سنڌ مُرڪائي ڏيو
سنڌ ۾ سرهاڻ هئي
سنڌ اهڙي ڪا نه هئي
امن هو چئني طرف
۽ نديءَ ۾ جوش هو.
ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين
ملڪ هو ڪيڏو مٺو
نه ٻوليءَ جا ها ڦڏا،
نه اقليت جا ها ڏچا،
نه فرقا ها ڪي گهڻا
۽ نه مذهب هو مسئلو.
شهر ها پنهنجا اڃان،
بحر ها پنهنجا ميان
۽ حيدرآباد جون هوائون
پانن پڪن کان پاڪ هون،
هيرآباد جون پريون
ڪيئن وسرن هو ٿريون
جن کي ڀٽائي ياد هو
۽ پوءِ هڪ گهڙي
ويساهه گهاتيءَ جو وار ٿيو
خنجر هو دل ۾ کتو
۽ ڪليجو ڌار ٿيو.
ڏسندي ئي ڏسندي
شهر ويا پنهنجا هليا
۽ ٻوليءَ جا ڦڏا
ڪهر ٿيا ڪيڏا وڏا،
اجرڪ، ٽوپيءَ تي وار ٿيا
۽ پکي اڏاڻا ڏار تان.
امن ويو پنهنجو هليو
صنم ويو پنهنجو هليو
ڦاهيءَ چڙهيو ڪاڻي هٿان.
نه سنڌ آ اها رهي
نه سنڌوءَ ۾ پاڻي بچو،
نه ٻيلا ۽ ميلا بچا
چون ٿا: ”ڌاڙيل آ
سنڌ جو هر هڪ ٻچو.“
ادب سان آنءُ چوان ٿو:
47 کان پوءِ واري ڏنل
هر هڪ شيءِ کڻو
مون کي منهنجي وڏڙن جي
سنڌ موٽائي ڏيو
سنڌ مرڪائي ڏيو
سنڌ موٽائي ڏيو.