سنڌي هڪ چيڙهي قوم
هي ملڪ آ زردارَن جو
۽ بيشرم غدارن جو
هن ملڪ جو چرخو ايئن هلي
وئشيا ڌنڌو جيئن هلي!
هن ملڪ جا پکي پيا پار ڪڍن
۽ وڻ ٿا پنهنجا وار پٽن
هن ملڪ جي عورت هيسايل
۽ هرڻيءَ جيان آ گهايل
هت چورن کي ٿو مان ملي
ڦورن کي ٿو شان ملي
هت مورن لاءِ آ گولي
۽ ٿورن لاءِ آ لولي
هت بنگالي ته بار نه آ
ير برميءَ سان آ نرمي
۽ هندستاني بيشرمي
ٿي شهر لٽي شمشيرن جا
افغاني ايذائن سان
ٿي تاريخ کان ڄڻ رت ڳڙي
۽ گهوڙا گهوڙا هر گهر ۾
ڌرتي ڌڻي بک ۽ بر ۾.
شهر سڄي ۾ جهنڊا آهن
”ڀيا“جو هو غنڊا آهن
رت جي هو راند رهن ٿا
نفرت سان هو ڇا ٿا چاهن؟
ڇا نئون اسرائيل اڏن ٿا؟
يا فلسطيني مٽيءَ وانگر
۽ غزا جي هر گهٽيءَ وانگر
گُولن جا هو خول ڀرن ٿا!!
ٻارن جا به جهول ڀرن ٿا!!
هو ته ايئن ٿا سمجهن:
صوفين جي هن ديس جا ماڻهو
ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو
ٺاٺا کان جي ڏور ڀڄن ٿا
گيڙوءَ من سان گهايل آهن
درگاهن جا سائل آهن
بکن جا به قائل آهن!!!
تن کي گجر، موريءَ وانگر
کائي هو هٿ ڇنڊيندا
۽ پوءِ يوپيءَ، سي پيءَ مان
ماڻهن جا هو سمنڊ سڏيندا!!!
هنن نه اسان جي ٻولي ڄاتي،
نه اسان جي چولي پاتي،
نه سچوءَ جو آ سچ ٻڌو
نه لطيفي آ لات ٻڌي
نه بلاول جا ها گهاوَ ڏٺا
نه دولهه جا ها تاوَ ڏٺا
نه هوشوءَ جي للڪار ٻڌي،
نه سورهيه جهڙي سرڪار ڏٺي
هت ارغونن به هو آزمايو
۽ سڪندر هو پڇتايو
هر ڦورو پنهنجا ڦٽ چٽيا
۽ گهاتن جا ها گهاوَ سٺا
نه موکن پنهنجا مٽ ڇڏيا
نه ڀاڳين پنهنجا پٽ ڇڏيا
آ مڪلي هر ڪنهن مات ڏني
۽ جيون واري جوت ڏني
قومون جي تاريخ ٿين ٿيون
سي ته جنگن منجهه جيئن ٿيون
نه تاريخ کي ”ڀيا“ تو سمجهيو،
نه چيڙهي قوم کي تو سمجهيو!
ننگ لاءِ ٿا نانگ ٿين جي
۽ دنگ تي ٿا وارجن جي
ڌرتي جن جي ماتا آهي
ڌرتي تن لاءِ ان داتا آهي
تهذيبن کان اڳ جي آهي
انسانيت کي ٿڃ ڏني جنهن
حيوانن کي ٿي حاصل ناهي
دهشت جي هو قائل ناهي
وحشت ڏانهن هو مائل ناهي
وحشت ڏانهن هو مائل ناهي.