شاعري

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون .
Title Cover of book ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو

لڏندڙ لامن مان ڇوڙيل پينگھون

قمبر ڀرسان ھن جي وڏڙن جي قبرن جي قبن مٿان نيرا ڪلس ۽ ڪاشي جو ڪم صديون گذري ويون پر اڄ به سدا موجود آھن . انھن ڪلسن ۽ ڪاشي جي نير ۾ چون ٿا ته ڏاچي جو کير گڏايو ويندو آھي، جنھن جي ڪري نير جي اھا ڪينجھر ۽ ڪِن سھڻن جي اکڙين جي رنگ جھڙي نيراڻ ڪئين صديون زمانا گزري وڃڻ باوجود موجود رھي ٿي. اھڙي ريت ھيءُ جو مظفر آھي ھن جي اندر ۾ به اھڙي سدا محبت جي نيراڻ موجود آھي جنھن جو شعلو ھن جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي ڀنڀٽ بڻجي ٿو. بلڪل ان اردو شاعر چواڻي: جو بھی کچھ ہے محبت کا الائو ہے۔
پر اھو محبت جو الائو مظفر وٽ يڪو پڪو نير جي نيراڻ وانگر آھي. ڀٽائي چيو ھو،
”وھون شھيدن جون نير مھانگو ڪنديون“ (يعني شھيدن جون بيواھون نير جو رنگ مھانگو ڪري ڇڏينديون. اڳي يا شايد ھاڻ به ڪٿي ڪٿي سنڌ ۾ ماتمي لباس جو رنگ ڪارو نه پر نيرو ھوندو). سنڌي ماڻھو ڇا آھن؟ بس شھيدن جون وڌوائون آھن. محبت ۽ ماتم ھنن وٽ گڏ گڏ ھلن ٿا. ڪٿي ڪٿي مظفر جي ھن شاعري جي ڪتاب ۾ به مونکي ايئين لڳو.
ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون . شيڪسپيئر چيو ھو: شاعر، عاشق، چريا ۽ ٻار پاڻ ۾ وڏيون ھڪجھڙائيون رکندا آھن. پر ذاتي حوالي سان معاف ڪندا ۽ مونکي اھو چوڻ ڏيو ته مظفر ۾ انگريزي ٻولي جي شاھ ڀٽائي سيد شيڪسپيئر علي شاھ جي ڏسيل نيشانين مان ٽيئي يعني عاشق، شاعر ۽ ٻار ھجڻ واريون اتم موجود آھن.
يونانين چيو ھو محبت ڳنوار کي به شاعر بڻائي ڇڏيندي آھي. يونانين اھا ڳالهه مون جھڙي ماڻھو لاءِ ڪيئي ھوندي پر حسن درس جي محبت ۽ ھن سان ڪيل رولاڪين مظفر چانڊيي کي شاعر بڻائي ئي ڇڏيو. مظفر کي ڪو پاءَ صدي اڳ مون ساڻ اسان جي دوست جامي چانڊيي ملرايو ھو. اھو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن. اڄوڪي ڏينھن (چوڏنھن جولاءِ) مظفر آمريڪا ۾ آھي( جنھنکي به ھو سنڌ جيان پيار ڪري ٿو ۽ ھن مھل ھو پنھنجي زال (منھنجي ڀاڄائي) ۽ ٻنھي پيارن ٻارڙن سان (جن ۾ ھن جو پٽ بالاچ انگريزي ۾ شاعري ڪري ٿو) ڌيءُ سنڌيا جيڪا ھڪ آرٽسٽ آھي سان گڏ نياگرا فال تان ڊرائيو ڪري نيويارڪ موٽي اچي رھيو آھي ۽ مان ھي صفحا لکي رھيو آھيان). ته ڳالهه پئي ڪئي سين، سنڌ جي قومي سھڻي حسن درس جي جنھن پنھنجي مٿان راڄ چريا ڪيا ھا مظفر ۽ جامي سان گڏجي ڪئين مشھور ۽ گمنام راھن تي رولاڪيون ڪيون. ڪڏھن ھو ھندوستان دھلي ۾) قرت العين حيدر سان ملڻ ويا ته ڪڏھن ڪلڪتي ڀرسان مھا ڪوي ٽيگور جي شانتي نيڪيتن جي زيارت تي. بنگالي آرٽسٽ ڇوڪري پولي جي سائيڪل جي گھنٽي گھڙي گھڙي حسن وڄائيندو رھيو. انھي سفر دوران ھو ننڍي کنڊ جي مھان خاتون ۽ پنجابي جي امر شاعره امرتا پريتم ۽ سندس دوست امروز سان سندن انھي گھر ۾ مليا ھا جنھن جي ھڪ ھڪ ڪمري، در ۽ ديوار تي چترڪاري امروز ڪيئي ھئي جيڪو گھر ھاڻ وڪامي به چڪو. نه فقط وڪامي چڪو پر چون ٿا امرتا پريتم جو اھو گھر ڊاھي انتي پلازا ٺاھيو ويو آھي. مونکي لائجي امرتا پريتم جي گھر جو وڪجڻ ننڍي کنڊ جي ڄڻ ته ٻيھر ورھاڱي جھڙي دردناڪ ترين واردات جھڙو لڳو ھو. مون انھي سانحي جھڙي ڳالهه تي پنجابي ۾ ھڪ نظم به لکيو هو. امرتا پريتم جنھن چيو ھو اندر ۾ ٻرندڙ ڀنڀٽ جو ڪو پاڇولو ناھي ٿيندو. ھا جڏھن اندر ۾ ٻرندڙ ڀنڀٽ تي ڳوڙھن جو مينھن وسندو آھي پوءَ انجو پاڇولو ٿيندو آھي ۽ اھو پاڇولو ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو به ٿي پوندو آھي.
انھي حسن درس جي ايپڪ نظم جيڪا ھاڻ سنڌ ۾ ھڪ خوبصورت چوڻي بڻجي ويئي آ ” ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ جي سٽ ئي کي مظفر پنھنجي شاعري جي ڳٽڪي جو سرو بڻايو آھي. سندي محبوب ۽ معشوق حسن درس کي ھن پنھنجو ھيءُ ڪتاب به ارپيو آھي. ”حسن درس جي نانءُ.“
فيض صاحب چيو ھو:
وہ تو وہ ہے تمھیں ہو جائے گی الفت مجھ سے
میرا محبوب نظر ایک نظر تو دیکھو

