ٽيڙو
ڀٽائي ڀري جهول
ڏيئي ويو سنڌ کي
ڪيئي گيت انمول
اڀري سج لهي ويا
سنڌ نه سنڀري سک
مور ڪيئي مري ويا
موهن جي دڙي جي نچڻي
چنڊ جي چانڊاڻ ۾
آهي مون وٽ اچڻي
ڪارونجهر تي مور
چانڊوڪي ۾ ناچ ڪري ٿو
ڊيل کڻي ويو چور
ڄامشوري جون راتيون
آيتون آهن ڪنهن لاءِ
ويهن ورهين جون ڇاتيون
ماروئڙن جون آهون
سنڌوءَ جي اٿل
دردن جون داهون
دردن جون داهون
الا منهنجي من ۾
مڪليءَ تي ڪاهون
مڪليءَ تي ڪاهون
ڪيئن ٿو وساري سگهان
ڪراچيءَ جون راهون
ڪراچيءَ جون راهون
رت ۾ رڱيل هن
دهشت ۽ باهيون
وسري ويئي مرڪ
روڊن ۽ رستن تي
مائن ڀريا ڇرڪ
ساوا ساوا کيت
سنڌوءُ ٻوڙيا سنڌ جا
ساز ۽ سنگيت
ساز ۽ سنگيت
ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي
گونجن ڪيڏا گيت
گونجن ڪيڏا گيت
مشائخ هوٿيءَ ۾
حسن جهڙا ميت
حسن جهڙا ميت
وڍي ويا وجود کي
ڪانهي ڪائي جيت
اوڙهي ڪاري چادر
ستارا به سمهي پيا
دريون کولي در
رات به هئي رُڃَ
اندر ۾ انسان کي
ڪيڏي آهي سُڃَ
ڪيڏي آهي سُڃَ
ڪينجهر ڪنڌيءَ تي
نوري آهي اُڃَ
نوري آهي اُڃَ
ڄام آهي ڄار ۾
مهاڻو وٽي مُنڃَ
ڪچي ۾ ڪير آ؟
پڪي ڪانهي پڪ
هر هڪ سوا سير آ!
هر هڪ سوا سير آ
سودو ڪري سنڌ جو
گدڙ ٿيو شير آ.
ڪيڏا لال ستل
لاڙڪاڻي مٽيءَ ۾
ڪهڙا راز لڪل؟
سارين جي خوشبو
شهيدن رت ۾ ٻڏل
ٻٻر، نم، نازبو