دور آڪاسن مان
ڄڻ آتما پرماتما جو سفر ھڪ ڇوڪرو آھي ۽ ٻي ڇوڪري. گلن ڇانيل نيريءَ ساڙھي سان، نيرو تلک لڳل ڇوڪري نماشام ويلا ۾. ٻئي وڏي ماٺار سان ھلندا ٿا وڃن. پساھن جيترو گڏ ھوندي بھ ٻنھي جو پنھنجو پنھنجو منھن آھي. اندر ۾ ڄڻ دوزخ جا دونھان ٿا ڌڳن ۽ ڌاڌا ڪن. ٻئي گاھن ۽ ولڙين ڇانيل پھاڙي پيچرن تان ھلندا ٿا وڃن. ايل ايس ڊي جيھن کيپن سان. جبل وٺو آھي. جيڏانھن ڪيڏانھن پھاڙن مٿان ڄڻ ڪنھن کورواھيءَ جٽڻ چوڙيلڻ جا ٺاھيل ساوا ساوا فراس پھاڙن مٿان ڦھلائي ڇڏيا آھن. ڌرتيءَ جي ساواڻ ڄڻ نڀ ۾ چڳھھ وجھندي، سنڌيا کي لڄائيندي ٿي رھي ۽ الھندي جي ڦاڪ ۾، جتي سڄ وڏي ڌيمي ٺوٻار سان، پرٿويءَ ۽ پولار جي ڦاڪ ۾ سونا سمونڊ ڇڏي ويو آھي، جيڪي ڄڻ پلاٽينم جھڙيون ڇوليون ھڻندا، پرٿويءَ ڏانھن ڏاڍي موھ ڀريل ٻاڦن سان پالوٽجندا ٿا اچن. پينٽ ۾ ھٿ گديو ڇوڪرو ڳالھائي ٿو:
”۽ ھا، ياد آيو. ٻيو شرط...... ٻيو شرط اھو آھي تھ منھنجي موت تي تون منھنجو منھن ڏسڻ نھ ايندينءَ.“
”منظور.“ ڇوڪري ڇلندڙ ڪوسن ڪوسن لڙڪن کي سنڌيا جي ٿڌاڻ سان اکين ۾ ئي سڪائي ٿي ڇڏي ۽ ڏاڍي سيڪسي ٿي ڇوڪري جي چپن مان خارج ٿيندڙ ٽرپل فائيو جي وڻندڙ دونھين کي ڄڻ ساھن ۾ سموئي ٿي ڇڏي ۽ چھري تي آيل ڪروڌ ڀڃي ٿي ڳالھائي:
”اھو ڇو؟!“
”الائي، متان لاش مٿان اچي بيھين. آئون مرڻ کان پوءِ بھ توکي ڏسڻ نٿو چاھيان. سمجھينءَ؟ آءِ ايم ساري.“ ڇوڪرو ڏاڍو لڄيندو ٿي ٿو ڳالھائي.
۽ ھوائن ۾ گھلي ٿو وڃي ٽھڪڙن جو آواز. ائين جيئن ڪو ڪماچھار، اندر جي روڄ ۽ ٽھڪڙن کي ڳنڌي ڳتي، ڪماچ جي تارن کي ھوائڻ ۾ ڌوڻا ڏئي ٿو ڇڏي.
”ڀلا تو وٽ اھڙي ڪھڙي خاطري آھي تھ اڳ ۾ تون مرندين؟ ٿي سگھي ٿو تھ پھرين آئون مران.“
”نھ، جيئڻ لاءِ تھ تو وٽ ڪوڙين بھانا آھن.“
”اوڪي، نھ اينديس. تنھنجي وطن جو سونھن، نھ اينديس.“
”نھ، اھو ڪوڙو قسم آھي. مان وطن ۾ وشواس نھ رکندو آھيان. تر جيترو بھ نھ، ان لاءِ تھ منھنجو ڪو وطن ئي ڪونھي.“ ڇوڪرو ڇوڪريءَ جي ڳل تان نيڻ ھٽائي، دور آڪاسن ۾ پکڙيل سون ۽ پلاٽينم ۾ ڄڻ لڙھندو ٿو وڃي.
”ڇو... تون تھ ڪٽر نيشنلسٽ آھين. تون اِھو ڪنگال آھيم جنھن وٽ وطن کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪينھي.“ ڇوڪري مرڪي ٽوڪيس ٿي.
”ھا، ڪڏھن ھئس. مون نيشنلزم کي آڱر ۾ اڙندڙ منڊيءَ جيان بَن ۾ اڇلائي ڇڏيو آھي. الائي ڪڏھن اڇلائي ڇڏيو ھو مانس. ڪنھن ھلڪڙي سينڌيءَ جي نشانيءَ جيان.“ ڇوڪرو نئون سگريٽ ٿو دکائي.