مظفر جي ھن ڪتاب ۾ نظم، غزل، ٽيڙو، بيت ۽ ھڪ اردو جو نظم ” انسانیت کا نوحہ ’’شامل آھن.
ھن شاعري جي ڳٽڪي ۾ نظمن واري ڀاڱي ۾ مونکي ڪي نظم ڏاڍا آئڙيا آھن. يا وري اھڙن نظمن ۽ انھي غم جو ڪاٿو ڪونھي جيڪي مظفر حسن درس جي وڇوڙي ۾ لکيا آھن.حسن جي جواني ۾ موت تي سرجندڙ سٽن ۽ خيالن ۾ الائجي ڇو ھڪ حسين ۽ غم انگيز نوحي گري اچي ٿي وڃي. مظفر جا اھي نظم جيڪي ھن حسن درس جي ياد ۽ جدائي ۾ لکيا آھن، اھي منھنجي من ۾ پکين جان آکيرو ڪري ويھي رھيا آھن. وڌيڪ انجو فيصلو مظفر جي ھن شاعري جو ڪتاب پڙھندڙ ڪندا، ان ڪري آخري اکر پڙھندڙ جا ئي ڳڻيا ويندا.ڇو جو مظفر جي شاعري جا اصل جج ته ھن جا پڙھندڙ ئي ٿيندا.
اجھو ھن جو نظم ”تخليق“ پڙھو:
پکين جا آکيرا ويٺو
ماڻھو پنھنجي من ۾ ٺاھي
ڳالھين جا ڳيرا ويٺو
ماڻھو پنھنجي من اڏاري
ماڻھو گھاٽي جھنگ مثل آ
جنھن جا رستا روز سڙن ٿا
جنھن ۾ ڪيئي ڪيٽيون ڪم جون
سوچن جا جت ساھ کڄن ٿا
لفظن جا ڄڻ وڻ لڏن ٿا
‎شاعر ھر شام جو ويھي
ڪيڏا تن کي ڌوڻا ڏي ٿو
پن پن مان ڄڻ پيار ڇڻي ٿو
موتين جي ھو مالھا پوئي
نظمن ۾ ڄڻ ساھ ٿو ڦوڪي
ڪيڏا سھڻا گيت ڄڻي ٿو
ڪيڏا سھڻا گيت ڄڻي ٿو.
اھڙي طرح ھن جو نظم وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانھن ڀل جان حسن درس جي ئي زمين ۾ ھجي پر ڏاڍو خوبصورت ۽ رڌم سان ڀرپور آھي. ھتي رئيس امروھي جو شعر ياد اچڻ بر مھل ٿيندو:
اگر ھو جيب میں نقدی تو سیر لاڑکانہ ہو
حسینوں مہہ جبینوں کی زیارت کا بہانہ ہو۔

