ڪھاڻيون

منهنجون ڪهاڻيون

سائين علي بابا سِنڌ جو اُهو اُداس رُوح آهي، جيڪو گامَ گامَ، گليءَ گليءَ، بَنَ بَنَ مَنجهه اُنهيءَ سِنڌ کي ٿو ڳولهي، جا مَهاراجا شَهيد راجا ڏاهر جي دَورَ واري سِنڌ هُئي. ۽ شهيد دُولِهه درياهه خان جي وقتَ واري شانَ، شوڪتَ ۽ بَختَ واري سِنڌ هُئي. سائين علي بابا اُنهيءَ سِنڌو درياهه جو مُتلاشي آهي، جنهن جي ٻِنهيُن ڪنڌِيُن تي ٻيلا هُوندا هُئا، ۽ جنهن جو پاڻي آبِ حياتِ هُوندو هُيو. سائين علي بابا هميشه پنهنجي قلمَ منجهان جيڪي لِکڻِيُون تَخليِق ڪَيُون آهن، اُنهن جا ڪردارَ به ”سِنڌ جا سُورِما!“ آهن! آهن. ۽ نه ئي وري مايُوسِ ٿي ڪَري پاڻ کي مياري ثابِت ڪندا آهن.! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن منجهه اُهي سَڀِ معيارَ موجُودِ آهِن، جيڪي عالمي اديبن جي لِکڻِيُن منجهه هُوندا آهن. اِهو ثابِت ڪَرڻ جي لاءِ ڪِهڙي وضاحَتَ پِيش ڪَري سَگهجي ٿي! سائين علي بابا جي لِکڻِيُن جي مَعيارَ کي اُهو ئي سَمجهي سَگهي ٿو، جيڪو خُودِ سِنڌ ۽ سِنڌهو درياهه جو پُوڄاري هُجي. يعني، ”جَلِ پُوڄاري!“
  • 4.5/5.0
  • 7919
  • 1488
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • علي بابا
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منهنجون ڪهاڻيون

زندگي

تڏھن مان ھڪ ڀٽيل روح ھوس.
تيز واچوڙن جي وھڪرن، اڻڄاتل خلائن، گمناميءَ جي غارن ۾ پيو ٿڙندو ھوس. تڏھن ڪا خبر ڪانھ پوندي ھئم تھ مان ڇا آھيان، ڇو آھيان؟ ڏک ۽ سک کان بنھھ آجو تتيءَ ۽ ٿتيءَ جي ڪا ڪل ڪانھ پوندي ھئم. پر ايترو سو ڀائيندو ھوس تھ اڳي ڪا شيءِ حاصل ھئم جا ھاڻ ڪين ھئم. سو چئني پاسي اگھور خلائن ۾ پيو واجھائيندو ھوس.
ڪئين صديون گذري ويون، تڏھن پري کان ھڪ ھنڌ گگھھ اونداھي ڏسڻ ۾ آيم، بنھھ ڪاري ٻاٽ. تڏھن ڀانيم تھ متان اھا ئي شيءِ آھي، جنھن لاءِ من ماندو اٿم. سو جيئن تيئن ڪري اوڏانھن لڙيس. ڏسان تھ ماڻھن جا حشام آھن. پر سڀ انڌا، ماڪوڙين جيان پيا چرن مان نڪرن، ٿڙن ۽ ٿاٻڙن. جي ڪا شيءِ آڏو اچين ٿي تھ انھيءَ جي اڳيان چپ ھنيو بيھو رھن. اھڙو تھ اچي ڀؤ لڳم جو وٺي پويان پير ڪيم تھ ڪٿي متان مان بھ انھن اونداھن غارن ۾ ڦاسي نھ پوان. اھڙو تھ ڊنس جو وري پٺيان لوڻو بھ نھ ھنيم.
