مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري
تو سوا ڪجهه به ناهيان
تو سوا ٿڌڙي شام جو پاڇو اجايو
تو سوا لاڙ، لاڙڪاڻو، ڪاڇو اجايو
۽ ڳلن تي ڳوڙهن جو ڪاٿو اجايو
زندگيءَ جي هار، جيت جو کاتو اجايو
تون جي ايندين ته ٻانهن جي ٻهڪار ٿيندي
گلن جي گهر گهر هُٻڪار ٿيندي
۽ نيڻن جي ننگر تائين نهار ٿيندي.
پکي به پرڙا هڻي ڏس لٿا اڄ ڍنڍ تي،
هوءَ سنڌو، هوءَ منڇر، هوءَ ڪينجهر
هر هڪ هلي ٿي پرينءَ جي پنڌ تي
سمندر به سار کي ٿو ساهه ۾ سانڍي هلي
۽ وڇوڙي جي وڍ ۾ سنامي کي ٻاهر ڪڍي
پهاڙن ۾ به پرينءَ لاءِ لاوا پچن
ڌرتيءَ جي دل به ٿي ڌڙڪي پوي،
ياد ۾ يار جي تڙپي پوي
۽ آسمانن مان بجلي به ٿي ڪڙڪي ڪري،
مروند جي مهڪ ۽ ماکي ڇڏي
قلندر به سيوهڻ ۾ ٿو ترسي پوي.
ڪيئن چوان ايندين ڪڏهن!!
ڀٽ کي ڀاڪر ڀري ڪراڙ ٿي روئي پوي
۽ مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري،
ڪائنات ڪاري ويس ۾
جهوڪ جي جهولي جهلي
پئي سڙي، توکي سڏي، سنڌ جي سنسار ۾
جاڳ ۾، ننڊ ۾ ۽ مڪليءَ جي ماٺار ۾.
جاڳ ۾، ننڊ ۾ ۽ مڪليءَ جي ماٺار ۾.