اونداھيون ڏسائون ۽ مان
نھ، پھرين مان توھان سان پنھنجي سڃاڻپ ڪرايان.
رات جا ٻھ ٿيا آھن، حيدرآباد واري مني ٽيڪسيءَ مان لھي، گھر ڏانھن پڪي سڙڪ ڏئي ھلڻ شروع ڪيو اٿم. مان اٻاڻڪو، ٿڪاڻو، آشانت آھيان. (۽ ڏاڍو خوش ۽ سانت بھ)
مان، يعني آرٽسٽ، ڪھاڻيڪار، شاعر، ناول لکندڙ، ڊراما لکندڙ، چترڪار، پھڻ آھوڙيو. مون ۾ قدرت اھي سڀ ڳالھيون رت جيان سوچي سمجھي پوري مقدار سان ڀريون آھن. جيئن ويٽ ٦٩ جي بوتل ۾ سوم ڀريل ھوندي آھي. تنھن ڪري مان ھر ويل، نشي جھڙن کيپن ۽ خمارن سان ڀريل ھوندو آھيان. پڙھيل ڳڙھيل ماڻھو منھنجو ڏاڍو قدر ڪندا آھن، سنڌ يونيورسٽي کان وٺي ڪاليجن تائين مون کي چڱي عزت ملندي آھي. مان کين ڏاڍو وڻندو آھيان، پنھنجين سمورين چريائپ وارين ادائن سان. ماڻھو منھنجي ڪم کان، منھنجي ڪجھھ ڇا، تمام وڌيڪ تعريف ڪندا آھن. عظيم ھئڻ جي مھر ھڻي ڇڏيندا آھن. ڪڏھن ڪي دل گھريا ٻڌ ازم ۾ ايمان رکندڙ نوجوان دوست مون کي مھاتما ٻڌ جي ھلندڙ ڦرندڙ ٻئي روپ جي نالي سان بھ نوازيندا آھن، پر مان ڇا آھيان، ڪيترو رت ست اٿم؟ اھو مان گھڻي ڀاڱي نھ ٿورو گھڻو ڄاڻان ٿو. مون کان تھ وڌيڪ مون کي منھنجي زال بکو سڃاڻي، جنھن جو اصل نالو بختاور آھي پر مان کيس چنڊي چوندو آھيان. آئون ھن لاءِ ھڪ دماگ خراب، اڌ چريو، بيڪار، سائنر آھيان. تنھن ڪري ٽيليويزن تي منھنجو ڊرامو ڏسي ھن جو جتي وس ڀڄيس تھ ھو منھنجا سڀ ڪاڳر ساڙي ڇڏي.
اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ مامي جي گھر م پنجن سالن کان ٽي وي ھوندي بھ منھنجي ڳوٺ جو ڪو بھ ٻار يا زائفان اھا دعويٰ نھ ڪري سگھندي تھ فلاڻي ڏينھن تي ھن ٽي وي ڏٺي ۽ ڪتاب ڦاڙڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي. ائين اتفاق سان ڪڏھن ٻارڻ لاءِ ڪاڳرن جو موئاڙو ٺاھي، مٿاھنس ڪاٺيون رکي، باھ ٻاريندي آھي.
حقيقت ۾ منھنجي ڊراما ۽ افسانا لکڻ ڪري ھن کي وڏو نقصان پيو آھي، ٻڌي پگھار نھ ملڻ جو. سو بھ يڪا سارا پندرھن سال توبھن توبھن، سو بھ پاڪستان جھڙي ملڪ ۾ جتي ھر ٻئي ڏينھن شين جو اگھھ ڏيڍوڻو وڌي ويندو آھي.
آئون ھن الءِ ھڪ لٻاڙي، ڍينگمار سانئر ئي نھ بلڪ نکٽو، نٻارو ۽ لپاٽون ھڻندڙ ظالم مڙس بھ آھيان. سچ تھ مون پنھنجي فنڪارانھ افعالن سان ھن کي ۽ ڇھن ٻارڙن کي بکون ۽ ڏک ئي ڏک ڏنا آھن. (ٻارڙن لاءِ تھ دعويٰ ڪانھ ڪري سگھندي) پر سندس سونھن ضرور کسي اٿم، ڏنا اٿمانس رڳو ڳڻيون، ھورا ھورا.
