ٻـه اکـر
منهنجي زندگيءَ جو محور ته سنڌ ۽ سنڌ ئي رهي آهي، پر آنءٌ ڀٽائيءَ جي پيرن جي خاڪ هجڻ جي ناتي سڄي عالم کي به آباد ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهيان، سو جڏهن به لکڻ لڳندو آهيان ته سائنڻ سنڌ منهنجي سامهون مٿي اُگهاڙي مظلوم ماءُ جيان اچي ويندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڪچن ڦڪن خيالن ۾ ڪا سختي ۽ تلخي محسوس ٿئي ته مون کي معاف ڪندا.
منهنجي خواهش هئي ته هن ڪتاب تي مهاڳ محبوب ۽ معشوق سهڻي حسن درس کان لکرائيندس (اهڙو اظهار مون ساڻس فون تي ڪيو به هو) پر پرين اسان کي رڻ ۾ رولي ڪنهن اڻ ڏٺي ڊگهي سفر تي روانو ٿي ويو آهي (هڪڙو ڪم ضرور ڪندو آهي ته روز رات جو منهنجي گلاس مان پهريون ڍڪ ڀري پنهنجي مخصوص مُرڪ سان گلاس منهنجي هٿن ۾ ڏئي گم ٿي ويندو آهي). حسن هوا جي خوشگوار جهوٽي جيان خوشبو ۽ ٿڌرو ٿڌڙو احساس ڏئي، باقي زندگي اسان کي اکين ۽ گلاسن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ويو آهي.
سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهين سڄڻ سفر هليا!
رُئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهِري.
مان ٿورائتو آهيان سائين نور احمد ميمڻ جو جنهن ڪتاب کي ڇپرائي مون کي مان ڏنو ۽ ساڳئي وقت لک ٿورا پياري حسن مجتبى، دلبر دوست مشتاق شوري ۽ سائين اشتياق انصاري جا جن هن ڪتاب تي مهاڳ لکيو.
ساٿ سلامت، سنڌ سلامت
مظفر چانڊيو
ڪلفٽن، ڪراچي