمد بنگلاڻي جو ڳوٺ آهي