ھا – مان ڏاڍو ٿڪاڻو، اسانت ويڳاڻو آھيان. مني ٽيڪسيءَ مان لھي، پڪي سڙڪ ڏيو، گھر پيو وڃان. من ۾ اڄاتل خوف ۽ اميدون کنيو.
(خوف = ان جو تھ ڪو ٻار بيمار نھ ھجي، اميد = ان جي تھ لال لطيف ڪندو سڀ ڪجھھ ٺيڪ ھوندو)
ھيلتائين جو ڪجھھ مون تان وھيو واپريو آھي، مان سڀ وساري ڇڏڻ ٿو چاھيان، پر سوچن جا اٺ ذھن جي جھان ۾ چئني ڏيسائن کان ٽلا ۽ ڇيريون ڇمڪائيندا ھي ھم ..... ھي ھم ڪندا پيا اچن. الائي ڪنھن پئي چيو:
”فلاڻي چيو ٿي تھ مان ھڪ انتھائي ڀوڪ بصر ۽ گڏھ رائيٽر آھيان.“
”آئون چوان ٿو آھيان، ناھيان ڇا؟ ڪير ٿو چوي تھ مان جينئس آھيان. لٽل جينئس ٿيڻ لاءِ بھ تمام وڏي لئبريري ۽ عالي دماغ جي ضرورت آھي. مان ڪتاب تھ ڇا، روٽي ڪپڙي ۽ مڪان جي چڪر ۾ ئي پيرھجي ويو آھيان. جي منھنجي جڳھھ تي ٻيو ڪو ھجي ھا تھ گدوءَ واري چرين جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ابراھيم ”خليل“ لاءِ مٿي جو سور ھجي ھا. ڪير بھ پيو چوي، پر مڃڻو آھي تھ فلاڻو لٽل ناليج جو ڌڻي آھي. (جيڪا ڪڏھن ڪڏھن تمام ڊينجرس ٿيندي آھي) پر ڇا مان راھ ھلندي ڪو پڪاٽ نھ گھڙي وٺان، ٽي وي لاءِ ئي سھي. ساڍا چار سؤ رپيا ملي ويندا....
پروفيشنل..... پروفيشنل......
ڇا سچي بھ آئون پروفيشنل ٿي ويو آھيان؟! ھاڻ ”جيون ڪوئي جھوٽو آھي“ جھڙي ڪھاڻي نٿو لکي سگھان؟
ايليٽ، داس ڪيپٽال، سارتري، رسل! لينن، مائو! ڇا انساني ذھن ھڪ ھنڌ ڄمي وڃڻ واري شيءِ آھي! ھڪڙي ھنڌ تي تھ برف بھ ڪانھ ٿي ڄمي. پوءِ سڀ ماڻھو اتي اچي ڇو بيھجي ويا آھن؟
مان دل تي وڏي واڪ ھٿ ھڻي چوان ٿو، آدجڳاد کان موسمون بدلڻ ويل، سج ڪراڪروم جي چوٽين کان وگھاريندو رھيو آھي. ڪنھن بھ شيءِ تي جمود طاري ٿيڻ جو سوال ئي نٿو پئدا ٿئي.
نيشنلزم؟ ڪميونزم؟
روس ۽ چين ھڪ ڇو نھ ٿي سگھيا آھن؟.... پاڪستان ۾ ھڪڙو ٻار روئي، مائوزيتنگ جي ڇاتين ۾ مامتا جي ٿڃ اچيو وڃي، بينگال ديس ۽ ھندستان ۾ ڪروڙين ٻارڙا ڪيڪراٽون ڪن، مائو جي ڪنن ۾ ڪپاھيون، سور، ناسور!
خبردار، ٻارڙن کي چپ ڪرايو رات جي ماءُ پئي اچي.
