ڀاڳان
اندر ھڪ جھوپي ۾، سنڀري پئي جاڳان. شھر پنڻ لاءِ، وڄنس پيون چوڙيون، وارن ۾ ڦڻوٽو ڪندي ۽ ٻاھر تڙڪي تي ويٺي آھي ماڻس ڀاڳان، اوجھڙ ۾، جھوپي جي ڪکاھينءَ ڀت جي اوٽ وٺيو، چؤڦيٿي گاڏيءَ ۾، جنھن کي گھريندا آھن ٻار، کيس شھر پنائڻ لاءِ. نست نماڻن، ڏرا ڏنل، آسوچ نيڻن سان پئي نھاري سج ۾. پر ڪن اٿس اندر، چوڙين جي ڇڻڪاٽ تي. پئي کنھي چيڙھھ مٿو، پئي ڇنڀي اکيون سج ڏي نھاريو، بي فائدو.
اڳي، گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سج گول گول ھو، وڻندو ھئس اکين کي، ھاڻ ڪونھ وڻيس. ھاڻ تھ سج بھ ڏسڻ ايندو اٿس جھڪو ۽ ڌنڌلو. باھ جو ڀڀڙ، ھان سج گول ڪونھي!
اڳي گھڻو اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، تڏھن سج ڪيڏو نھ ويجھو ھو. ھي پڙو کنجھي ڊوڙ وجھي تھ کجين چڙھڻ کان اڳ وڃي ھٿ وجھيس! چڙھڻ نھ ڏئيس کجين مٿان! ھاءِ ھاءِ جواڻي..... ھوءِ ھوءِ وقت ..... ٿڌو شوڪارو ڀري، نھاري ٿي ھيٺ پيرن ڏانھن. وڍايو ويٺي آھي ڄنگھون، وڃايو ويٺي آھي جواڻي، الائي ڪڏھن کان!
اکيون اٿس سج ڏانھن، ڪن اٿس اندر جھوپي ۾!
”ڪيڏو ڏينھن چڙھي آيو آ، ھيءَ ماءُ مئي ڪري ڇا پئي؟ چوڙين جو آواز ڪونھي، ڀانيان ڦڻوٽو ڪري، ٿي آھي تيار. ھاڻ زال ٽنگي پئي ھوندي آنھري مٿان. لپون سرمي جون ڀري ڏسندي اکيون. نرڙ تي ڪڍندي تلڪ، چپن تي ھڻندي سرخي، ڀڻ ڀڻ ڪري ڳائيندي، ڪنن جا ايرنگ ڏسندي، نڪ جي ٻولي، چٻرا ڏئي، سؤ مرڪون ڏيکاري آنھريءَ کي، ڇوري ڇتي ٿي پئي آھي پنھنجي مک مٿان. چري، جڏھن ڏس زال پئي آڍي ملي پاڻ کي. ويٺي کائي خار، ڌيءَ جي سنڀراو تي، پر ڪجھھ ياد ڪري ٿڌي ٿي وڃي ٿي. ياد ڪري جواڻي، ويٺي ڇنڀي اکيون، ويٺي ڀري شوڪارا.
اڳي گھڻو اڳي، پاڻ بھ تھ ائين آنھريءَ مٿان لڙڪيو پئي ھوندي ھئي. ڪيڏو بھ پارو پوندو ھجي، ڪيئن نھ گھڙو مٿان گڙ گڙ گڙڪائيندي ھئي. ڪيئن نھ پاڻي ڇڻ ڇڻ ڪري وھندو ھو سندس وارن مٿان، ھيٺ ڌڙ کان پيرن ڏانھن. ايڏي ڏڪڻي ھوندي بھ ڪيڏو نھ وڻندو ھئس پاڻيءَ جو وھڻ بت مٿان ڌارا ڪري. ڪيڏا مھٽيندي ھئي پير. اصل نھار تھ منھن پيو ڏسڻ ۾ اچي. شھر مان ھلندي ھئي تھ ھلندو ھئس سڄو شھر پٺيان، وڄنديون ھيون سيٽيون. مسيت جي پاسي کان گذرندي ھئي تھ ملن جا ڳاٽ ڦري ويندا ھئا. رڳو وٽو ڪنھن اڳيان وڌائيندي ھئي تھ پوندو ھو ڏوڪڙن سان ڇڻ ڇڻ وڄي. واٽ ويندو ماڻھو بيھجي ويندو ھو. مجال آ جو ڪنھن ڏي لؤڻو ھڻي نھاري. لاٽ لاٽ تي اک ئي ڪانھ ٻڏندي ھيس. انگريچي اسڪول جو ماستر پيو اکيون ٺپيندو ھو.
