مظفر چانڊيو جيئن مون ڄاتو آهي
دير سان ئي سهي نيٺ مظفر کي دنيا جهان جي خفن ۾ ڦاٿل هوندي به اهو خيال آيو ته هو پنهنجي ٽڙيل پکڙيل، ڇپيل، اڻ ڇپيل شاعريءَ کي سهيڙي مجموعي جي شڪل ۾ ڇپرائي. ان سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ تمام وڏي تبديلي اها به آئي ته سائين نور احمد ميمڻ فڪشن عام طور تي ۽ شاعري جا مجموعا خاص طور تي ڪنهن به قيمت تي نه ڇپڻ جو رکيل روزو ته ٽوڙيو. سنڌيڪا پاران ڇپايل شاعريءَ جو شايد اهو ٻيون مجموعو آهي.
مظفر مونکي جڏهن ان مجموعي تي ٻه ٽي اکر لکڻ لاءِ چيو ته مون بنا ڪنهن سوچڻ جي ها ڪري ڇڏي، ڇو ته آءٌ خدا جي حڪمن کان انڪاري ته ٿي سگهان ٿو، پر مظفر جهڙي دوست جو حڪم نه مڃڻ جو ساهس گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ نه آهي، جڏهن ته شاعري بابت مون کي ايتري خاص ڄاڻ ناهي، پڙهڻ جي حد تائين ته شاعري وڻندي آهي پر ان جي ٽيڪنيڪلٽيز کان ته آءٌ بلڪل اڻڄاڻ آهيان.
هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت سان منهنجو اهو مڃڻ آهي ته انسان جي نفيس جذبن، گهرن احساسن، محبت، وڇوڙي، ويراڳ، انساني پيڙائن، اذيتن، عذابن، وطن جي حب جو ڀرپور ۽ اثرائتو احساس رڳو شاعريءَ جي وسيلي ئي ممڪن آهي، پوءِ اها لوڪ شاعري هجي، ڪلاسيڪل يا وري اڄ جي دور جي جديد شاعري. هونئن به عام چوڻي آهي ته سنڌ جو هر ٻيو ماڻهو شاعر آهي، اهو شايد ان ڪري به هجي جو سنڌي ماڻهن جو مجموعي مزاج شاعراڻو آهي ٻيو ته لطيف جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو ميڊيم شاعري ئي آهي.
هونئن ته سنڌي شاعري ڪلاسيڪل رنگ ۾ ئي رچيل رهي آهي، پر اها شاهه کان شروع ٿي شاهه سائين تي ئي ختم ٿئي ٿي، شاهه جو نه ڪو مَٽ آهي نه ئي وري ٿيندو. جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر اولهه ۾ سرجندڙ ادب جي اثر هيٺ ٿي آهي. شيخ اياز ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري جي ميلاپ جو هڪ عظيم مثال قائم ڪيو ته پوءِ اياز کان پوءِ واري دور ۾ نوجوان شاعرن جديد سنڌي شاعري کي هڪ نئون اوج ڏنو.
اڄ جي دور ۾ جتي حسن درس وڏو نالو ٿي اُڀريو، اتي حسن مجتبيٰ، ايوب کوسو، حافظ نظاماڻي ۽ اسان جي پياري دوست مظفر چانڊئي ۽ ٻين انيڪ اعليٰ درجي جي شاعرن به ڪمال جي شاعري ڪئي آهي.