”اف، ڇا اسين سڀ وائيلد اينيملز ناھيون؟ ڪھڙو جوءِ جو .... ٿو چوي اسين سڀ ماڻھو آھيون، سوشل آھيون، مھذب يا سولائيزڊ آھيون.“
پاليسي..... پاليسي... ھر تحريڪ جي پنھنجي پنھنجي پاليسي آھي، ھر ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي، ھر سربراھ ملڪ جي پنھنجي پاليسي آھي. پاليسي، ھڪڙن لاءِ ھڪڙي، ٻين لاءِ ٻي، ٽين لاءِ ٽين!!! ھا، مان ڪميونسٽ آھيان...... پر ڇا ھن وقت مان ھپي ازم کي تھ ڇا، ڪنھن بھ ھڪڙي ھپيءَ کي للڪاري سگھان ٿو؟
”......“
ڪاش مان بھ ھپي ھجان ھا. ھپي بڻجي، وڃي ڪارونجھر ۾ دونھين دکائي ويھي رھان ھا. ھر ڪنھن رنج ۽ ڏنجھھ کان ڏاڍو ويٺو ڏسان ھا تھ مور ڊيلن سان ڪيئن ٽيلارا ڪندو آھي، گدڙ کين ڪيئن ڇيڇاڙي کائيندو آھي، فضائن ۾ حسين مور پک ڪيئن پوپٽ جيان اڏامندا ويندا آھن؟
(ويٺو ڏسان ھا، ھر رنج، ھر ڏنجھھ کان ڏاڍو ٿيو)
ڇڪڙو لنگھي وڃي ٿو، کن لاءِ خيال روشنين ۾ پکڙي وڃن ٿا. اڄ جو انساني فلسفو ڇا ٿو چوي؟
”مان ڇا آھيان؟“
”.... نھ مان اڌ ھپي ۽ اڌ ڪميونسٽ آھيان. في الحال ائين ٺيڪ آھي. نھ تھ شايد آئون قتل غارت تي لھي اچان يا پنھنجو پاڻ کي ماري وجھان يا چريو ٿي پوان.“
ويچاري عورت، (منھنجي زال) ڪيئن نھ اٻاڻڪي ھراسيل ويٺي ھوندي، پائي پائي لاءِ محتاج. ٻارڙن کي چنبا گاريون ڏئي سمھاري ڇڏيو ھوندائين ۽ پاڻ جاڳندي ھوندي، ڳڻتين جا ڍڪر پئي کائيندي ھوندي... ويچاري....... کيس ڪھڙي خبر تھ ٺيڪ پندرھن سورھن منٽن کان پوءِ ائون کيس آواز ڏيندو سر سان ٻيڪڙيل در کي ڌڪو ڏئي کوليندس. کيس ڪھڙي خبر تھ آئون ويجھاڻي وات تي اچي ويو آھيان. مڪرانين جو ڳوٺ مٽڻ کان پوءِ مون کي پنھنجو ڳوٺ ڏسڻ ۾ ايندو. ھوءَ ڪڏھن سوچي بھ سگھي ھوندي تھ ڪڏھن مون جھڙي بيڪار ماڻھوءَ جي گيدي ۾ ٻھ ھزار اٺ سؤ رپيا اچي سگھن ٿا. ھن لاءِ اھا ڪيڏي نھ وڏي ڳالھھ ٿيندي. ٽن ڪلاڪن ۾ بھ ھوءَ مسڪل سان ڏھ رپيا ڳڻي سگھندي. (سي بھ پوري خاطريءَ سان نھ)
ھن ويچاريءَ چرٻٽ عورت کي ڪھڙي خبر تھ ڪراچيءَ ۾ ٽيليويزن اسٽيشن لڳڻ کان پوءِ، ڪو اديب بھ ايترا پئسا ڪمائي سگھندو؟ کيس ڪھڙي خبر تھ آئون ڪي ٽي وي تي آئوٽ اسٽئنڊنگ رائيٽر آھيان.
