ڏات، ڏانوءُ ۽ ڏاهه جو مجسمو
اسان واري ٽهي اها بدنصيب ٽهي آهي جنهن ڪيتريون ئي قهري مارشل لائون ۽ قيامت خيز ڪربلائون ڏٺيون آهن. اسان واري نسل ظالم ضياءَ جي موتمار مارشل لا، معصوم ڀٽو جي سولي سينگارڻ کانسواءِ ايم آر ڊي ۽ ٻين ڪيترن تحريڪن ۾ سنڌي ٽوپ ۽ اجرڪ، لال لهوءَ ۾ رڱيل ڏٺا. هن بدبخت اکين سرِبازار اگهاڙن انگن کي ٽڪٽي تي ڦٽڪا کائڻ سان گڏ ڪيترن ڪونڌرن جي جسمن ۾گرم شيهو ڀريندي، کين ڪنهن ڪُٺل ڪونهٽ جيان تڙپندي ڏٺو. اسان واري ڪم بخت ٽهي ئي اذيت گاهن مان ساٿين جا چٿريل، چچريل ۽ چيڀاٽيل لاش ڍويا. ساڳي وقت اسان عقوبت خانن مان چم چيريل مرڻينگ ماس کنيان.
مطلب ته اسان ان دور ۾ شعور ورتو، جڏهن سنڌ ۽ سياست جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ مخدوم بلاول جيان پاڻ کي جيئري ئي گهاڻي ۾ پيڙائڻ هو. بهرحال اهڙي دهشتناڪ ماحول مان جيڪو نسل اُسري ۽ نسري نڪتو هو، ان جي وجود ۾ ڄڻ وڄن جا وارڪا هئا.
اسان جي مظفر به اهڙي هٽلري هٿيارن ۽ گولي جي گفتار واري ماحول کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڀل گلابن کي گردن جهلي
خوشبو کي خنجر هڻو
۽ هوا جا هٿ ٻڌي
ستارن کي گولي هڻو
چنڊ کي چوٽي جهلي
چيري ڦاڙي ڇڏيو
ڪاڻي جا ڪوڙا کڻي
گهوٽن کي گهايل ڪيو
۽ هٽلري هٿيارن سان
مورن کي ماري ڇڏيو
اي وردي جا وارثو!!
اهو سچ آهي ته هر اديب پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿي پوءِ قلم کڻي ٿو. حڪومتي ڏاڍ، طبقاتي اوچ نيچ، سماجي توڙي معاشي براين کان وٺي آسماني آفتون، جڏهن ليکڪ جي ضمير کي جهنجهوڙن ٿيون، تڏهن ئي هن جي قلم مان چڻنگون نڪرن ٿيون. هر دور جو ادب ۽ شاعري ان زماني جي لکيل تاريخ کان وڌيڪ معتبر ۽ مستند هوندي آهي. سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ايرانين، يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن کان وٺي ويندي اڄ تائين هيءَ ڌرتي ڪوس گهر رهي آهي. سنڌو جو پاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪنهن موسم ۾ سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي، پر سنڌين جي رت جي وهندڙ ندي ڪڏهن به سڪي نه آهي. سنڌين کي اهو ڏاڍ، خبر ۽ مار موچڙو ڄڻ سُتيءَ ۾ مليو آهي. ان ڪري مظفر چانڊيو چيو آهي ته:
هر وک تي ويري وري
واٽ کي واڙي پيو
گهاٽ تي تاڙي پيو
مرڪ کي هو کسي
ڀاڳ کي ڀاڪر ڀري
سنڌ کي ماري پيو.
بهرحال اسان به اهڙي قيامتي دور ۾ لٺ باٺي واري سياست ۾ حصو وٺي، جيل، ٿاڻا ۽ پاڻ سَٽائي ڪُٽائي ٽانڊا بڻجي نڪتا هئاسين، پر جڏهن پنهنجي آدرشن ۽ اميدن جي آخري سهاري، روس کي اڀاڳين اکين سان لڙهندي ڏٺوسين ته مجبورن وري اسان واپس راندين جي ميدانن ڏانهن منهن ڪيو. اسان جي وجود جي ڪري لاڙڪاڻي جا سرسبز ميدان رنگ برنگي سائبريائي پکين جيان رانديگرن سان سٿجي ويا.
ان دور ۾ اسان جي لاهوري محلي لاڙڪاڻي واري اوطاق به ساري سنڌ جي پوڙهن، نوجوان ۽ ٻالڪ اديبن، توڙي کيڏارن جو ڄڻ آشرم هئي، هڪ ئي وقت اوطاق جي هال ۾ بابا انيس انصاري سان بزرگ ۽ نوجوان اديب ڪچهري ۾ مگن ملندا هئا ته ٻئي ڪمري ۾ مون سان راند جي دنيا جي وڏن نالن جو ميلو متل هوندو هو. اوطاق جي ٽئين ڪمري ۾ اخلاق انصاري ٻارن جي جهرمٽ ۾ ”ٻارڙن جي ٻاري“ جون گڏجاڻيون پيو هلائيندو هو. اهڙي طرح اسحاق انصاري به ڪا ڪنڊ وسايون، ٽيبل ٽينس جا رانديگر ۽ پاڙي جا ٻارڙا ميڙيون، اصلاحي ۽ خيراتي ڪمن ۾ مصروف ملندو هو. مطلب ته اسان کي فخر آهي ته لاهوري پاڙي واري ان غريب خاني تي ڪيترن اديبن ۽ رانديگرن پنهنجي قرب جا پير گهمايا آهن.
انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي ڪرڪيٽ جو ساٿاري محب چانڊيو به اسان تي مهربان هوندو هو. ڪڏهن اسان وٽ ته ڪڏهن سندس بيٺڪ تي ستارن جي اجهامڻ تائين محفل مچندي هئي. اهڙين مستومست محفلن دوران ئي منهنجي مظفر چانڊيو سان انسيت ٿي. مظفر سان ملڻ مان اندازو ٿيو ته يار عام نوجوانن جي برعڪس پنهنجي وقت ۽ وجود کي ڪارگر بنائڻ ٿو چاهي. هو ان وقت علم ادب، رشتن ناتن ۽ پنهنجي قوم جي خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ تجسس ۾ وڪوڙيل شهزادو لڳندو هو. هو انهن مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ پيو چاهي.
مظفر آخر ان آنڌ مانڌ مان نڪرڻ لاءِ جلد ئي دوستن سان صلاحي ٿي ”پروڙ“ رسالو ڪڍيو. حالانڪ ان وقت مظفر جو ڪو ايڏو ادبي هڏ ڪاٺ به نه هو. نه ئي هن جي همدردن مان ڪنهن کي مواد سهيڙڻ ۽ رسالو ڇپائڻ جو تجربو هو پر هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته رسالو ڪيئن ڪڍبو آهي. ساڳي وقت ڪهڙيءَ طرح رسالي جو معيار مٿانهون رکبو آهي.
اڄڪلهه اسان وٽ پاڻ پڏائڻ جو مرض پليگ جيان پکڙجي چڪو آهي. ڪي همراهه سستي شهرت لاءِ اخلاقيات جا ليڪا به لتاڙي ٿا وڃن. جيڪڏهن ڪو ڪک به ٻيڻو ڪري ٿو ته لک جي ڳالهه ٿو ڪري. مظفر سنڌ جو اهو گمنام سپاهي آهي جيڪو ڪڏهن به مڃتا ۽ واهه واهه پٺيان نٿو ڊوڙي، پر هو هڪ خاموش خدمتگار آهي. هي سنڌ جو اهو يگانو اديب آهي جيڪو مصيبت ماريل مارن جي مدد لاءِ هر آفت زده علائقي ۾ پهچي وڃي ٿو. مون اکين سان ڏٺو آهي ته 2010ع ۽ 2011ع واري مها ٻوڏ دوران هو هر موڪل واري ڏينهن تي نور احمد ميمڻ سان گڏ دوائن ۽ خيمن سان گاڏيون سٿي، ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت اچي دادو ۽ بدين جي ٻوڏ سٽلين جي واهر لاءِ پهچندو هو. هن اهو سارو ڪم هڙان وڙان ذاتي اثر رسوخ ۽ ڏيکاءَ کانسواءِ ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا ٻيا ڪامورا، اين جي او جا ڪارندا، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير پهريائين ميڊيا ۽ ڪئمرائن جو بندوبست ڪرائي، پوءِ اٽي لپ يا گهه جو دُڪو ڪنهن ضرورتمند کي چٽائيندا هئا، پر اسان مظفر کي اهو سارو عرصو آلين اکين سان غمگين حالت ۾ گوڏي جيتري پاڻي ۽ گپ چڪ ۾ رلندي ڏٺو. مطلب ته مظفر جي سرير ۾ رڳو سنڌ ۽ سنڌيت سمايل آهي.
هي ٻروچڪو ٻار هڪ عملي ماڻهو آهي، هو هميشه سرهه جيان اڳيان کيرٿر جهڙا اُڀا ۽ اڻانگا ڏونگر سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. قدرت هن ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جي شڪتي رکي آهي. شل نه ڪو خفت سر تي سوار ٿئيس، پوءِ جو چين ۽ سڪون حرام ٿيو پئي. تازو جڏهن 2012ع ۾ پيپلز پارٽي ٻٽو بلدياتي نظام لاڳو ڪيو. اسان جي هزارين شاعرن ۽ سوين ڪهاڻيڪارن مان سڀ کان پهريان ان ڪاري نظام خلاف تحريڪ هلائڻ جو خيال مظفر کي ئي آيو. هن هڪدم فونن تي رابطا ڪري نور احمد ميمڻ سان گڏ منٿ ميڙ قافلا وٺي ساري سنڌ جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو، هن ”سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم“ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ اديبن جا مظاهرا، مشاعرا، ڪانفرنسون ۽ ڪانگريسون ڪرايون، ايتري قدر جو اسيمبلي اڳيان انساني هٿن جي زنجير ٺاهي، حڪومتي ايوانن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو.