مظفر جي شاعريءَ جي خوبي اها آهي ته هن جي شاعري بلڪل انوکي ۽ انفرادي آهي. مظفر جي شاعري به مظفر جي شخصيت وانگر گهڻ رخي آهي ۽ ان ۾ انڊل جا سمورا رنگ سمايل آهن. مظفر جي زندگي خفن جو هڪڙو وڏو هجوم، ميڙ رهي آهي، ان ڪري ئي شايد مظفر تمام گهٽ لکيو آهي، پر هن جيڪا به شاعري ڪئي آهي اها روح کي ڇهندڙ شاعري آهي. هونئن به مظفر جي ٽڙيل پکڙيل شاعري پڙهي به آهي ۽ ڪچهرين ۾ خود مظفر کان سندس ٻڌي به آهي، پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ مظفر جي موڪليل مجموعي جو مسودو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ سان وسري ويل اها اڻڄاتل، اڻسڃاتل اسپينش ڇوڪري ياد اچي ويئي. مون کي مظفر جي شاعري سگريٽ جي دونهين ۾ ويڙهيل ان اُداس ۽ ويڳاڻي اسپينش ڇوڪري جيان لڳي جنهن جي نالي جي مون کي خبر به ناهي، هن ڇوڪري کي مون پهريون ۽ آخري ڀيرو نيويارڪ جي ڪوئينس واري علائقي جيڪسن هائيٽس جي هڪ اسپينش بار جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اڪيلو ويٺل ڏٺو هو، جيڪا وهسڪي سان گڏ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ٽڪيلا جا شاٽ به هڻي رهي هئي ۽ سگريٽ مان سگريٽ دکائي رهي هئي. هن جي اُداسي واري حالت مان مون کي عجيب قسم جي پراسراريت محسوس ٿي. هڪ کن لاءِ لڳو ته نه رڳو بار جي سڄي ماحول تي اُداسي ڇانيل آهي، پر ڪوئينس جو سڄو بِرو ۽ نيويارڪ جو سڄو شهر به اُداسيءَ جي ور چڙهيل آهي.
اها نيويارڪ جي سياري جي شام هئي، اسٽور تان منهنجو آف ڊي هو، انهن ئي ڏينهن ۾ مرحوم طارق عالم به مون سان گڏ نيو جرسيءَ جي هڪ ننڍڙي ٽائون هيڪسٽس، الاموچي ۾ رهندو هو. الاموچي جو پئنٿر مال جتي سيون اليون جو اسٽور هو جيڪو شايد هاڻي به اتي موجود هجي، اتان نيويارڪ رڳو چاليهن منٽن جي ڊرائيوَ تي آهي. آف ڊي تي هونئن ته آءٌ سڄو ڏينهن اپارٽمينٽ تي سمهي گذاريندو هوس، پر ان ڏينهن مرحوم طارق عالم جي چوڻ تي صبح جو سويل ئي طارق جي دوست نصر سان ملڻ لاءِ نيو ورڪ، نيو جرسي ويا هئاسين، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ نصر چيو ته، ”يار هلو نيويارڪ جو چڪر لڳائي ٿا اچون“ مون پنهنجي گاڏي نصر جي گهر تي ئي پارڪ ڪئي ۽ طارق عالم، آءٌ، نصر ۽ نصر جو هڪ ٻيو دوست جنهن جو نالو هاڻي مون کي ياد ناهي، نصر جي نئين گاڏيءَ ۾ چڙهي نيويارڪ روانا ٿياسين. نيويارڪ ۾ مين هٽن جا چڪر ڪاٽي واپس نيو جرسي ورندي نصر چيو ته ڪٿي بار ۾ ويهي هڪ ٻه پيگ پي ٿا وٺون. جئڪسن هائيٽس ۾، بار ۾ اندر گهڙندي ئي منهنجي نظر بار جي ڪنڊ ۾ ويٺل اڪيلي ڇوڪريءَ تي پئي. بار لڳ ڀڳ خالي هو ۽ اسان ڪنهن ٽيبل جي بدران ڪائونٽر تي ئي ويهي رهياسين. مرحوم طارق عالم ۽ نصر ته بار ٽينڊر ڇوڪريءَ سان گپ شپ ۾ لڳي ويا، پر منهنجي نظر لاڳيتو ان ڇوڪريءَ ۾ کتل هئي جا سگريٽ جي دونهن ۾ ويڙهي پئي هئي، اندران ڀڳل ڀريل، اُداس ۽ ويڳاڻي پئي لڳي بلڪل مظفر جي شاعريءَ جيان.
