شاعري

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون .
Title Cover of book ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

رهزن اڄ ٿيو رهبر آهي

رهزن اڄ ٿيو رهبر آهي

راڻا تو جا باهه هئي ٻاري
تنهن جا شعلا ساڳيا ناهن
تنهن جا ڀاڳيا ساڳيا ناهن
ها پر ڀڙوا ڏاڍا آهن!
روز انهن جا رنگ نوان هن
روز انهن وٽ انگ نوان هن
چورن جي چوياري آهي!
ڌرتي کي جي کاٽ هڻن ٿا
دولت تن کي پياري آهي
قوم جا قاتل، تنهنجا قاتل
تنهنجي هُو اولاد جا قاتل
رهزن ٿيو اڄ رهبر آهي
ور ۾ ان کي خنجر آهي
ڪيڏا سهڻا ڪنڌ ڪپي ٿو
روپا راڻا سَنڌَ ڪپي ٿو
تنهنجي نياڻي، سنڌ جي راڻي
تنهن کي به هُو باز جهپي ويو
خلق کان ڄڻ آڪاس کسي ويو!!
رحمان سان هُو راضي آهي
بابر هن جو قاضي آهي
مولا اک جو تارو آهي
پرويز به هن کي پيارو آهي
ٺڳن جو ڄڻ وارو آهي
تنهنجا سپنا روز ٺڳن ٿا،
خوابن کي به روز جهپن ٿا
خلق کي ڪيڏا خنجر کوڙي
منزل کي ڏس ڪيئن ٿو موڙي!!
تارن کي به تاڙي ويٺو
سنڌ کي سنگهرن واڙي ويٺو!!!
هو نه تنهنجي واٽ تي آهي
هو نه تنهنجي لاٽ ٿو ٻاري
پوءِ ڇو پتنگ هن تي پچن؟!
پوءِ ڇو پوپٽ هن ڏي اچن؟!
هاڻ اسان کي معافي گهرجي
راڻا تنهنجي معافي گهرجي.