مظفر جي ھن ڳٽڪي ۾ ھڪ ٻيو نظم " گلابن جا گردن اوچا ٿيا“ ”رت ۾ خوشبوءُ ميندي جي ملائڻ جي ڪوشش آھي“. ياد رھجي وڃڻ جھڙو نظم آھي, سواءِ ھن سٽ جي ته ”اڃ ھئي اگھاڙي ڪولھڻ ٿڻن ۾”. الائجي ڇو پوءِ اھا اگھاڙپ سرمدي ھجي يا عورت جي اسانجو سنڌي شاعر پنھنجي اڃ ۽ بک ۾ اگھاڙو ٿيو پوي. ڀلا سڄي شاعري ۾ اگھاڙيون ويچاريون عورتون ۽ ڇوڪريون ڇو. ھتي مان آرٽ ۽ شاعري ۾ اگھاڙپ جي جماليات ۽ انکي ڏسندڙ اک جي ڳالهه نٿو ڪيان. مان سنڌي شاعر جي ان عينڪ جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪا ھن جي اکين تي پاتل آھي.
مظفر پنھنجي ڪن نظمن ۾ ته نيويارڪ ۽ پئرس جي خوبصورتين کي سنڌ جي دل جي برش سان پئنٽ ڪري ٿو. ھن کي اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ سنڌ ۽ ديس جا درد ائين ڏسڻ ۾ ٿا اچن جئين شيخ مجيب الرحمان اسلام آباد جي روڊن کي ڏسي چيو ھو انھن روڊن کي ڏسي مونکي بنگال جي سڻي جي خوشبوءٌ ياد اچي ٿي. مظفر کي لاھور ۽ راوي کي ڏسي به سنڌ ، ڄامشورو ۽ ڪنھن جي ياد، ياد آيا. مظفر جي محبتن جو محور سنڌ آھي. سنڌ ۾ ڄامشوري کانسواءِ زندگي ھن لاءِ ٻيءَ ڪنھن جاءِ ڪونھي.
مظفر جيڪو سنڌ ۾ اڳلن ڏيھاڙن ۾ ” تو سنڌ کپائي زرداري“ جھڙي شاعري نما نعري جو موجد رھيو ھو جو اھو نعرو سنڌ ۾ ڄڻ ته بس لوڪ چوڻي مثل بڻجي ويو، پر ھتي مظفر جا ڪجهه نظم نعري بازي لڳن ٿا. اھڙا نظم ۽ ڪجهه ٻيا ڀرتي وارا نظم ھن ڳٽڪي ۾ نه به شامل ھجن ھا تڏھن به ھن جي شاعري سٺي ۽ سيھوڳي سمجھي ۽ پڙھي وڃي ھا. اردو ڳالھائيندڙ آبادي بابت مظفر جا پنھنجا ويچار آھن ۽ ڏسڻ جي پنھنجي ڪنڊ آھي پر شاعر ۽ سنڌ سراپا محبت ھجڻ گھرجي . يعني پيار سڀني لاءِ نفرت ڪنھن لاءِ به نه. ساري سنڌ پرينءَ جو جي پاڇو آھي ته پوءِ اھا ۽ انجي آزادگي محبت سان ملندي جھيڙي، نفرت ۽ ڪروڌ سان نه.
حسن درس جنھن جو وڇوڙو ھن جي يارن ۽ پيارن جي شامن، ڏينھن ۽ راتين کي سر ڪيڏارو ڪري ويو آھي تنھن جي جدائي تي مظفر سندا ھن جي ھن ڪتاب ۾ ”حسن جو ڪيڏارو، ”سموري سنڌ آ سڪتي ۾“، ” ھا جي موٽي اچين“، ”مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري“، ”معشوق ۽ محبوب حسن جي ياد ۾ ، ۽ خود حسن جي حسن تي ”ھا تون ساڳيو اڀيچند“ لڳي ٿو مظفر قلم ۽ ھٿن سان نه پر دل ۽ ڳوڙھن سان لکيا آھن.
مظفر ٻين به، اخباري ٻولي ۾، اھم شخصتين بابت شاعري ڪيئي آھي جن ۾ بينظير ڀٽو تي ارڙھين آڪٽوبر ٻه ھزار ست وارو حملو، بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو جي قتل وارو سانحو، ۽ اسانجي دوست آصف بالادي بابت آھي. بنان نالي وٺڻ جي باقي آصف زرداري اينڊ ڪمپني تي مظفر جو تبرو اھوئي آھي جيڪو سنڌ ۽ ملڪ جا گھڻائي ۾ ماڻھو فوجي آمر ضياءُالحق تي ستھتر کان ڇوٽ پتي ڪندا اچن. ڪٿي ڪٿي مظفر جا نظم شاعري نه پر منظوم اخباري ڪالم يا وري پوءِ حسن درس چواڻي منظوم سياسي موقف لڳن ٿا.
مظفر کي جي شاعري مستقل ۽ مستقل مزاجي سان ڪرڻي آھي ته پوءِ اھڙي فوجي ڀرتي جي دفتر نما شاعري کان پاسو ڪرڻو پوندو. کڙتالي سياست ٿي سگھي ٿي. کڙتالي ادب ۽ شاعري شايد ئي ٿي سگھن! مونکي ذاتي ڄاڻ آھي مظفر شاعري سان انتھائي سنجيدھ آھي. ھو حققيت ۾ سٺي شاعري ۽ ادب سان عشق ڪندو آھي. شاعري ۽ شراب ھڪ ٻئي سان سلھاڙيل ھوندي به ٻه جدا جدا شيون آھن. شراب پي شاعري فقط اردو ۾ مجاز ئي ڪري سگھندو ھو. ھڪ پيتي جو نشو آھي ٻي اڻ پيتي جا نشا.
اڻ پيتي جا نشا مظفر جي شاعري جي ھن ڳٽڪي ۾ غزلن واري ڀاڱي ۾ آھن. حقيقت ۾ غزل ۾ مظفر پڪو پختو شاعر ٿي سگھي ٿو ۽ آھي به:
دل جي دري ٿي کلي اوھان جي چپن ۾
وطن آ اسانجو اوھان جي اکين ۾