۽ ڇوڪري سندس ساڄي ٻاچ ۾ تجرا ڏيندڙ ڇلو ۽ ڏھن ئي آڱرين ۾ واچيندي ٿي رھي. ھن کي ڇوڪري جا ھٿ آرٽسٽن جيھا ٿا لڳن. ڊگھين ڊگھين متوازن آڱرين ساڻ. پوءِ بھ ھوءَ ڏاڍو ڪروڌ ٿي ڪري:
”تون پاڻ کي سمجھين ڪوھ پيو؟ ھڪ ڀيرو جنھن شيءِ تان منھنجو آرو کڄي وڃي، اھا شيءِ جي ٻيھر منھنجي آڏو اچي وڃي تھ مان گھٽجڻ لڳندي آھيان. منھنجو ساھ منجھڻ لڳندو آھي.“ ڇوڪري ساھت ۾ مونجھھ ٿي محسوس ڪري.
”تھ ڇا آئون پاڻ کي اھڙي شيءِ سمجھان؟“
”آئون تھ ھڪڙي ڳالھھ ڪري رھي آھيان. پر تون پاڻ کي وچ ۾ ڇو پيو آڻين؟ مون تھ ڪڏھن بھ تو مٿان آرو ڪين ڪيو ھو. الائي تون پاڻ کي..... تون پاڻ کي ڪھڙا دلبا ۽ فريب پيو ڏين؟“ اھا ڳالھھ چوندي ڇوڪري ساھن ۾ مونجھھ ٿي محسوس ڪري.
”دلبو! ھا.... مان ڪڏھن ڪڏھن الائي ڇا ڇا سوچيندو آھيان. دل تان لھي وڃڻ جي ڳالھھ! مون کي رڳو ان ڳالھھ جي خبر آھي تھ مان ناتر ڊيم جو ڪٻڙو نھ آھيان جو جيڪا عورت مون کي پسند ئي نھ ڪندي ھجي، ان جي لاش سان وڃي سمھي رھان، موت جي ننڊ. اھڙي ڪنھن سونھن جو دلبو پاڻ کي ڏئي نٿو سگھان.“
”تون تھ رڳو لاشن جون ڳالھيون ٿو ڪرين! توکي تھ ڳالھائڻ بھ ڪين ٿو اچي. اھي آھن لکڻ ۽ آداب اوھان جي ڳالھائن جا. ائين ڳالھائبو آھي ڇوڪرين سان؟ مان..... مان ٽريڊيشنل لائيف گذاريندڙ آھيان. ڪم الون، گو الون. ڪنھن سان مطلب ئي نھ. ما۾ھو پنھنجو پاڻ ۾ سٺو لڳندو آھي. مان تھ فقط پنھنجو پاڻ سان پيار ڪندي آھيان.“
ڇوڪري ڳالھائيندي اچانڪ ڇوڪري جون موھ ڀريل اکيون پنھنجي ارھن جي اڀار مٿان ڏسي، حياءَ کان ھيڊي ٿي وڃي ٿي. ھوءِ جلدي ساڙھيءَ جي پلو سان ڍڪ ٿي ڪري ۽ روئڻ جھڙي ٿيو ٿي وڃي.
”تو منھنجي ڳالھين مان انسلٽ محسوس ڪئي آھي؟“
”ٻيو ڇا!....“ ڇوڪريءَ جي اکين ۾ لڙڪ لرزي ٿا وڃن.
”ساري، باءِ گاڊ ويري ساري.“
ماٺار
ھن دشا کان بھ ماٺار، ھن دشا کان بھ ماٺار ۽ دور ڪو ڳنوھار، گايون ڪاھيو، ولڙو ڳائيندو ٿو وڃي.
”ٻي ڳالھھ...... ڊڄان ٿو متان خراب لڳئي.“
”اڄ جو ڪجھھ چوڻو آکڻو اٿئي، کلي چئو.“
”مون پئي چيو، يورپيئن سوسائٽيءَ ۾ ڪي جوڙا ھڪ ٻئي کي طلاق ڏيڻ ويل وڇوڙي جي ڪس ڪندا آھن. ھڪ ٻئي کي ڏاڍي موھ سان چمي الوداع ڪندا آھن. الائي ڇو، مون کي يورپيئنز جي اھا ڳالھھ ڏاڍي وڻندي آھي. الاھين آمريڪينز ۾ تھ ائين نھ ڪرڻ آئوٽ آف ايٽيڪيٽ آھي.“
”چوڻ ڇا ٿو گھرين!“ ڇوڪري گھوماٽين ۾ اچي ٿي وڃي.
”آئون ڊڄان پيو. تنھنجي من ۾ تھ اھڙي چاھنا ڪانھين نھ.“
”اوھ سنڀال....“ ڇوڪري اچانڪ ٿيلھو ٿي ڏئيس. ڇوڪرو حيرت مان ڏسيس ٿو.
”ساري، تنھنجي پيرن ھيٺان مينھن وساڙو ٿي آيو. ڏس نھ، جھڙو ڪنھن ول جو ڳاڙھو رتو گل.“ ڇوڪري مينھن وساڙي کي تري تي کڻي، ڏاڍي موھ مان نھاريندي وري ھوريان ھوريان گاھ مٿان ڇڏي ٿي ڏئيس.
