شهيد بشير قريشي جي ياد ۾
اي سنڌڙي انب جهڙا
مٺڙا ماڻهو!
تنهنجي بانهن ٻڌڻ ۾
ڪيڏي نه ٻاجهه هئي
تنهنجي مرڪڻ سان
مڪليءَ کي به معنيٰ ملندي هئي!
۽ تنهنجي نهار سان
سنڌ جا سُور تازا ٿي ويندا هئا
اي ارڏا انسان!
تبت سينٽر تي تنهنجو پڙاڏو
ڪلاچيءَ جي ڪَنَن ۾
اڃان به گونجي رهيو آهي
۽ سنڌ
تنهنجي پيرن جي پسار لاءِ
تڙپي رهي آهي
ڇا توکي ڪو ڪانئر
سنڌ کان جدا ڪري سگهي ٿو؟
تنهنجي سامي
سنڌ جي سيني ۾ ڌڙڪي رهي آهي
۽ تون اسان جي سيني ۾
ساهه کڻي رهيو آهين!!