تخليق
پکين جا آکيرا ويٺو
ماڻهو پنهنجي من ۾ ٺاهي،
ڳالهين جا ڳيرا ويٺو
ماڻهو پنهنجي من اڏاري
ماڻهو گهاٽي جهنگ مثل آ
جنهن جا رستا روز سڙن ٿا
جنهن ۾ ڪيئي ڪيٽيون ڪم جون
سوچن جا جت ساهه کڄن ٿا
لفظن جا ڄڻ وڻ لڏن ٿا،
شاعر هر شام جو ويهي
ڪيڏا تن کي ڌوڻا ڏئي ٿو
پن پن مان ڄڻ پيار ڇڻي ٿو
موتين جي هو مالها پوئي
نظمن ۾ ڄڻ ساهه ٿو ڦوڪي
ڪيڏا سهڻا گيت ڄڻي ٿو،
ڪيڏا سهڻا گيت ڄڻي ٿو.