آخر ساري سنڌ جي ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي، سياسي پارٽين ۽ عام خلق جي دانهه ڪوڪ تي ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي غدارن کي پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ٿي، هنن پنهنجي رهيل ساک بچائڻ لاءِ سنڌ سان ڪيل ويساهه گهاتي تي شرمسار ٿي اهو ٻٽو نظام واپس ورتو. ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته ٻٽو نظام واپس وٺرائڻ جو سهرو مظفر چانڊيو ڏي ئي وڃي ٿو.
مظفر ۾ اها خوبي يا خامي آهي ته هو قوم سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف ڪنهن ڪاريهر جيان ڪَرَ کڻي بيهي ٿو. هو سنڌ جي ويرين کان وير وٺڻ ۾ ويرم نٿو ڪري، ساڳيءَ طرح هو محبت به ڪندو آهي، اڳلي جو ساهه ڪڍي ڇڏيندو ۽ وري جي نفرت ڪندو ته ڄڻ اڳلي کي جيئري جلائي ڇڏيندو. ان ڪري دوست هن جي ان خوبي تي ناز به ڪندا آهن ته ڊڄندا به آهن. اهوئي سبب آهي جو جڏهن کان اسان جي دلبر ۽ خوبصورت شاعر حسن درس جو المناڪ موت ٿيو آهي. مظفر جي ڳلن تان ڳوڙها نه سڪا آهن. مظفر هن ڪتاب جو نالو ”ساري سنڌ پرئينءَ جو پاڇو“ به حسن جي شاعريءَ مان چونڊڻ سان گڏ ارپنا به هن جي نالي ڪئي آهي. ان کانسواءِ ڪتاب جي ڪافي شاعري هن پنهنجي محبوب دوست جي غمناڪ وڇوڙي تي ڄڻ ڪيڏارو طور ڳائي آهي. جيئن هو چئي ٿو:
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
تنهنجا ڇڏيل پيرا چمان
اڌورا اُڃايل سپنا ڏسان
ڳلن تان ڪريل ڳوڙها چمان
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
هڪ ٻئي شعر ۾ هو پنهنجي دوست لاءِ هنجون هاريندي کيس هن طرح ساري ٿو:
حسن ها جي موٽي اچين
ڇتن تي ڇير پائي آنءٌ نچان
ڏکن کي ڏنڀ ڏئي
ڀتن کي ڀاڪر ڀريان
ستارن کي سوري سڏي
رات جي راڻي ٿيان
چڪور جي چهنبن ۾ ڪائي
چنڊ جي چمي بڻان
اها حقيقت آهي ته هر سچو اديب پنهنجي قوم مٿان آيل مصيبتن، غمن ۽ ذلتن کي ڄڻ پنهنجي وجود تي وار سمجهي ٿو. مظفر کي به پنهنجي جيجل جي جسم تي آيل هر زخم گهايل ڪري ٿو. هو سنڌ تي آيل اهڙي چهڪ تي چڪي ٿو. پچي، پڃري لڇي ۽ لوچي ٿو. آخر ۾ اهڙا اڌما پنن تي اوتي پنهنجي گهايل من تي آٿت جا پها رکي ٿو.
اوهان ڏسندا ته ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ ۾ سندس شاعري وڏن قومي سانحن کان متاثر ٿي لکيل آهي. جيئن فوجي جنتا هٿان ڀٽو جي ڦاهي، جوان مرگ مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت، شهيد سنڌ بشير خان قريشي جي شهادت، هڪ ڏکويل ماءُ نصرت ڀٽو جو غمناڪ موت، ساڳيءَ طرح شهيد راڻي جي ڪربناڪ قتل کي به مظفر پنهنجي لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو. آخر ۾ جابلو شينهن اڪبر بگٽيءَ جي مانائتي موت تي هو پراميد آهي ته اهو موت، ملڪ جي مظلوم قومن لاءِ هڪ نئون نياپو ۽ اتساهه جو سبب بڻبو.
ڪوهلو جي ڪوهسارن ۾
هڪ پوڙهو شينهن رهندو هيو
هو پنهنجي سرمئي لٺ سان
پاڻ کي ٽيڪ نه ڏيندو هيو
پر بلوچن جي سمورن سورن کي
ٽيڪ ڏئي هلندو هو
هن مٽي کي مٺي ڏئي
وچن ڪيو هو
ته هو ڪڏهن به نه جهڪندو
هن نه صرف بلوچن جو
مان مٿانهون ڪيو
پر ملڪ جي سمورن مظلومن کي
هڪ نئون نياپو ۽ اتساهه ڏئي
موت کي مات ڏني.
اشتياق انصاري
سلمه گارڊن، حيدرآباد