راھ ھلندي آئون کلان ٿو: ۽ ھي آئوٽ اسٽئنڊنگ رائيٽر چيڪ مون کي ڪيئن مليو؟ ان لاءِ مون کي ڪيڏي محنت ڪرڻي پئي، پنھنجي اندر ۾ ”ٻاليشاھي، موکي متارا“ لکي ڪيئن پنھنجي انا کي ڪھڻو پيو ۽ پوءِ چيڪن وٺڻ لاءِ ڪيڏي جنگ ڪرڻي پئي.“
”آپ اندر تو چليڻ.“
”جي نڻيڻ، ميڻ ”آئوٽ اسٽينڊنگ رائيٽر“ ڻوڻ، ميڻ ٽي وي سڍ باڻر ڻي اچھا لگتا ڻوڻ.“
منھنجي انھيءَ ضد تي آخر چيڪ حاصل ڪرڻ واري اھا ڪڏھن نھ ايندڙ سڀاڻي اچي وئي. (ماڻھو ڪيڏو طاقتور، متارو ۽ پھلواڻ آھي، ماڻھو ڪيڏو نست، نٻر ۽ ويچارو آھي)
مان بريف ڪيس کي لوڏيندي ٽھڪ ڏيان ٿو.
ھينئر عشقو ۽ ماڻس عاشق معشوقن وانگي ھڪ ٻئي کي ٻک وجھيو ستا ھوندا. آئون چوان ٿو وڏي سائيڪلاجسٽ عورت آھي. (قت حالتون سڀ سيکاريو ڇڏين) منھنجي در کولڻ سان کيس خبر پوندي تھ آئون ڪيتري پاڻيءَ ۾ اھيان ۽ پوءِ رسيپشن بھ اھڙو ئي ڏيندي آھي.
”ھان، اچي وئين!؟......“
يا چوندي:
”اونھن، خير سان کٽي آئين. خبردار جو منھنجي ٻارڙن کي جاڳايو اٿئي.“
”لالٽين ڇو نٿي ٻري؟“
”ھونھن، گاسليٽ لاءِ پئسا ڏئي ويو ھئين؟ بتي ڇو نٿي ٻري!“
”ٻارڙا تھ ٺيڪ آھن نھ؟“
”ڪو مري ڪو جئي، تنھنجي آنڱوٺي مٿي سور.“
”مان بيمار آھيان، ماٺڙي ڪري سمھي رھ.“
”پر.... پر اڄ منھنجي گيدي ۾ الاھين پئسا آھن. سچ ايترا پئسا تھ مون بھ گيدي ۾ ڪڏھن ڪونھ کنيا.“
اوچتو مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ پٺيان ڪو اچي پيو. سڀ خيال خاڪ ٿي اڏامي وڃن ٿا. اوچتي خيال سان تھ ڪو واٽ ويندي مون کان اھي پئسا ڦري بھ سگھي ٿو، چاقو ھڻي، ڪوڙو سوڙو پستول ڏيکاري بھ. آئون پٺيان ايندڙ تڪڙن آوازن تي پٺيان نھاريان ٿو. اڌ ڪاري رات ۾ ھڪ ديو نما ٻڪل ٻڌل ماڻھو، مون کي منھنجو پيڇو ڪندو نظر اچي ٿو.
عيد براد تي اڪثر لوفر ۽ بيروزگار ڇوڪرا، ڇتا ٿي واٽھڙو ڦريندا آھن. پنھنجي خوشيءِ لاءِ، عيدون ميڙا ملھائڻ لاءِ. عيد ۾ تھ چار پنج ڏينھن باقي ھوندا. مون کي وکارڻ گھرجي. اڃان تھ اڌ ميل پنڌ پيو آھي.
ائون تڪڙا ڊگ ڀريندو وکاريان ٿو – پٺيان ھلندڙ ماڻھو بھ اڃا وڌيڪ تکو ٿي ٿو وڃي.
