شاعري

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون .
Title Cover of book ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

بيت

بيت

تون ئي منهنجي رات، تون ئي منهنجو ڏينهن
کڻي سارو مينهن، وڃان ملڪ ملير ۾.
*

وڃان ملڪ ملير ۾، ڇڏي سارو ڏيهه
الا مونسان ويهه، اکين آهي اُڃ گهڻي.
*

اکين آهي اُڃ گهڻي، ڏسي تنهنجا ڏڪ
دلڙي آهي سڪ، ناهيان پنهنجي وس ۾.
*

ناهيان پنهنجي وس ۾، تون ئي منهنجو ساهه
ڪري ڪو ويساهه، ملي وڃ ”مظفر“ سان.
*

ملي وڃ ”مظفر“ سان، ڪري ڪيئي قول
ڀري پنهنجا جهول، ڏئي وڃ ڏکيءَ کي.
*

ڏئي وڃ ڏکيءَ کي، سهڻا پنهنجا سور
گهائي وڌو گهور، الا منهنجي من کي.
*

الا منهنجي من کي، موهي وڌو مُرڪ
ڀري ڪيڏا ڇِرڪ، اُٿيس آڌيءَ رات جو.
*

اُٿيس آڌيءَ رات جو، کڻي ڪو ڏيئو
مارون سڀ جيئو، آزاديءَ جي آس ۾.
*

آزاديءَ جي آس ۾، ٿڪجي نه پئجو
”انالحق“ چئجو، مرڪي منصور جيان.
*



مرڪي منصور جيان، سور سمورا سهجو
اڳتي ڪهجو، پٺ نه ڏجو پنڌ کي.
*

پٺ نه ڏجو پنڌ کي، باقي آ ٿورو
کڻي تنبورو، نڪري پئو روڊن تي.
*

مٽي کاري ڇاڻ جي ڪنهن کي سڏي ٿي هاڻ
آهي سنڌ اياڻ، دودا ناهن ديس ۾.
*

مٽي کاري ڇاڻ جي، آهي اڄ اداس
سنڌڙي جو ماسُ، ويرين آهي وات ۾.
*

مٽي کاري ڇاڻ جي، پئي اڏامي اُڀ
ڦورن جا ڀڀ، ڀرڻا ناهن سنڌ مان.
*


سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو، ڪيڏو آهي ڪيس
کڻي پنهنجو سيسُ، وڍيو ڪاري رات کي.
*

وڍيو ڪاري رات کي، مور نه مڃيو مات
کٽڻي آهي رات، مارئي تنهنجي ملڪ مان.
*

مارئي تنهنجي ملڪ مان مري ويا مور
ڪيڏا آهن چورَ، رهبر تنهنجي ديس جا.
*

رهبر تنهنجي ديس جا، ٽڪي جا هن ڏهه
گدڙ ۽ گڏهه، وڪڻي ويا سنڌ کي.
*

وڪڻي ويا سنڌ کي، ٻيٽي وارا چور
شڪارپوري سوئر، ويٺا گاديءَ شهر ۾.




ويٺا گاديءَ شهر ۾، ڪري ڪيئي قول
ڀري آيا جهول، سودو ڪري سنڌ جو.
*

ڀرڻا آهن سنڌوءَ مان، ڪارا پيلا ڊيم
جيجل ڳڀو ڏينم، خالي آهي پيٽڙو.
*

خالي آهي پيٽڙو، سنڌ مري ٿي اڃ
الا ڪيڏي سُڃ، مالوندن جي ملڪ ۾.
*

هي جو ههڙي ٿڌ ۾، تنهنجا ڏُڪ لڏن
پگهرجي چپ پون، تون جي کڻي انگڙا.
*

پوپٽ هڻي پرڙا، ڪيئن ڏور وڃن
پرينءَ تائين پهچن، الا منهنجا سڏڙا.
*



تنهنجا رنگ ڏسي، تڙپي آ اٿي
ڪيڏو آ سڪي، دلڙي هن سنسار ۾.
*

ائين اکڙين ۾ اٽڪي نه پئه
دل جي دڳ تي ڀٽڪي نه پئه.
*

ميندي هڻي من کي موڳو نه ڪر
ڀنل ڀاڪر ڀري ايڏو سوگهو نه ڪر
*

نه ڪا رات، نه ڪي ڏينهن آ
نينگري نچي پئي، رڳو نينهن آ.
*

ڏکندڙ دل ائين ڌڙڪي پئي
جلندڙ سنڌ جيئن ڀڙڪي پئي.
*


ٻري پئي باهه ٻانهن ۾
ٺري پئي رات ٻانهن ۾.
*

مرڪي من کي ماريون ٿا
اندر جي آڳ ٺاريون ٿا.
*

جيءَ ۾ جلوو جانب جو، جدائي کي جلائي ٿو
فقيرن کي فراقن ۾، لاهوت ۾ ملائي ٿو.
*

پنهون ٿيس پاڻ، ٻاروچل سڪ ۾
سرتيون سڄڻ ساهه ۾، ٻاهر ناهي هاڻ
ڪيچي ڪندا پاڻ، پنهون پنهون ڪيچ ۾
*

پنهون کڻي ننڊ ۾، ڏيرن ڪيو ڏوههُ
ويڙهيچن جو اديون، ڪهڙو آهي موهُه
جتن ڪيو ڊوهُه، نماڻيءَ نصيب سان
*