مون کي لاڳيتو ان ڇوڪريءَ کي تڪيندو ڏسي بار ٽينڊر ڇوڪريءَ ٻڌايو ته اها ڇوڪري سٽي بئڪ ۾ ڪم ڪري ٿي، تازو ئي پنهنجي بواءِ فرينڊ کان الڳ ٿي آهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي پر الائي ڇو مون کي سڄي جهان جو درد هن ڇوڪريءَ ۾ نظر آيو، جيڪو مظفر جي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو. بار مان اُٿڻ کان اڳ بار ٽينڊر ڇوڪريءَ اسان کي ٽڪيلا جو نه صرف هڪ شاٽ ڪامپليمينٽري طور ڏنو پر اٿڻ مهل اسان کي هڪ ڊگهي ڪِسِ به ڏني. ان ڏينهن ڪِسِ ته بار ٽينڊر ڇوڪريءَ جي کڻي واپس نيو جرسي روانو ٿيو هوس پر سڄو وقت منهنجي ذهن تي سگريٽ جي دونهين ۾ ويڙهيل اُها اسپينش ڇوڪري ئي هئي.
ان کان ڪجهه عرصو پوءِ طارق واپس پاڪستان هليو ويو هو ۽ جلد ئي پوءِ مظفر چانڊيو آمريڪا آيو هو ۽ اسان ٻئي رهندا به گڏ هئاسين، جتي مظفر منهنجي ننڊ کان بيزار هوندو هو. اهو انتهائي اهم ۽ تاريخي دور هو. نيويارڪ جون ڊگهي ۾ ڊگهيون بلڊنگس ورلڊ ٽريڊ سينٽر جيڪو ٽوئين ٽاور جي نالي سان مشهور هو انهن جي تباهيءَ جو منظر اسان جي اڳيان ٿيو، جنهن سان نه رڳو آمريڪا هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو پر ان جو اثر سڄي دنيا تي ٿيو. آمريڪي ماڻهن جي بدلجندڙ روين جو مشاهدو اسان پنهنجين اکين سان ڪيو ۽ ان اسٽور ۾ ئي مظفر پنهنجو شاهڪار نظم ”SAM“ اُداس ڇوڪري لکيو. ان وقت پهريون ڀيرو احساسن ٿيو ته مظفر جي مشاهدي جي حس ڪيتري نه تيز ۽ سگهاري آهي. مظفر جي مشاهدي جي سگهه ئي سندس شاعريءَ کي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي، جڏهن ته نيو پورٽ سگريٽ وٺندڙ ڇوڪريءَ ڏانهن منهنجو ڌيان ڪڏهن به نه ويو.
نائين اليون واري ڏينهن تي اسٽور کان واپس اپارٽمينٽ تي ايندي ڪار ۾ مظفر چيو هو ته، ”اڄ کان پوءِ امريڪا وري ساڳي آمريڪا نه رهندي“ ان وقت ته مون چيو هو ته هي هڪ فيز آهي جيڪو گذري ويندو ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ آمريڪا وري ساڳي آمريڪا هوندي. هيترن سالن گذرڻ کانپوءِ منهنجو خيال غلط ثابت ٿيو. واقعي اُها آمريڪا جيڪا اسان ڏٺي، جنهن آمريڪا ۾ اسان پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گذاريون ڪٿي ڳولهي به نٿي ملي. نه رڳو ايترو پر دنيا ۾ مذهبي جنونيت، ڪٽرپڻو، اڻسهپ، مذهبي دهشتگردي پنهنجي بدنماءَ ۽ بدبودار شڪل ۾ دنيا جي امن مٿان راڪاس بڻجي هر انساني قدر ۽ رواداري کي لتاڙي رهي آهي، ان سان گڏ مذهبن ۾ لڪل تشدد وارو عنصر به نکري نروار ٿي چڪو آهي، جنهن حساس ليکڪ، شاعر ۽ دانشور لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏي آهي.