”ٿئنڪ يو..... مون الائي ڇا پئي چيو؟...... ھون – او ھا – چاھنا...... آئون ان ڳالھھ کان ڊنس پئي.“ سندس ڳالھھ تي ڇوڪريءَ جو مک ڳاڙھو، سائو، ھيڊو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ھوءَ زوريان ٿي ڳالھائي:
”واٽ آر يو ٽاڪنگ؟!......“
”مون..... مون ان لاءِ پئي چيو، متان تنھنجي من ۾ اھڙي ڪا چاھنا نھ پئدا ٿي وڃي.“
”ڇا ڇا ڇا!....... متان ڪا اھڙي چاھنا تون ڪرين. منھنجي ڪا تو سان شادي ٿيل آھي يا اڳواٽ اسان ۾ اھرو ڪو سرسلو ھو بھ ڇا؟ مون آرسيءَ ۾ پاڻ کان سواءِ ڪنھن کي بھ ڪس نھ ڪئي آھي. جينٽل مين، پنھنجا اکر واپس وٺ.“
”ساري، ٿئنڪز.“
ماٺار
آدجڳاد جون پيڙائون
۽ دور پھاڙيءَ مٿان ڪبوترن جو جوڙو، آڪاس ۾ ڄن ڪٿڪ نچندو انڊلٺ جيھن پولارن ۾ اڏندو ٿو وڃي.
”موٽون؟“
”ھا موٽن گھرجي.“ ٻئي ٽرن ڪن ٿا. اوڀر ۾ گگن نيرو نيرو آھي. ڪيپسين سمونڊ جھڙو نيرو. دور ھل اسٽيشن ڏانھن مسيت جو اڀو منارو ڄڻ انسان جي عظمت جي ساک ڏئي رھيو آھي. ڇوڪرو اٿاھ اونھون ساھ ڀري، لوٺين اکين سان آڪاس جي نيري ۽ ڌرتي جي ڪاري ڦاڪ جو سنگم ڏسندو ٿو رھي.
”شھلا.“ ڇوڪرو موٽندي، وري نئون سگريٽ ٿو دکائي.
”چئھ.“
”ڪڏھن ڪڏھن کل اچي ويندي آھي.“
”ڇا تي؟“ ڇوڪري ڪاوڙ مان پينٽ جي پانچن ۾ نھاريندي ٿي وڃينس.
”سوسائٽي تي، شادين ۽ طلاقن تي!...... ڇا توکي اھو سڀ ڪجھھ اچرج جوڳو نھ لڳندو آھي؟“
”ڇو نھ – شاديءَ جي اھميت خبر ملان کي نھ گھوٽ ڪنوار کي ھوندي آھي.“
”ھا – مان سوچيان پيو، ماڻھو پنھنجي زالن کي طلاق ڪيئن ڏئي ڇڏيندا آھن؟“
”ڇو؟...... طلاق ڏاڍو نيچرل سسٽم آھي ۽ انساني تاريخ ۾ گھڻي کان گھڻيون طلاقون مردن ڏنيون آھن. ڪاري ڪاريءَ جي تھ ڳالھھ ئي پري آھي.“
”شايد فيوچر ۾ ميجورٽي عورتن جي ٿي وڃي.“ ھو سگريٽ مان سگريٽ دکائي ٿو.
”فيوچر ڇا، ڌرتيءَ تي سدائين عورتون گھڻائيءَ ۾ آھن.“
”ھو ڏس، سمونڊ مٿان ڏکڻ ۾ ڪارونڀار آھي. اٺي جي ھوا، مينھن کي اڏايو کڻيو پئي اچي.“
”ھا – تنھنجي ساڙھي پسي ويندي.“ ھو ڏاڍو ڏکوئڻو ٿي وڃي ٿو.
”ڇو نھ، مون وٽ جوڙا ئي ٻھ آھن.“
”سچ ٻڌاءِ، مون توکي ڏکوئيو تھ ڪينھين؟ سچ مون کي نھ ٿو اچي تھ رسبو ڪيئن آھي؟ سدا لاءِ ڪنھن ساٿي کان وڇڙي وڃڻ لاءِ ڇا چئبو آھي؟ اسان وٽ تھ ڪي مينرز ئي ڪينھن.“
”ھا – مون پاڻ تو لاءِ ائين پئي سوچيو. سچ ٻڌاءِ، دکوئجي تھ نھ ويو آھين؟“
”نھ نھ، مان وڃان پيو، الائي ڪيڏانھن، ڏاڍو ڏور، ڇا چمي ڏئي موڪلايون؟......“
”نو سر، ٿئنڪيو.“
”گڊ باءِ.“ ڇوڪرو ڇڄي ٿو وڃي، ٻئي وڇڙي ٿا وڃن.
۽ سنھڙي سنھڙي گاھ مٿان ھيکل مينھن وساڙو سرندو ٿو وڃي، اڄاتل انڌين ڏسائن ڏانھن.