اڳي، جڏھن جواڻي ھيس، سرتيون ڪنديون ھيس ساٺ. جونءَ ڳوليو ھيج مان ھڻنديون ھيس چھنڊڻيون، ڀرپور بدن تي. ڏينديون ھيس ڪنن ۾ طعنن ۽ ٽوڪن جا ڄيرا، ڇڏينديون ھئس ڄري، ھاڻ تھ ڪو سڻيس بھ ڪونھ. جونءَ پٽيو مارينس، ٻيون تھ ٺھيو پر ڪڏھن آنڊي ڄائي ڌيءَ بھ ھٿ لاھيس ڪونھ. جڳ لنگھي ويا، چڳون چيڙھ ٿي ويون، ويون اکيون کوٻن ۾ گھڙي، ويو ماس رس رڙي لڱن تان، وئي کل سڙي. ڪڏھن روز وھنجندي ھئي ليمي جي پاڻيءَ سان. پٺيان گوڏن کان ھيٺ لڙڪندو ھئس چوٽو. روز مليندي ھئي آٽڻ منھن کي. ٻھھ ٻھھ ٻرندي ھئس پيشاني. ڪانيءَ مٿان ڪاني پورو ٻڪ پائيندي ھئي سرمون، ڪري ڇڏيندي ھئي ڀؤنر اکين کي، مٿان ڪندي ھئي سرخيءَ جي ٿڦ ٿڦان چپن تي. نڪ ۾ سونو ڦل، ھي آنڱرين کان بھ ڊگھا ڊگھا ايرنگ ڪنن ۾، پنج پنج سونيون واليون، پندرھن تولن جو چانديءَ جو ھس ڳچيءَ ۾. آنھري ڏسندي پيٽ نھ ڍاپندو ھئس. کٽولي تي اونڌي ٿي منھن ھيٺان رکي ڏسندي ھئي آنھري. ماڻس چوندي ھئي: ”ڇوري باھ لڳي، ڇتي ٿي آھين ڇا؟ ملوڪ آھين ملوڪ. جيڏي مھل ڏس زال آنھريءَ مٿان اٽي ٿيو بيٺي آھي. ڦڪائي ڪانھي. اٿلي ھلي ڍوڍا ڍڙ.“
سج ٻھ پاڇا. ڪوماڻل، روئڻھارڪن نيڻن سان ويٺي نھاري سج ۾. ويٺي ڀري ٿڌڙا ساھ، شوڪارا. ڦري اچيس ٿو سڄو شھر اکين آڏو. گھٽي گھٽي، ھٽ ھٽ، گھر گھر، در در، سڄي شھر کي سڃاڻي. ماڻھونءَ ماڻھونءَ جو ڳجھھ ڳوھھ ڄاڻي. انھيءَ ئي شھر ۾ وڃائي ھئائين جواڻي، وڍايا ھئائين پير!
