ساروڻا سارو جيون
”الا......! ڪھڙو ڪل يگ اچي ويو آھي. ڪھڙي نھ ھاءِ واويلا اچي وئي آھي جو ماءُ پنھنجي ٻار جو چھرو پڙھي نھ سگھي!...... ڀلا اھا ڪھڙي نھ رت ٽھڪائيندڙ ڳالھھ آھي. جڏھن ھڪ ٻچڙيوال بيروزگار ماڻھو، پنجويھارو کن روپيا ڪمائڻ لاءِ (جن جو پڪو آسرو نھ ھجي) سج اڀرڻ کان اڳي سھي سنڀري نڪري ۽ دڳ دڳ تي ارجي وڃنس بانڊ قسم جا وحشي ۽ خونخوار ماڻھو، چھرن تي ميڪ اپ جا تھھ چاڙھيل جڙتو، کوکلا، اڻ سڌيل ماڻھو ۽ ھو جڏھن واتي ويڻي، ھٿيارن توڙي بي ھٿيار مقابلا ڪندو گھر پھچي تھ گھر جو ھر ھڪ ماڻھو، وات ۾ ارڙ نانگ واري زھريلي ڄڀ سان ڦوڪارا ڏئي رھيو ھجي:
”ڇوريون، آيو ٿو ايمڻا کدڙو، ھاڻ مينھون ڏھي ڪي ڏھ ٻارنھن سير کير پياريوس.“ ماءُ جون ڄڀيون:
”ڳئون ۽ مينھن تھ ڦنڊيون تي ڍرڪي مري ويون. پاڙي وارن جي ڪا ڪتي ڏھي ڏيوس.“ پيءُ جا نفرتن ٻڏاڻا زھريلا ڦوڪارا:
”ٻڌ، ڳائين تھ علڻ فقير کان بھ سٺو ٿو، يار ڌڪڙ وڄائي ڌيئن کي ناچ گانو ڇو نھ ٿو سيکارين. قرآن ڳائڻ کان وٺي..... تائين جي ٻٽي ڪمائي ملندءِ.“ ننڍڙي ڪمائو ڀاءُ جا ننڍڙا وڇونءَ جيھا ڏنگ.
۽ پنجويھن سالن کان ٻڌندو اچي، ڪڏھن ڪڏھن دل ايڏو تھ دھڪو کائيندو اٿس جو ڌرتي پيرن ھيٺان نڪري ويندي اٿس. ھو ڊھي، وڏا ڦٿڪاٽ ڪري، زور زور سان ٻانھون ڇنڊيندو آھي. بولاٽيون کائي، لانگ جمپ ھڻي ھڻي وڻن ۾ لڙڪي، مٿي کي چرين جيان جھٽڪا ۽ رسي ٽپڻ جي ڏانو سان ايڪسرسائيز ڪري، ٻڏي ويل دل کي وري ڪجھھ ڏينھن ساھ تڳائڻ جھڙو ڪري ڇڏيندو آھي. جيئڻ لاءِ ۽ مات نھ کائڻ لاءِ ھو ڳوڙھا اکين کان اچڻ بدران ڏوڪي ويندو آھي، يا ڪڏھن ڪڏھن رت جي الٽي ڪري، ھانو کي سڌير ڪري ڇڏيندو آھي. ڏک رڳو ان ڳالھھ جو ٿيندو آھي تھ ھن جي سامائجندڙ، شاعر ڌيءَ رت جي الٽي ڇو نٿي ڪري؟... بس ھوءَ رڳو مٿي کي ھٿ ڏئي، تارونءَ تي دلي جا ٿڌا پاڻي پئي وجھندي آھي، ناڪيلي بند ڪرڻ لاءِ. پيءَ ڌي بھ ھڪ ٻئي کان رٺاڻا لڳندا آھن. سڄي ڳوٺ ۾ ھر ڪنھن سان مرڪي ڳالھائين، رڳو ھڪ ٻئي اڳيان لڄيندا ۽ اواڪ ھوندا آھن. عاشق معشوق جيان ھڪ ٻئي کي ڏرا ڏئي ڳاڙھيون ٿي ويل اکين ۽ لڪ لڪوٽيءَ سان ڏسندا آھن. ڪڏھن ڳالھائيندا آھن تھ ھينئن:
”ڊيڊي، ڀلا ڪنن ۾ ڪپاھيون دٻي دٻي وجھڻ سان بھ آواز ڇو ٻڌڻ ۾ ايندا آھن، اڻوڻندڙ آواز؟!..... دل ڌوڏاريندڙ؟“
”ان لاءِ تھ ھر سنگيت جي دنيا اسين يگن کان وڃائي ويٺا آھيون. پر تون عجيب ڇوڪري آھين. اھي ناڪيلي ڏيندڙ گيت ڪنھن لاءِ ٿي لکين؟“
