شاعري

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون .
Title Cover of book ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

حَسن جو ڪيڏارو

حَسن جو ڪيڏارو

هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
تنهنجا ڇڏيل پيرا چُمان
اڌورا اُڃايل سپنا ڏسان
ڳلن تان ڪريل ڳوڙها چُمان
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو

وائي ته هر هڪ وات هُئي
چنڊ گرهڻ جي رات هئي
ڪينجهر رُني ڪاڇو رُنو
منڇر رُني، مڪلي رُنو
سانجهي ته تو ساڻ وئي
۽ مٺيءَ جي مورن آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

سمنڊ ٿو سينو ڪُٽي
رات پئي روئي رڙي
جهمپير جي مندر آ رُنو
سنڌڙيءَ جي اندر آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

اچُ ته راڻا اڄ واٽ تي
سنڌوءَ جي ڪنهن گهاٽ تي
سنگتين، سرتين آ رُنو
ڏونگر، ڏاڍن آ رُنو
کجيءَ، تاڙيءَ آ رُنو
موکيءَ، مٽڪن آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

مسرور جون مُرڪون اڄ ويون
رڌم جون راتيون اڄ ويون
ستارن سُڏڪي آ رُنو
موهن دڙي جي نچڻيءَ آ رُنو
شاهه پنجي جي شامن آ رُنو
وندر جي وڻن ۽ واٽن آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.
محمود جي اڄ ماڳ تي
راڻا تنهنجي راڳ تي
سنگيت، سازن آ رُنو
فقيرن، اميرن آ رُنو
بخشڻ، جاميءَ آ رُنو
سچل، ساميءَ آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

اکڙين جو هوُ نُور ويو
سيني ۾ هو سور ٿيو
سومل، مُومل آ رُنو
سَسئي، سُهڻيءَ آ رُنو
ملير، مارئيءَ آ رُنو
چيزل، روحل آر رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

شاهه بندر ڪيڏي اُڃ آ
سجاول ۾ اڄ سُڃ آ
لڪي شاهه ٿو لُڙڪ اگهي
نظم، غزل آ رُنو
بيتن، گيتن آ رُنو
پکين، اکڙين آ رُنو
هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.