جڏھن اڃان مس ساماڻي ھئي، جڏھن اڃان مس ڪپڙا ڳاڙھا ڪيا ھئائين تھ شھر کان سواءِ سک ڪونھ ايندو ھئس. ڀائين تھ ماڻھون پٺياھنس سينڍون ھڻن، آواز ڪڍن. ايندو ھئس ماڻھن کي ساڙڻ ۾ مزو. اڃا مس صبح ٿيندو ھو، تڪڙي تڪڙي سنڀري، ساھيڙين سان ھلندي ھئي وٽو کڻي پنڻ. ماڻس چوندي ھيس: ”ڇوري پڙو پکيڙي ھلي آھين شھر پنڻ. ماڻھو ڪي خيال سان ھلي، پراون گھرن ۾ تيسين نھ گھڙجي، جيسين پڪ نھ ٿئي تھ گھر ڌياڻيون ويٺيون آھن. ڇڙھن ڇانڊ ماڻھن جي گھرن ۾ ڪڏھن نھ وڃجي، ڀل ڏھ رپيا ڏيکارين. ڇوري متان پير وڍائي اچين. ماڻھو ھوش سان ھلي، زمانو ڏاڍو ضعيف آھي.“ تڏھن ڪي ڪين سمجھي ھئي، پر ھاڻ جڏھن کان ڌيڻس جاڳان ڪپڙا ڳاڙھا ڪيا آھن، اڻ تڻ چئونرا کئونرا لڳي وئي اٿس. ويڙھي ويا ھئس وھم. ڇوريءَ کي سمجھائي سمجھائي نڙي سڪي وئي اٿس، پر ڇوريءَ کي عقل ئي ڪونھ ٿو اچي. ليکي ئي ڪانھ ٿي. ذات ٿي گھٽ ٿئيس، ميريءَ منڊيءَ، مڙھيءَ ماءُ سان گڏ پنندي، گاڏو ڌڪيندي شرم ٿو اچيس، ماڻھو ڇا چوندا. اڙي ھيءَ آھي چاڳان جي ماءُ، کلندس مٿان ماڻھو.
پير وڍايو، ويڙھي ويٺي آھي وھمن ۾. چئونرا کئونرا اکين سان ويٺي نھاري سج ۾.
وٽ کڻي اندران جھڳيءَ مان نڪتي آھي چاڳان، ڦڻي ڦوڪارا ڪري، پڙو لمڪائيندي، نورا ڇمڪائيندي. اکيون ڇنڀيندي بي وسيءَ مان نھاري ٿي ڌيءُ ڏانھن: ”ڇوريءَ تي جواڻي ڇا آئي آ، ٻوٽي ٻوٽي ٿي ڦڙڪيس. ڀانءِ تھ جي بند تان ڊوڙ وڌائين تھ سھڪي سان ڪجرو ڇني ڇڏيندي. ڇوري پڙو پيرن کان ٻھ وال پري اڇلائيندي ٿي ھلي. نڀاڳي، ڪنھن جي نظر بھ نٿي لڳيس. ماءُ مريس، ڏينھان ڏينھن وڃي ٿي وڌندي. وڃي ٿي کجي جي وڻ جيان اوچي ٿيندي.“
ماءُ جي من ۾ اڻ تڻ چئونرا، کئونرا، ڀائين تھ رڙ ڪري چويس: ”اي ڇوري، ھلين ٿي ڪي نچين ٿي؟ ماڻھو ڪي عقل ڪري.“ پر چپ پيا اٿس سبيا. رڳو پئي ڌيءَ ڏي ڏسي. اکيون پئي ڇنڀي، بي وسيءَ مان. پير وڍايو، ويٺي آھي اوجھڙ ۾، ويٺي ڏسي ڌيءَ کي شھر ڏي ويندو.
”ڇوري، ڄڻ ڪا ڀلي گھوڙي بنديو بيٺي ھئي ڪئين ڏينھن کان، مس مس کلي آھي رسا ڇنائي. ڪيئن پستيون ھڻندي ٿي وڃي، ڄڻ ڀڄي ٿو وڃي شھر. ڇا ڏٺئين آ، ڇا ڏٺئين آ.....؟“
ياد ٿو اچيس: اڳي، گھڻو اڳي، پاڻ بھ تھ ائين ھلندي ھئي، انھيءَ ساڳي بند تان. زمين ڌٻائيندي ويندي ھئي شھر پنڻ. گھٽي گھٽي، گھر گھر، در در، ڪيڏو وڻندو ھئس شھر ۾ ھلڻ، سينڍون، ميڇون، اکين جا اشارا، ڪيڏا اشراف ماڻھو ڪيئن تڙپندا ھئا. ڪانھ ٻوڙيندي ھئي اک ڪنھن مٿان. ڪيڏو ايندو ھئس ماڻھن کي ساڙڻ ۾ مزو. ڪڏھن ماءُ جي ڳالھھ ڪانھ ساڱاھي ھئائين. زمانو ڏاڍو ضعيف آھي: اي کدا کير ڪجانءِ......