مظفر چانڊيو نه رڳو ان ڀيانڪ ۽ هيبت ناڪ بربريت واري دور جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي، پر ان جو ڀرپور اظهار پنهنجي شاعريءَ وسيلي به ڪيو آهي.
ظاهري طور تي چيڙاڪ ۽ تيز طبيعت جو مالڪ مظفر اندر ئي اندر ۾ هڪ انتهائي حساس، نفيس ۽ ڪومل جذبن جو مالڪ آهي. مظفر حد کان وڌيڪ سچو، سنسيئر، مخلص ۽ کهرو ماڻهو آهي، ڪمپرومائيز جنهن جو ٻيو نالو منافقي آهي سا مظفر جي ويجهو به نه لنگهي آهي.
مظفر جو روحاني ۽ ازلي عشق سنڌ ۽ صرف سنڌ آهي، باقي هر شيءِ جي حيثيت هن وٽ ثانوي آهي. مظفر چانڊيو جنهن کي آءٌ سڃاڻان، جنهن سان مون زندگيءَ جا ڳچ ڏينهن اسلام آباد ۽ آمريڪا ۾ گڏ گهاريا آهن، تنهن سنڌ جي هزارين سالن جي پيڙائن، اذيتن، ڏکن، سورن، بدنصيبين کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. هن جي شخصيت جي ان رخ جو چٽو عڪس سندس شاعريءَ ۾ نکري نروار ٿي بيٺو آهي.
نه حسينن جي راهن تي هلندا رهياسين
نه نرگس جي نازڪ چپن ۾ ٻُرياسين
نه رولاڪ رڻن ۾ سمندر بڻياسين
اکڙين اوجاڳا نه سپنا بڻياسين
نه شبنمي بدن جي بهارن جا موتي
۽ نه ڪنهن ڳچيءَ جي مالها بڻياسين
نه ڪارونجهر نه ڪاڇو، ڪراچي بڻياسين
نه ڪبوتر نه ڳيري جا پرڙا بڻياسين
نه جواني جا جلوه ۽ جوڀن ڏٺاسين
نه رڄ ٿي رناسين نه ٽارين ٽڙياسين
اسان ته رولاڪ راهن جا انڌا مسافر
بس هلندا، رلندا ۽ ڪرندا رهياسين
بهارن به ڪئي اسان تي سنگباري
خزائن جا نه يارو ڪانڌي بڻياسين
موهن جو دڙو ۽ مڪلي جا نه مانجهي ٿياسين
نيرون ڪوٽ قلعي جا نه وارث بڻياسين
شاهه، سچل ۽ سامي جيان نه صوفي ٿياسين
نه ئي رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ۽ ڪوفي بڻياسين
نه دودي جي دڳ تي نه دولهه جي در تي
بڻياسين ته يارو چنيسر ۽ جعفر بڻياسين.
مظفر جي شاعري جي لفظ لفظ، هر سٽ ۽ هر شعر ۾ جا پيڙا، جا اذيت، جو عذاب، جو قهر، جيڪا بدنصيبي، جيڪي ڏک، سور ۽ ڏولاوا ملن ٿا سي ڪنهن فرد، ڪنهن شخص جا ڏک سور ناهن پر اهي پيڙائون، اذيتون، عذاب ۽ ڏولاوا سنڌ جا آهن، جن صدا بڻجي مظفر جي شاعريءَ وسيلي اظهار جو روپ ڌاريو آهي.
ڊگهي غلامي جي ڪري، غلام قومن کي پنهنجين زنجيرن ۽ زنجيرون پارائيندڙن سان پيار ٿي ويندو آهي، جيڪا حالت اڄ سنڌ سان آهي، پر مظفر اهو ارڏو انسان آهي جنهن کي زنجيرن کان سخت نفرت آهي ۽ سنڌي قوم کي زنجيرن ۾ جڪڙيندڙن لاءِ سخت ڌڪار آهي. هن جو هر پل، هر ڏينهن، اٿڻي ويهڻي سنڌ ۽ صرف سنڌ لاءِ آهي.
مشتاق احمد شورو
ڄامشورو سنڌ