گلابن جا گردن اوچا ٿيا
چڱو ٿيو جو مقتل هو مهڪي پيو
۽ کٿوري خوشبو جون جهوليون ڀري
پوکيو سرنهن کيت ۾
گلابن جا گردن به اوچا ٿيا
سورج مکي به مُرڪي پيو
۽ مٽيءَ جي مهڪ گهُلي هوا جي هٿن ۾
شفق شام جي لٿي لاڙي لڱن ۾
چنڊ به تڙپي اٿيو رت جي رنگن سان
سڏڪن جا سڳڙا سموري فضا ۾
ويا ٽانڪبا ٽارين وڻن ۾
اڃ هئي اگهاڙي ڪولهڻ ٿڻن ۾
۽ بُکايل بدن جا بخيا به اُڊڙي پيا،
رڻ ۾ رلياسين ته سورن سبڻ لئه
پر دلڙي جا ڌاڳا ها دڳ تي ٽٽا
زندگي کي ٽوپي ٿا جيئندا رهون
لڄ جون ليڙون نه لڪائي سگهون
سنڌ جي سئي آ هيڻن هٿن ۾
روح کي رڦو ڪيئن لڳائي سگهون!
وڇوڙي جي وڍ کي کٽائي سگهون،
ملڻ جي مند کي ورائي سگهون،
وطن جون واٽون بچائي سگهون.
وطن جون واٽون بچائي سگهون.