ڏسو نه ڪيڏي خيال جي خوبصورتي ۽ اظھار جو ڏانءُ ھڪڙي ئي تخليق جي چشمي مان ڦٽي نڪرن ٿا.
يا وري:
رمزن جون راھون رسيل ئي رھن ٿيون
ٽڪ جي رلھي جو سباڻو نه ٿيندو.

اجھو وري حسن درس تي ھڪڙي غزل ۾ چوي ٿو:
لاڙ جي لئنءُ کي لڙڪن ۾ لوڙھي ھليو وئين
لڏندڙ لامن مان پينگھن کي ڇوڙي ھليو وئين.

ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ جي پينگهه تي ويٺل جواني کي ڪو لڏندڙ لامن مان واقعي ڇوڙي ھليو ويو.
ھونئن ڀلا ھن ٽيڙو ۽ وايون به لکيون آھن پر حيرتناڪ طور ھن جا بيت آھن جيڪا سنڌ ي شاعري جي ڪلاسيڪل ۽ قديمي صنف ذري گھٽ ختم ٿيندي پيئي وڃي. مظفر جي انھي صنف تي گرفت ۽ خيال جي اڏام لنوائڻ جھڙي ڪانه آھي.
ٿورو لکيو گھڻو سمجھندا باقي سڄو ڪتاب پاڻ پڙھندا. ھيءُ مظفر جي شاعري جو ڳٽڪو پڙھڻ ۽ سانڍڻ وٽان آھي. الا تار ۽ ان کي خط سمجھي اچڻ وارن جو زمانو پورو ٿيو. مير صاحب! زمانو سائبر جو آ. سو اھو ھو مٺو مظفر جيڪو وھسڪي ۽ زندگي وانگر ڪڏھن ڪڏھن ڪڙو به آھي.
حسن مجتبيٰ
نيويارڪ
July 23,2013