اي کدا کير ڪجانءِ..... ماءُ جو من اڻ تڻ، چئونرا کئونرا. وھم ئي وھم.......
ياد ٿو اچيس: ھڪ ڏينھن بنا سوچڻ سمجھڻ جي گھڙي وئي ھئي ھڪ گھر ۾. اوچتو رکيو ھئس ڪنھن وات تي ھٿ. ڇڪي گھري ويو ھئس گھر ۾. يڪا سارا پنج ماڻھو چڙھي ويا ھئس، ڇتن ڪتن جيان. ڪيڏو ڦٿڪي ھئي پاڻ ڇڏائڻ لاءِ، ڪيڏيون ڪيون ھئائين دانھون ڪيڪراٽون. اگھاڙو ڪري چھگ وجھي بدن ۾، وات ۾ اوتيندا رھيا ھئس ڪؤڙو ڪؤڙو دارون. پوءِ اونداھيءَ رات ۾ امان امان ڪندي ڀڳي ھئي گھر ڏانھن. ڀڳت جي باغ وٽان جھنگلو ٽپيندي، پيرن ۾ لڳيون ھيس زھيريلي ڪنڊن واريون تارون. منڊڪائيندي، ڊوڙندي وڃي ڦان ٿي ڪري ھئي ماءُ جي لڇ ۾. ڪڙھي پيا ھئس پير. ڪندي ھئي دانھون، ڪيڪراٽون. وٺي ويا ھئس اسپتال ۾، ڏاڪترن وڍي ڇڏيا ھئس پير ۽ انھن وڍيل پيرن مان ورتو ھو چاڳان جنم!
ڇوري وئي آ شھر پنڻ، ماءُ جو من اڻ تڻ چئونرا کئونرا..... روز ويڙھي ويندا اٿس وھم. جيسين ناھي ورندي، تيسين لائي ڏيندو اٿس من دھڪو. ويٺي سڏ ڪندي آھي الله کي: اي کدا کير ڪجانءِ..... اي ساھ لطيڦ کير ڪجانءِ...... اي قلندر شاباج کير ڪجانءِ....... اسين نھ ھندن ۾ نھ مسلمانن ۾، ڏاڍا گريب ھون ڏاڍا گريب......
پر خدا خير ڪونھ ڪيو. ھڪ ڏينھن ڊوڙندي آئي ھئي چاڳان، ريھون ڪندي، ھانءُ ھڪيءَ کان ٿي آيس: آئي..... آئي..... آئي..... رانڀاٽ ڪندي ڦان ٿي اچي ڪري ھئس ڍڍريءَ مٿان. ماءُ جو من ڦٿڪ ڦٿڪان.
”ڇا ٿيو.......؟ ڇوري ڳالھھ تھ ڪر، ڇا ٿيو.....؟ ڪھڙيءَ بلا کاڌو ٿئي؟ ڇوري، پير تھ ڪونھ وڍائي آئي آھين؟“
اڇي پڙي تي ڳاڙھا چٽ، بڪين تي ڳاڙھو ڳاڙھو رت ڄميل.
ماءُ جو من ڦٿڪ ڦٿڪان.
”چاڳان......“ ڌرتيءَ جي دانھن، آسمانن تائين، آسمانن کان مٿان، اننت تري تائين.
ويٺي روئي ڀاڳان، چاڳان جي پيرن منھن وجھيو. ڍڪون ڀريو، وار پٽيو اؤرانٽجيو.
روشنين کي ٽوڙي ڊاھي، چڙھي آھي اونداھي، اولھھ کان. اوجھڙ ٿيندو وڃي ٿو اکين کان، گرگلن جو ڏھاڪو جھوپا ڳوٺ.