ڪئين صديون گذرڻ کان پوءِ مون کي ھڪ ھنڌ وري روشني ڏسڻ ۾ آئي. چئني پاسي نوراني ڪرڻا پئي وٺا. تڏھن ڀانيم تھ بس، مون کي جو گھرجي سو اھو آھي. سو تڪڙو تڪڙو اوڏانھن لڙيس ۽ نوراني ڪرڻن ۾ جھاتي پاتيم. جان کڻيو ڏسان تھ مار ماڻھن جا ميڙا لڳا پيا آھن، پر سڀ انڌا – روشنيءَ اڳيان سڀ چچيءَ چمڙي جيان اونڌي ٻوٿ لڙڪيا پيا آھن. حيرت تھ حيرت جي ماڳ پر اچي ڊپ کنيم، سو وٺي پويان پير ڪيم.
ڪئين خلائن جا سمنڊ جھاڳڻ کان پوءِ ڏسان تھ ھڪ اھڙي ھنڌ بيٺو آھيان، جنھن جي ھڪ پاسي کان ٻرندر جبلن جا سلسلا آھن، جن مان لاوو ۽ باھ جا الا پيا نڪرن تھ ٻئي پاسي برفاني پھاڙن جا سلسلا آھن، جن مان ڪئين ٿڌڙا آبشار وھيو پيا ھيٺاھين سبز شاداب وادين ۾ پکڙجن ۽ وچ ۾ ھڪ ديويءَ جو مجسمو آھي، جو پيو آسمان سان ڳالھيون ڪري. پھرين تھ انھيءَ مجسمي کي ڏسي منھنجي لئون، لئون ڪنبي وئي. ڀانيان تھ منھن ڪري ڀڄان. پر نھ ڄاڻ ايتري ھمٿ مون ۾ ڪٿان آئي جو دل جھلي چتائي ڏٺومانس تھ منھنجي حيرت جي انتھا نھ رھي. ھن جي جسم جو ھڪ حصو جيترو ئي حسين ۽ دلڪش ھو تھ ٻيو حصو اوترو ئي بي ھنگم ۽ ڀيانڪ. ھن جي ھڪ اک ۾ خوشي ۽ شادماني ھئي تھ ٻيءَ اک ۾ رنج ۽ ڳوڙھا. ھن جي ھڪ ٻانھن ۾ ھيرن جڙيل سوني ٻانھن پھريل ھئي تھ ٻي ٻانھن ۾ ڪٽيل زنجير لڙڪي رھي ھئي. ھن جي سنھڙي چيلھھ جي ھڪ پاسي کان سونھري تلوار ٻڌل ھئي تھ ٻئي ڪک ۾ زخم ۽ ناسور. ھڪ پير ۾ ڇيرل ٻڌل ھئي تھ ٻئي ۾ ھڪ وڏو واسينگ لڙڪي رھيو ھئس. ھوءَ جتي بيٺي ھئي، اتي ھڪ پاسي گلن جي سيج وڇايل ھئي ۽ ان جي مٿان وڇون ڊوڙي رھيا ھئا. مان خوف کان ٿر ٿر ڪنبي رھيو ھوس. مون اتان ڀڄي وڃڻ ٿي چاھيو، پر الائي اھا ڪھڙي ڪشش ھئي، جو مان ان پٽيءَ تان ڀڄي وڃڻ تان تر جيترو بھ چري نھ سگھيس. جيتوڻيڪ ھن کي ڏسڻ سان مون تي دھشت چڙھيو ٿي وئي، تڏھن بھ نھ ڄاڻ ڪيتري دير تائين مان ھن کي ڏسندو رھيس.
”اي عظيم ديوي! تون ڪير آھين؟“ مون ڊڄندي پڇيو. منھنجو سڏ سڻي ديويءَ مونڏانھن نھاريو ۽ ڪيتري دير تائين ھوءَ پنھنجي ننڊاکڙن نيڻن سان ھڪ ٽڪ ٻڌيو مون ڏانھن نھاريندي رھي، ڄڻ ھوءَ مون کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھجي. مان ھن جي نظرن جو تاب نھ جھلي سجدي ۾ ڪري پيس.
