اسلام آباد
اي اسلام آباد!!
مارگله جي چوٽين تان
تون سهڻي ٿي لڳين،
تنهنجي گرينري ۾
ڪو قهر آ،
تنهنجي تخت ۽ بخت کي
لڳي آ ڪنهنجي نظر،
تنهنجي هر بوتل ۾
زهر آ ڪيڏو ڀريل،
ڪنهن کي ناهي خبر
ته تنهنجي جهولي ۾
واسينگ ڪيئي ٿا پلن!!
۽ منافقن کي ساري مڳي
تنهنجي آ لڳي.
هي شاهراهه ”دستور“
لانگ بوٽن کي وڻي
انبن جو ٻور ڏس ڪيڏو ٿو ڇڻي
۽ شاهراهه ”جمهوريت“
آ جنهن ۾ ”ڪاڻي“ جي صورت
نظريئه ضرورت جو ڇُرو
آ ڪيڏو تکو
ڪنڌ ڪيئي ٿو ڪپي
۽ پارليامينٽ کي ٺڳي
اي اسلام آباد!!
عدل تنهنجي جو فضل
سپريم ڪمانڊر جو گروي رکيل
مک تنهنجي تي LFO
دانگيءَ جهڙو ٿو لڳي
چنڊ توتي ٿو کلي
ڏيهه توتي ٿو کلي
اي اسلام آباد!!
سنڌ جا نقلي سورما
ٿا وسن تو ۾ جڏهن،
ڏسن ٿا ڪا ڇوڪري
۽ ڪرسي موڪري
ماءُ گروي ٿا رکن
ماءُ گروي ٿا رکن.
اي اسلام آباد!!
هي بلوچي بگو
بيڪار ۾ ڪيڏو ٿو ڪُڏي
۽ بروٽس جو خنجر
جمهوريت جي پٺيءَ ۾
قرض سمجهي ٿو هڻي،
فرض سمجهي ٿو هڻي.
اي اسلام آباد!!
هي مذهبي مينڊڪ
عطر جون شيشيون هڻي
۽ وڏيون سيٽيون هڻي
ٿا اچن تو ۾ جڏهن
بشرف جو خاڪي حلووه کائي ٿا وڃن
منهن ۾ ڇائي ٿا وجهن،
منهن ۾ ڇائي ٿا وجهن.