”ڇا گيتن سان سر سنگيت موٽي نھ ٿو سگھي؟“
”پرٿويءَ جي اتھاس ۾ تھ ائين ڪڏھن بھ ناھي ٿيو.“
”ان جو ڪارڻ؟“
”ڪارڻ..... شايد ان جو ڪارڻ فقط ھڪڙو ئي آھي. فائن آرٽ جي دنيا جا ماڻھو ڏاڍا ھيڻا ۽ گيدي ٿيندا آھن. ساري ڄمار سڪارن لاءِ ڦٿڪي ھانءِ ڀارا ھڻي روئندا آھن، پر پوکي ھڪ ٻوٽو بھ نھ سگھندا آھن. اڃا تھ اسان کي ايتري بھ ڪل ڪانھي تھ باھ ڪيئن اجھائجي، يا دشمن تي وار ڪيئن ڪجي؟“
”ڪڏھن ڪڏھن ٿڪجي دل چوندي آھي تھ وڏي واڪ ڳالھائجي.“
”ڪنھن سان؟ ڇا ڀتين سان؟ جڏھن دل ڪنھن ردي ڦوڪڻي جيان ڦاٽڻ جون ڪري تھ ماڻھوءَ کي گھرجي تھ ڳالھائجي: وڻن ٽڻن سان، پکين، نوريئڙن سان، ٿڃ ڌائڪ ٻارڙن سان، پينار ٻارڙين ۽ پوڙھين سان. ٻين جا دک ٻڌڻ سان ئي ماڻھو سڪتيوان ٿيندو آھي. پر تون تھ صفا اٻوجھھ آھين. ھي جو پنھنجو شينھن جيڏو موتي ڪتو آھي، تون تھ ان کي ڪڏھن ٻچڪار ڪانھ ڏين.“
ھڪدم بيبي خوش ٿي وڃي ٿي.
”او ڊيڊي، حيرت آھي، قرآن! پنھنجو ڪتو ماڻھن کان بھ وڌ سياڻو آھي. ڏس نھ، ڪالھھ پاڙي جي ڇوڪريءَ تي گگون وھائيندڙ ڇتي ڪتي حملو ڪيو. ٻارڙي جي دانھن تي ٽپو ئي ھڪ ڏنائين ۽ پوءِ ٻنڌ تڏھن ڪڍيائين، جڏھن اھو آفت جيڏو ڪتو مري نھ ويو.“
”ڇو نھ، منھنجو پاليل آھي. ھن نگريءَ ۾ ڇتو ڪتو جيڪو بھ ايندو، ماري ڇڏيندس. منھنجي ڪتي جو سڀ کان وڏو ڪم ننڍڙن ٻارڙن کي اسڪول ڇڏي اچڻ ۽ وٺي اچڻ آھي.“
کن لاءِ ٻنھي ۾ ماٺار اچيو وڃي. اھڙي ماٺار، جنھن ۾ رڳو سٺيون سوچون ئي اچي سگھن ٿيون.
”دل ٿي چوي اڄ شاعري ڪجي.“ ڌي خوش ٿيو تارن ڀريل آڪاس ۾ نھاريندي ٿي اچي.
”ٻڌ، سڄي دنيا جا مزور اسٽرائيڪون ڪندا آھن، عجيب عجيب اسٽرائيڪس. اسين بھ تھ ھڪ قسم جا مزور آھيون. ٻيو ڪو ساٿ ڏئي يا نھ ڏئي، اسين ٻئي پين اسٽرائيڪ ڇو نھ ڪريون، فائوٽين پين اسٽرائيڪ.“
”ساري ڊيڊي، اھا تھ ڪا شاندا ڳالھھ ڪانھ ٿي. اسٽرائيڪس پراڻو فارمولو آھن پنھنجيون ڳالھيون مڃائڻ جو. اسان جو ڪم زندگي کي وڌائڻ جو آھي، بھشت بنائڻ جو. اسٽرائيڪ بدران اسان کي تھ اڃا وڌيڪ لکڻ گھرجي.“
”ھون... الائي شايد تون سچي ۽ آئون غلط ھجان.“
ھاڻ ھيئن ڪر، وڌيڪ ڏاھپ چڱي ڪانھي، سڄي عمر آھي ۽ لکبو ڪڏھن ڪڏھن آھي، جڏھن مرضي اچي. اوڪي، ھاڻ ھل پنھنجي بستري تي.
ڌيءَ آخر موڪلاڻي واري مرڪ سان پيءُ ۾ نھاري ٿي ۽ پوءِ ٿڌو ساھ ڀري، ننڍڙي ڀائڙي کي ڪڇ ۾ ڀري، سمھڻ لاءِ اکيون ٻوٽي ٿي ۽ پيءُ پنھنجي وڻ ھيٺان، آرام ڪرسي تي ويٺو آسمان ۾ الائي ڇا ڇا واجھائيندو ٿو رھي.