”اي روح! تون مون کي نٿو سڃاڻين؟ مان آدجڳاد کان آھيان. تڏھن اڃا نھ ھن پاسي ھي پھاڙ ھئا نھ ھن پاسي ھي ٻرندڙ جبل. اي روح، بس ائين سمجھھ مان ابتدا آھيان، مان انتھا آھيان، مان راڳ آھيان، مان روڄ آھيان، مان پيار آھيان، مان نفرت آھيان، مان فنا آھيان، مان بقا آھيان، سڀ ڪجھھ مون سان آھي.“
ھن جي آواز ۾ ايترو تھ ڏک ھو جو ڪجھھ دير تھ مون تي سڪتو طاري ٿي ويو. جيئن اوچتو مرليءَ جو آواز ٻڌي نانگ پھرين ڇپ ھڻندو آھي. پوءِ ڪر مٿي کڻي مرليءَ جي آواز ڏانھن وڌندو ويندو آھي. مان سجدي مان ڪنڌ کڻي ڏڪندو ڏڪندو ھن جي ويجھو ويس ۽ روئڻھارڪي آواز سان چيم: ”اي ديوي، مان ھڪ ڀٽڪيل روح آھيان. صدين کان آجھاڳ خلائن کي جھاڳڻ کان پوءِ تو وٽ آيو آھيان. اي عظيم ديوي! مون کي ھنن آجھاڳ خلائن مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ڏيکار.، مان ھن جي اڳيان سڏڪا ڀري روئڻ لڳس.
ديويءَ جي چھري تي ڦڪي مرڪ ڦھلجي وئي. ھڪ اک مرڪڻ لڳس تھ ٻيءَ مان لڙڪ ڪري پيس. ٿڌو ساھ ڀري چيائين:
”اي روح، مان ڏاڍي دکي آھيان. توکان پھرين بھ مون وٽ ڪوڙين روح آيا. ھنن ليلائي مون کان منھنجي پيار جي بيک گھري. مون پنھنجي سٻاجھڙي فطرت سان ھميشھ ھنن کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو. پر مون کي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھو مون کي ڀلجي ويا. ھنن مون کي ڇڏي پنھنجي لاءِ نوان ديوتا تعمير ڪيا. ھنن مان ڪنھن بھ منھنجو ڏک نھ پروڙيو. ھي ڳوڙھا منھنجي اکين ۾ ڏسين ٿو، ازل کان آھن. ڪنھن منھنجي ڳوڙھن کي نھ ڏٺو، ڪنھن منھنجي پير ۾ وچڙيل نانگ ڏسي مون تي رحم نھ کاڌو. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ منھنجي ھٿن ۽ پيرن ۾ زنجير ٻڌي، انھيءَ جا ڪلا ڌرتيءَ جي پاتال ۾ کوڙي ڇڏيا. ھنن پنھنجي ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ قھري ڪان ھڻي، منھنجي ڪک کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو. ھاڻي مون وٽ ڪجھھ بھ نھ آھي. تون مون کان ڇا ٿو گھرين؟ وڃ،ا ي روح وڃي اگھور خلائن جي رنگينين ۾ بانبڙا پاءِ. وڃ..... مون توکي نرواڻ ڏنو آھي.“ ائين چئي ھوءَ سڏڪن ۾ ٻڏي وئي. ھن کي ائين روئندي ڏسي منھنجي دل بھ ڀرجي آئي. مون رڙ ڪندي چيو: ”نھ نھ اي عظيم ديوي! مون کي خلائن جي رنگيني نھ کپي. مون کي نرواڻ نھ کپي. مان توکي دکي نٿو ڏسي سگھان. مان توسان وعدو ٿو ڪريان تھ مان توکي پنھنجي ساھ سان سانڍيندس. مان ماڻھن کي وري ھڪوار تنھنجي آڏو جھڪائيندس. اي ديوي، جيستائين تنھنجي ھٿن پيرن ۾ اھي زنجيرون ۽ تنھنجي ڪک ۾ اھو زخم آھي، مان سک سان نھ سمھندس. اي عظيم ديوي! آئون تنھنجا زخم ڌوئندس. مون تي ديا ڪر، مون کي شڪتي ڏي.“ مان رانڀاٽ ڪري ھن جي اڳيان زارو زار روئڻ لڳس.
