ويساهه گهاتي
هڪ ڏينهن منهنجي وڏڙن
بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي
پنهنجي سسي ۽ ساهه،
پنهنجا شهر ۽ بحر
هم مذهب جلاد کي ڏئي ڇڏيا!
شايد مذهبي جذبي ۾
يا شايد سمجهيو هئائون
ته آئيندو بهتر ٿيندو،
خوشيون ۽ سک ملندو.
افسوس!!
انهن مذهبن جي تاريخ نه پڙهي هئي
۽ شايد قومن جي تاريخ به نه پڙهي هئي.
افسوس!!!
انهن پنهنجن تان ويساهه کڻي
ڌارين تي اعتماد ڪيو
افسوس!!!
انهن لطيف جي لازوال سٽ به نه پڙهي هئي
”ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مُئيءَ جا نه ٿيا“
۽ پوءِ هڪ گهڙي،
ويساهه گهاتيءَ جو وار ٿيو
ڌرتي ڌڻي ڄڻ بار ٿيو
۽ سندن تخت تي
ڀائي جا جهنڊا لڳا،
ٻولي وئي، لولي وئي،
سمنڊ جي ڇولي وئي
ڪيس ٿيا ڪيڏا وڏا.
ڪيس ٿيا ڪيڏا وڏا.