او منهنجا دلبر دانشور!
اداس دل وارا دانشور
ڀل اُداسي نه ڇڏ
اچ اچي کڻ
انڌيون اُداسيون
ها پر انهن اُداسين ۾ به
هڪ اميد باقي رک،
پرندي جي اُڏام باقي رک
۽ قيدي وطن کي سلام باقي رک
ڊگهي اُماس رات کانپوءِ
روشن صبح کي ڀاڪر ڀري
گهڙيءَ لاءِ دل تائين کڻي وڃ
ته جيئن ننگي نراسائي
پرهه جي پوشاڪ پهري
۽ چپڙن تي اميدن جي ماڪ لائي
او منهنجا دلبر دانشور!
جنهن گهڙي
سورج مکيءَ جا کيت
نراسائي ڇڏي
ڪنڌ کڻي سج کي سلام ڪن
ها ان گهڙي
پنهنجي قيدي ديس کي
جهڪي سجدو ڪندين
ته تنهنجي چپن تي فاتح مرڪ
اُداسي کي الوداع چوندي
۽ آزادي
تنهنجي نسلن جا قدم چمندي،
توکي صنم چوندي
۽ تنهنجو قلم چمندي
۽ تنهنجو قلم چمندي.