پئرس
پئرس تنهنجي گهٽين ۾
پيار جا پئمانه مون ڇلندي ها ڇڏيا
۽ حُسن جا هزارين
آبشار وهندي ها ڏٺا.
چنڊ به هو ڪنهن چاهه ۾
سونهن جا سوين سمنڊ هر راهه ۾.
پرينءَ جي پنڌ جهڙي هوءَ ندي
شهر جي دل مان ٿي وهي،
ڪونڌر ڪيئي ٿي ڪُهي،
هر چوڪ تي چاڪو تکو
۽ ڪناري تي ڪجلي ڪنواري
گهور سان ٿي گهوٽي ڇڏي،
مرڪ سان ٿي ماري ڇڏي
۽ ايمان جا ايفل ٽاور ٿي لوڏي ڇڏي.
انگيءَ جي آرزو به اڏندي مون ڏٺي
درد جي دانهن دل مان هئي ڦٽي،
چرچ جي چائنٺ تي چمي تڙپي اٿي،
زندگي هر گام تي گلابن سان گڏي
سار جا سمورا ساز ڇيڙي ڇڏيم
ريشمي ٿان جيان ويڙهي ڇڏيم.
ڳليءَ جي ڳالهه تان ڳوٺ هو موٽي پيو
۽ ڪنب تي مَيرُ هو ڌوپي پيو
سونهن جو سفر هو پورو ٿيو
گناهن گذر هو ٿورو ٿيو
گلابن گهمڻ هو ٿورو ٿيو.