ديوي ڪجھھ دير تھ منجھي پئي ۽ پوءِ ڪنڌ جھڪائي مون ڏانھن نھاريائين، ايئن جيئن ڪا وڌوا پنھنجي آبھم ڏانھن نھاري ۽ پوءِ ھن جھڪي مون کي پنھنجي ڇاتيءَ سان لاتو.
۽ اڄ مان انساني روپ ۾ دنيا جي عجائب گھر ۾ حيران پريشان بيٺو آھيان.
جڏھن مون اکي پٽي ھئي تھ منھنجي ڪنن ۾ بمن جا ٺڪاو گونجي رھيا ھئا. آسمان مان باھ جا الا وسي رھيا ھئا ۽ ڌرتيءَ جو سينو ڏڪي رھيو ھو ۽ منھنجي چئني طرف انساني لاش پکڙيا پيا ھئا، جن جو ماس ڳجھون ۽ جھنگلي جانور روڙي رھيا ھئا. موت جي ڏائڻ ڏند ٽيڙيو پئي ٽھڪ ڏنا ۽ زندگيءَ جي ڪنوار سڪرات ۾ ھئي.
مان چپ چاپ ھلندو رھيس.
ھاڻ مان پنھنجي اکين جي جوت وڃائي چڪو آھيان. منھنجي ھٿن پيرن ۾ لرزش پئدا ٿي چڪي آھي ۽ ھاڻ مان سمجھان ٿو تھ منھنجي سفر جو آخري وقت اچي چڪو آھي، جيتوڻيڪ اھا ستر سالن جي زندگي مون گمناميءَ جي غارن ۾ گذاري آھي، سڀني کان جدا، پنھنجو پاڻ کان ويڳاڻو. پر مون کي انھيءَ جو ذرو بھ افسوس نھ آھي، ڇو تھ مون دنيا ۾ اچي پنھنجي جذبن ۽ احساسن کي گڏ ڪيو آھي. مون انھن کي وجود ڏنو آھي. منھنجي ستر سالن جي زندگيءَ جو تاثير ھي مجسمو آھي، جنھن کي مون دنيا جي چوواٽي تي بيھاري ڇڏيو آھي. مون سوچيو ھو، ماڻھو ھن کي تعجب سان ڏسندا، پنھنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جي باري ۾ سوچيندا ۽ مان انھن جو انتظار ڪرڻ لڳس.
ھڪ صبح جو سوير مون پنھنجي جھڳيءَ مان ڏٺو تھ ماڻھن جو ھڪ وڏو ٽولو منھنجي مجسمي جي چوڌاري بيٺو سجدا ڪري رھيو آھي. پوءِ ھو سڀ گڏجي مون وٽ آيا ۽ چيائون: ”اي پوڙھا! ھي بت تو ٺاھيو آھي؟“
مون خوشيءَ مان ڪنڌ ڌوڻي ھا ڪئي.
”اسين انھيءَ کي خريد ڪرڻ گھرون ٿا. ٻڌاءِ گھڻي رقم وٺندين؟“
”مان اوھان جو مطلب ڪونھ سمجھيس.“ مون حيران ٿيندي چيو.
”اسين انھيءَ کي پنھنجي مندر ۾ سجائي رکنداسين ۽ انھيءَ جي پوڄا ڪنداسين.“
منھنجي تن من ۾ باھ ٻري وئي. مون ڪاوڙ مان ڏڪندي چيو: ”مون انھيءَ کي پوڄا لاءِ نھ ٺاھيو آھي. مون ان کي توھان جي ماضي، حال ۽ مستقبل سڃاڻن لاءِ ٺاھيو آھي. توھان سڀ ھتان ھليا وڃو، نڪري وڃو.....“
ھو سڀ وائڙا ٿي ويا ۽ منھنجي حال تي افسوس ظاھر ڪندي چيائون: ”ويچارو چريو آھي.“
۽ مان پنھنجي جھڳيءَ ۾ اچي روئڻ لڳس.
