سنڌ83 کان 2006 تائين
اندر جي انسان کي
هُن تڪي هو توريو
ماس ڄڻ هو ڪوريو
گهاگهر جيئن ڇلڪي پيو
ڀِترُ جيان ڀُرڪي پيو
۽ چکي چهراڻ کي
سُڏڪو هو سانڍي رکيو
ٽياسي کان ٽنگيل
رت ۾ ها رنڱيل
لاش مون ڪئي ڏٺا
۽ جمهوريت جا ڏٽا
ڪنهن اجائي ويڙهه ۾
ڪنڌ ها ڪيڏا ڪپيا.
دادوءَ سان دوکو ٿيو
”تمغي جمهوريت“قاتل کي مليو
موري جي ميدان ۾
۽ اقتداري ايوان ۾
هر قبر ٿي سڏڪا ڀري.
مير جي موت آ ماري وڌو
ڀٽي جو روح ٿو رانڀٽ ڪري
۽ پي پي جون دريون
اسلام آباد لئه چريون
پنڊيءَ جي اڏي
رت لئه پئي رڙي
ڇا ڪوئي ڪنڌ آ باقي بچيو؟
۽ قرباني جو گهٽو
سنڌ ٿي آ ڇي اڃان!؟
چڱائي لئه چري
سکائون پئي باسي اڃان!!
ڪاش تون ڪاڇو ڏسين،
لاڙ ۽ وچولو گهمين
بک جو پاڇو ڏسين،
اُتر آ اونداهه ۾
دشمنين جي اوڙاهه ۾
۽ ڪراچيءَ جون گهٽيون
آهن اسان لئه اوپريون
هاڻ ته انصاف ڪر
۽ اسان کي معاف ڪر.
۽ اسان کي معاف ڪر.