آئون ھن جي ھلن جو ھساب جي مارجن سان تڪڙو تڪڙو ھلان ٿو. اڄ بريف ڪيس ۾ پئسن سان گڏ منھنجي ٻارڙن جي عيد جا ڪپڙا بھ تھ آھن. مان ڪنھن بھ قيمت تي بريف ڪيس ڏيڻ لاءِ تيار ناھيان. انھن سڀني شين کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون الائي ڪيترو ڀوڳيو آھي. اوچتو مون کي ڏامر جي سڙڪ کان پري اونداھين مان ٻيو بھ ھڪ پاڇولو نظر اچي ٿو.
پر ھتي تھ ستن راڄن ۾ مون کي ماڻھو سڃاڻن. مون کي ڪير ڦريندو؟ سڄي ڄمار ۾ مون تھ اھو ڪڏھن سوچيو بھ ناھي، ڪٿي بھ.
پٺيان ايندڙ ماڻھو، ڏاڍو تکيو پيو اچي. ”ٺيڪ آ، آئون بھ فٽ بال جو کڏاڙي آھيان. بريف ڪيس ھٿ ۾ ڏيندي ڏيندي، بوٽ جي اھا ٽو ھڻندو سانس جو ماڻس کي ياد ڪندو. پر مون کي جلدي ڳوٺ پھچڻ گھرجي، ھر صورت ۾ حادثي کان بچڻ گھرجي، اڄ مون سان ڪوبھ حادثو پيش نھ اچڻ گھرجي. اف، مڪرانين جو ڳوٺ بھ تھ پٺيان رھجي ويو. ڇا باقي ٻھ فرلانگ مان ڀڃي نٿو سگھان، ڇا رڙيون ڪريان؟
پڍيان ايندڙ پاڇولي کي اڃا وڌيڪ وکاريندو ڏسي آئون تڪڙو ِڄن جي ڪوشش ڪريان ٿو.
”ماسات.....“
اوچتو پٺيان پيار ڀريل سڏ ٻڌي، آئون اونھون ساھ ڀري بيھجي ٿو وڃان.
”ماسات، ڏاڍو تکو آھين، خير تھ آھي؟“
”يار ڪراچيءَ مان پيو اچان. سيءَ وڄائي ڇڏيو آھي، ڊوڙي پاڻ کي گرم ٿي ڪيم.“
مان اڇان ڳاڇان لڄندو ٿيڻ کان پاڻ بچائي ٿو وڃان.
اسان وٽ ساھ بچائڻ لاءِ ڀڄڻ بھ شرمناڪ آھي.
اسان ٻئي تڪڙا تڪڙا اوڀاريون لھواريون ڪندا گھر پھچون ٿا.
آئون پنھنجي در جو ڪڙو وڄايان ٿو.
گھر جي در جو منھنجي ھٿ جي دٻاءُ سان ڍرڪاٽ ڪري کلڻ.
”تون اچي وئين؟“
”ھا - - بتي ڇو نٿي ٻري؟“ (ڪجھھ ڪاوڙ مان)
”اوھ..... الائي ڪيئن ڪيڏي مھل اجھامي وئي. شايد وٽ خراب ٿي وئي اٿس. اجھا ٻاري ٿي وٺان، مڙئي ٿي پئسي جي بچت ڪرڻي.“ (ھوءَ مٺو ٿي ڳالھائي)
”ٻار تھ سڀ ٺيڪ آھن نھ؟“
”ھا ھا، دل جاءِ ڪر، ٺيڪ آھن.“ ھوءَ بتي ٻاري روشني ڪري ٿي. منھنجا سڀ ٻارڙا ننڊ ۾ الوٽ آھن.
آئون زال واري گرم گرم بستري ۾ ڦان ٿي ڪري پوان ٿو.
- مان، ايڏو ڊڄڻو!
- ھن چوڏھينءَ صديءَ ۾!
- ايڏو غير محفوظ!
رات رھي، سڀاڻ وري ھليو ويندس!
- چار ڏسائون، چارئي ڪاريون!
- ماڻھو ايڏو ھيڻو، ايڏو نست، ايڏو نٻر!
- چار ڏسائون..... چارئي ڪاريون...... چارئي ..... ڪار ..... يون.......