انھيءَ کان پوءِ ھڪ صبح جو فوجين جو ھڪ ٽولو مون کي پنھنجي مجسمي جي چوڌاري ڦرندو نظر آيو. انھن مان ھر ڪنھن پنھنجا پنھنجا دليل ڏنا ۽ چيائون: ”ھي پوڙھو تھ ديوانو آھي. ھن ڪيتري نھ سھڻي مورت کي بگاڙي ڇڏيو آھي“ ۽ انھن جي وڃڻ کان پوءِ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چيلھھ ۾ ٻڌل تلوار غائب ھئي.
انھيءَ کان پوءِ ھڪ نقادن جو ٽولو آيو. ھو ڪجھھ دير تھ منھنجي گھڙيل مجسمي کي پرکيندا رھيا ۽ پوءِ ھنن سڀني مون ڏانھن آڱر کڻي چيو تھ: ”ھي دھريو آھي، ھن کي ماريوس، ھي مادھ پرست آھي.“ مان وائڙو ٿي ھنن ڏانھن ڏسندو رھجيس ويس. ھنن مون مٿان پھڻن جا مينھن وسايا، مان زخمن کان چور ٿي ڪري پيس.
انھيءَ کان پوءِ ھڪ ٻيو مذھبي ٽولو مون وٽ آيو ۽ مون ڏانھن نفرت سان نھاري چيائون: ”تو خدا کي ڇڏي بت پرستيءَ جو سھارو ورتو آھي ۽ خدا توکي ڪوڙھ لڳائي، انھيءَ ۾ ڪينئان وجھي ڇڏيا آھن. تون ڪتي جو موت مرندين ۽ توکي پاڻي ڏيڻ وارو ڪونھ ملندو. ھاڻ ويٺو پنھنجي گناھ جي سزا ڀوڳ.“
سڀ ماڻھو مون کي پنھنجي حال تي ڇڏي ھليا ويا. پوءِ مان ماڻھن کان مايوس ٿي موت جو انتظار ڪري رھيو ھوس.
ھڪ صبح جو، جڏھن سج جو گولو اوڀر مان پنھنجا رنگين شعاع پکيڙيندي نڪتو، مان پنھنجن زخمن کي سيڪڻ لاءِ ٿڙندو ٿاٻڙندو پنھنجي جھڳيءَ کان در وٽ آيس تھ مون ڏٺو تھ منھنجي مجسمي جي چوڌاري ننڍڙا اسڪولي ٻارڙا راند رچايو ويٺا ھئا. انھن مان ھڪ شھزادو ٿيو بيٺو ھو. ھن جي ھٿ ۾ ننڍڙي ڪاٺيءَ جي تلوار ھئي ۽ ھو پنھنجي تلوار کي زور زور سان ھوا ۾ لھرائي چئي رھيو ھو: ”دوستو، ھيءَ پيار جي پري آھي. ھن کي ھڪ وڏي ظالم ديو زنجير ۾ ٻڌي جادوءَ جي زور سان پنڊپھڻ ڪري ڇڏيو آھي. اوھان ھن زنجير کي کولڻ جي ڪوشش ڪريو تھ مان ھن لاءِ ڪوھ ڪاف مان آب حيات ٿو آڻيان.“ ھن جو حڪم ٻڌندي ئي ھن جا ننڍڙا ساٿي زنجير ۾ چنبڙي ويا ۽ شھزادو ڪاٺيءَ جي گھوڙي کي ڊوڙائيندو وڻن جي جھنڊ ۾ گم ٿي ويو.
ھنن اسڪولي ٻارڙن جي راند ڪيتري نھ پياري آھي. خوشيءَ کان منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا ۽ مان پيو سوچيان، ھي ننڍڙا ٻارڙا انھيءَ پربت جھڙي زنجير کي ڪيئن ٽوڙي سگھندا ۽ ڪاٺيءَ جي گھوڙي تي سوار ننڍڙو شھزادو ڪوھ ڪاف مان ڪڏھن آب حيات آڻي ديويءَ کي زندگي ڏيندو؟